ڪراچي – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ صحت جي سهولتن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٽيلي ميڊيسن ۽ ٽيلي هيلٿ ڪيئر ??لي?? فارمز کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڊيجيٽل ??لي?? فارمز ماڻهن کي صحت جي حوالي سان وقت سر مشورا ڏيڻ کانسواءِ ڏورانهن علائقن تائين بهتر خدمتن جي پهچ کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾صحت ڪهاڻي جي اهتمام هيٺ ”عورت ڊاڪٽرن جي انٽر پرينيورشپ ۽ ميڊيڪل ليڊرشپ“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صحت ڪهاڻي جي سي اي او ساره سعيد خرم، صحت ڪهاڻي جي سي اي او ۽ شريڪ باني ڊا??ٽر عفت ظفر ۽ ٽيلي هيلٿ ڪيئر سروسز جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ٻين طبي ماهرن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته قومون تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ جي ڪري ناڪام ٿيون، پاڪستان ک?? بيمارين جي علاج بدران بيمارين کان بچاءُ تي وڌيڪ ڌيا?? ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ملڪ ۾ 28 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته اسان جي ملڪ ۾ عورتن کي مرڪزي ڌارا جي اقتصادي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ معاشري ۾ مختلف رڪاوٽون درپيش آهن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ ۾ ادارن جي ڪردار تي زور ڏنو. صدر ڊا??ٽر عارف علوي عورت ڊاڪٽرن جي لاءِ بهتر موقعن سان گڏ معاشري کي تبديل ڪرڻ ۾ صحت ڪهاڻي جي فعال ڪردار کي ساراهيو. هن ٽيلي ميڊيسن ۽ ٽيلي هيلٿ ڪيئر سروسز تي ان جي ڌيان کي ساراهڻ سان گڏوگڏ عورتن کي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو رستو فراهم ڪرڻ ۾ پڻ صحت ڪهاڻي جي ڪردار کي تسليم ڪيو. صدر مواصلات معاشري ۾ بهتري آڻڻ کي اهم قرار ڏيندي ذهني صحت ۽ تندرستي ۽ صحت ۽ ان جهڙن ٻين مسئلن جي حل طرف هڪ قدم طور گهر تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته حڪومت دماغي صحت جي چئلينج کي منه?? ڏيڻ جي لاءِ ”همراز“ جي نالي سان هڪ ايپلي ڪيشن جي ذريعي هيلپ لائين شروع ڪئي آهي ۽ اهي ماڻهو جيڪي ذهن?? بيماري يا ڪنهن به ڊپريسن جي حالت کي منهن ڏئي رهيا آهن اهي ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته همراز گذريل حڪومت جي دور ۾ لانچ ڪيو ويو هو. صدر سڄي پاڪستان ۾ طب جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن ۾ شيلڊز پڻ ورهايون. صحت ڪهاڻي جي سي اي او ڊا??ٽر ساره سعيد خرم عورت ڊاڪٽرن جي عورت انٽرپرينيورشپ ۽ ميڊيڪل ليڊرشپ جي نمايان ڪاميابين کي اجاگر ڪندي چيو ته صحت ڪهاڻي جي شروعات عورت ڊاڪٽرن کي ملڪ جي خدمت جو موقعو فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو هو. هن چيو ته صحت ڪهاڻي – ڊيجيٽل هيلٿ ڪيئر آرگنائيزيشن پنهنجي ايپ جو استعمال ڪندي نه رڳو مريضن کي پاڪستان ۾ ڊاڪٽرن سان ڳنڍي ٿي پر ان جون سڄي ملڪ ۾ اي ڪلينڪس پڻ آهن جيڪي غريب ڪميونٽيز جي خدمت ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته اهو ??لي?? فارم انفرادي مشاورت، ڪارپوريٽ ۽ ذهني صحت جي حل، آن لائين تشخيص ۽ اي فارميسي فراهم ڪري ٿو.