GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان سٽيزن پورٽل مديني جي رياست طرف هڪ اهم قدم آهي: وزيراعظم

image
APP39-041220 ISLAMABAD: December 04 - Prime Minister Imran Khan addressing the ceremony regarding the two years performance of Pakistan Citizen Portal. APP

اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سٽيزن پورٽل مديني جي رياست طرف هڪ اهم قدم آهي، ان سان ادارن، بيوروڪريسي ۽ وزيرن جي ڪارڪردگي جانچڻ ۾ مدد ملي رهي آهي، مقامي حڪومتن جي نئين نظام سان انقلاب ايندو ۽ عوام جا مسئلا انهن جي پنهنجي شهرن ۾ حل ٿيندا، عوام کي اپيل آهي ته اهي پنهنجو پاڻ کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ان پورٽل کي وڌ کان وڌ استعمال ڪن. پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٽيم جنهن عزم سان هي يونٽ هلايو آهي اها مبارڪباد جي مستحق آهي. هن پورٽل سان عوام کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان هڪ نئين سوچ اڀري. وزيراعظم چيو ته اها بدقسمتي رهي آهي ته جنهن وقت آزادي ملي ته ان کان اڳ هتي حڪومت ڪندڙن وانگر اسان جي حڪمرانن جي ذهنيت به نه بدلي. اهي اهو سمجهندا رهيا ته انگريز جي جڳهه انهن وٺي ڇڏي آهي. انگريز ٻئي ملڪ مان اچي هتي غلامن تي حڪومت ڪري رهيا هئا پنهنجي ملڪ جي شهرين سان انهن جو رويو ٻيو جڏهن ته هتي مختلف هو. وزيراعظم چيو ته انگريز جا پنهنجا شهري بااختيار ۽ ٽيڪس ڏيندڙ هئا ان لاءِ انهن کي ٻئي طرز جو رويو درپيش هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سٽيزن پورٽل قائم ڪرڻ مديني جي رياست طرف سفر جو اهم قدم آهي، مديني جي رياست دنيا جي تاريخ ۾ اها پهرين فلاحي رياست هئي جتي ڪمزور، يتيم ۽ ضعيف سڀني جي ذميواري رياست کنئي. بادشاهت ۾ اهڙو رجحان نه هوندو هو پر حڪمرانن کي ماڻهن کان ووٽ وٺڻا هوندا آهن، پاڪستان ۾ به جمهوريت جي ڪري تبديلي آئي آهي، اها حڪومت جي ذميواري آهي. انهن جا ڪم ڪرڻ به حڪومت جي ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هيستائين 30 لک ماڻهن پورٽل استعمال ڪيو آهي، ان سان اسان کي اهو پتو پوي ٿو ته حڪومت يا اداري جي خلاف ڪيتريون شڪايتون آهن. وزيراعظم چيو ته سمورا مسئلا مقامي حڪومتن جي ناڪامي جي ڪري آهن اسان جيڪو مقامي حڪومتن جو نظام آڻي رهيا آهيون ان سان انقلاب ايندو، ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي نمائندن جي چونڊ پاڻ ڪندا، دنيا ۾ شهري مسئلا حڪومت حل ڪندي آهي، ڪراچي پشاور سميت وڏن شهرن ۾ سڌوسنئون چونڊون ٿينديون ۽ اتي پنهنجون حڪومتون ٺهنديُون، انهن جا مسئلا پنهنجي شهر ۾ ئي حل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستان جو اثاثو آهن، انهن جون مشڪلاتون ۽ مسئلا سٽيزن پورٽل ذريعي حل ٿي رهيا آهن. هن اوورسيز پاڪستانين کي چيو ته اهي سٽيزن پورٽل جو استعمال وڌ کان وڌ ڪن. وزيراعظم چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ خاص طور تي ٿاڻيدار ۽ اسٽنٽ ڪمشنرن پاران پئسا وٺي ڪم ڪرڻ جو مسئلو درپيش آهي، جيڪڏهن اهي ماڻهو ڪنهن شهري کان رشوت وٺن ٿا ته اهو فوري طور تي سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪري ان کان جواب وٺڻ اسان جو ڪم آهي، ان سان عوام بيوس نه هوندي. وزيراعظم چيو ته وڌيڪ ماڻهو سٽيزن پورٽل جو استعمال ڪن، ان تي حڪومت جا هيستائين ڪي به فنڊز ناهن لڳا، ان کي وڌيڪ بااختيار ۽ مضبوط بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم جي حيثيت سان ان سسٽم مان مون کي اهو ڄاڻڻ ۾ آساني رهندي ڪهڙو ادارو يا وزارت ڪم ڪري رهي آهي، ڪهڙو بيوروڪريٽ يا وزير ڪم ڪري رهيو آهي ان سان جزا ۽ سزا جو نظام آسان ٿيندو ۽ ان جو احتساب ڪري سگهنداسين. انهن جي ترقي ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي ۾ آساني ٿيندي. وزيراعظم چيو ته جنهن آفيسر جي ڪارڪردگي هاڻي بهتر نه هوندي ان کي ٻي جاءِ تي مقرر ڪرڻ بدران فارغ ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته سٽيزن پورٽل سان عوام جا اختيار وڌندا ۽ انهن جو آواز ٻڌو ويندو. ان کان اڳ وزيراعظم کي پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. سينيٽر فيصل جاويد اسٽيج سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏنا.

مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados
متعلقہ مضامین
مزید خبریں