GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

چؤماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي، سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جا ضلعا سخت متاثر ٿيا، ٻوڏ سبب3 ڪروڙ 33 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ۽ ٻوڏ متاثرن جو انگ ڪيترن ئي ملڪن جي آبادي کان به وڌيڪ آهي: شازيه عطا مري

image

ڪراچي-20 سيپٽمبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه عطا مري چيو آهي ته چؤماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، جنهن سبب سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جا ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ٻوڏ سبب3 ڪروڙ 33 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ ٻوڏ متاثرن جو انگ ڪيترن ئي ملڪن جي آبادي کان به وڌيڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪوبه ملڪ موسمياتي تبديليءَ جي تباهي کان بچي نٿو سگهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جن ملڪن جو موسمياتي تبديليءَ ۾ ڪو به ڪردار ناهي انهن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. موسمياتي تبديليءَ پاڪستان تي تباھ ڪندڙ اثر ڇڏيا آهن. پاڪستان جو ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي جڏهن ته ڪاربان جي اخراج ۽ ڪلائيميٽ چينج جا ذميوار امير ۽ ترقي يافته ملڪ آهن. اهڙن ملڪن کي اڳتي وڌندي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آخرڪار ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ دنيا جو ڌيان پاڪستان ڏانهن آيو آهي ۽ عالمي ادارن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته گڏيل قومون، ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، ورلڊ فوڊ پروگرام ۽ ٻيا عالمي ادارا ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پهچي متاثرن جي ڀرپور مدد ۽ امداد ڪئي آهي، جنهن لاءِ اسين انهن جا ٿورائتا آهيون. وفاقي وزير شازيه مري چيو ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، پر ٻوڏ جون تباهيون ايتريون ته وڏيون آهن جو ڪنهن به حڪومت لاءِ اهڙي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ مشڪل آهي. ٻوڏ متاثرن جي بحالي وفاقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان پهرين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي وئي. وزيراعظم ميان شهباز شريف ٻوڏ متاثرن کي في خاندان 25 هزار رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جي شروعات 19 آگسٽ تي بلوچستان صوبي کان ڪئي وئي ۽ بعد ۾ سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب صوبن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي متاثرن ۾ امدادي رقم ورهائي وئي ۽ هن وقت تائين 10 لک 21 هزار کان وڌيڪ خاندانن ۾49. 25 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. وفاقي وزير شازيه مري چيو ته بلوچستان صوبي جا 30 ضلعا، سنڌ صوبي جا 25 ضلعا، ڏکڻ پنجاب جا 3 ضلعا ۽ ڪي پي ڪي جا مختلف ضلعا تازو برساتن ۽ ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيا آهن اتي وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان متاثرين جي مدد ۽ امداد ڪري رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. سنڌ اندر ڪي اين شاهه، ميهڙ، قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻيا علائقا به سخت متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ کان پوءِ انهن علائقن ۽ ماڻهن جي بحاليءَ جو مرحلو آهي، جيڪو هڪ وڏو چئلينج آهي. انهن علائقن ۾ اڃا تائين ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، جنهن سان مليريا، چمڙي جون بيماريون ۽ جانور پڻ مري رهيا آهن.هن چيو ته اسان کي مستقبل ۾ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ تباهي لاءِ تيار رهڻو پوندو ان لاءِ وڏي رقم ۽ وسيلا گھربل آهن، جنهن لاءِ اسان کي عالمي ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ رجوع ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي مليل 25 هزار رپين جي امدادي رقم مان غيرقانوني ڪٽوتي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ان تي شروع کان زيرو ٽالرنس واري پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان متاثرن ۾ ورهايل رقم مان ڪٽوتي جون شڪايتون ملڻ تي سخت ڪارروائي ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرايون آهن. هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ امدادي رقم مان ڪٽوتي جي شڪايتن تي ڪل 48 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن ۽ وڏي انگ ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيئن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي امداد رقم جي ورهاست بايوميٽرڪ سسٽم تحت ڪئي ويندي آهي ان ۾ سائبر ڪرائم جو خدشو پڻ موجود هوندو آهي. ان ڪري اسان ايف آءِ اي کان مدد گھرندي 8 کان 10 ڪٽوتي جون اهڙيون شڪايتون ملڻ تي ايف آءِ اي جي مدد سان غير قانوني ڪٽوتي ڪندڙن کي گرفتار ڪرايو ويو آهي ۽ انهن کان امدادي رقم جي رڪوري پڻ پئي وڃي. ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته 2020ع جي ٻوڏ متاثرن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا دروازا نه کوليا ويا، پر اڄ وفاق ۾ هڪ عوام دوست حڪومت آهي، جنهن بنا ڪنهن فرق جي ٻوڏ متاثرن کي رليف فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته 15 سيپٽمبر تي ڊينگي جا 426 ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ انتظاميا گڏجي ڪم ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران انهن ڪيسن جو انگ گھٽجي 221 ٿي ويو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج سميت پاڪستان جا سمورا ادارا ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ روزاني جي بنياد تي ڊينگي خلاف اسپري ڪيو پيو وڃي. سنڌ جا اڪثر ضلعا 780 ملي ميٽر برسات سبب سخت متاثر ٿيا آهن. جن کي مدد فرام ڪرڻ جي لاءِ اسان عالمي سطح تي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں