GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

افغانستان سان اسان جو مضبوط اسٽريٽجڪ، سياسي، سماجي ۽ معاشي لاڳاپو آهي: چوڌري فواد حسين

image

لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان سان اسان جو مضبوط اسٽريٽجڪ، سياسي، سماجي ۽ معاشي لاڳاپو آهي، ڪيترن ئي ملڪن جي ڳجهن ادارن جي سربراهن ڪابل جو دورو ڪيو آهي، انٽيليجنس جي سطح تي غيرروايتي رابطا برقرار رکيا ويندا آهن، ڀارت کي افغانستان ۾ ذلت ۽ رسوائي کڻڻي پئي، ڀارت جو افغانستان ۾ ڪو ڪردار نه آهي، بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي کانپوءِ به ڀارت خوف ۾ ورتل آهي، سيد علي گيلاني والاريل ڪشمير جي آزادي جو ستارو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار ۽ فاتحه خواني کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڀارت حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت جي جيڪا بي حرمتي ڪئي آهي ان جي وزيراعظم عمران خان سخت مذمت ڪئي آهي. هڪ 92 سالن جو ڪشمير مجاهد موت کانپوءِ آزادي ۽ حريت جي علامت آهي. ڀارت ايترو خوفزده آهي جو هو ان جي عوامي جنازي جي اجازت ڏيڻ کان به ڊڄي رهيو آهي، نريندر مودي جيڪو هٽلر کان متاثر آهي ان جون ٽنگون ڏڪي رهيون آهن ۽ هڪ ميت کي ان جي خاندان جي حوالي نه ڪيو ويو. هن چيو ته سيد علي گيلاني ڪشمير جي آزادي جو ستارو آهي، ڀارت سامراج جي هڪ دهشتگرد فلاسفي رکندڙ پارٽي ۽ دهشتگردي جي سرپرستي ڪندڙ ليڊر جيڪو ڀارت تي مڙهيل آهي جنهن جو نالو نريندر مودي آهي اهو ايترو بزدل آهي جو هو آزادي جي هڪ ستاري کي برداشت نه ڪري سگهيو. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان جي سخت مذمت ڪن ٿا. اسان ڪشمير جي ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان شيهي جي ديوار وانگر توهان جي پٺيان بيٺل آهيون، پاڪستان ڪشمير جي لاءِ ٽي جنگيون وڙهيون آهن، اسان جا قبرستان شهيدن سان آباد آهن جن ڪشمير جي لاءِ پنهنجو رت ڏنو آهي، ڪشمير جي 7 ڏهاڪن تي ٻڌل جدوجهد آهي جنهن کي اسان سلام پيش ڪريون ٿا ۽ اسان ان جو عملي حصو به آهيون. هن چيو ته افغانستان جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ خاص طور تي ڀارتي ميڊيا تي حيران آهيان. هونئن ته اسان جو ڀارت سان واپار بند آهي پر آئون ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ اها تجويز پيش ڪندس ته پاڪستان کي ڀارت کي ”برنال“ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ڇو ته اتي تمام گهڻي ساڙ آهي. پاڪستان جي آءِ ايس آءِ چيف ڪابل جو دورو ڪيو آهي ان تي تمام گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ڇا ان کان اڳ آمريڪا جو سي آءِ اي چيف اتي نه ويو، ترڪيءَ ۽ قطر جي انٽيليجنس چيف ڪابل جو دورو نه ڪيو؟ پوري دنيا جي انٽيليجنس ايجنسين جي ورڪنگ هوندي آهي، علائقي ۾ لاڳاپن ۽ سياست کي ڏسڻو هوندو آهي، افغانستان ۾ جيڪو ٿئي ٿو ان جو پاڪستان تي تمام گهرو اثر پوي ٿو، اتان جيڪڏهن هجرت ٿئي ٿي ته سڀ کان وڌيڪ اثر پاڪستان تي پوي ٿو، جيڪڏهن سياسي عدم استحڪام آهي ته سڀ کان وڌيڪ پاڪستان متاثر ٿئي ٿو، جيڪڏهن افغانستان دهشتگرد تنظيمن جو مرڪز بڻجي ٿو ته ان جا پاڪستان تي اثر پون ٿا. هن چيو ته اسان جو افغانستان سان مضبوط اسٽريٽجڪ تعلق آهي ۽ ان جا معيشت، سياسي، سماجي ۽ معاشي تعلق تي اثر پون ٿا، اسان افغانستان جي صورتحال تي اکيون بند نه ٿا ڪري سگهون. هن چيو ته هن وقت افغانستان جي اندر سياسي حڪومت نه آهي ۽ هڪ خال آهي، اهڙي صورت ۾ انٽيليجنس جا غيرروايتي رابطا هوندا آهن جيڪي برقرار رهندا. جيڪڏهن پاڪستان جو پرڏيهي وزير اتي ويندو ته ڪنهن سان ملاقات ڪندو. هن چيو ته افغانستان بابت اسان جي پاليسي دنيا سان گڏ آهي. آمريڪي صدر جو بائيڊن جيڪا ڳالهه اڄ چئي رهيو آهي ته افغانستان جي معاملن جو سياسي حل هجڻ گهرجي پاڪستان اها ئي ڳالهه اڄ کان ڪيترائي سال اڳ چئي رهيو هو، وزيراعظم عمران خان 2007ع کان چئي رهيو هو ته سياسي حل طرف وڌو. فرق رڳو ايترو آهي ته اولهه ايترو نقصان ٿيڻ کانپوءِ اها ڳالهه چئي رهيو آهي ۽ پاڪستان نقصان ٿيڻ کان اڳ ان طرف ڌيان ڇڪرايو هو. هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي اها آهي ته اسان هڪ عام افغان کي ڇڏي نه ٿا سگهون، اسان جي لاءِ هڪ عام افغان جي زندگي جي به ايتري ئي اهميت آهي جيتري انهن ماڻهن جي آهي جيڪي افغانستان مان انخلا ذريعي ٻاهر هليا ويا آهن. پاڪستان افغانستان مان پرڏيهين جي انخلا جي لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي، ان ۾ اسان جي پي آءِ اي جو وڏو ڪردار آهي، اسان جي سفارتخاني وڏو ڪم ڪيو آهي، پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن جي لاءِ اسان جي اطلاعات واري وزارت متحرڪ ڪردار ادا ڪيو، اسان جا بارڊر کليل آهن، فضائي رستا کليل آهن ۽ اسان انهن جي مدد لاءِ تيار آهيون ۽ اهو سلسلو جاري رهندو. ان سان گڏوگڏ اهو چوڻ ته جيڪي ماڻهو ڪابل ۾ رهجي ويا انهن جي پرواهه نه ڪريو ته اهو مناسب نه آهي، اسان جي لاءِ اهي به اهم آهن جن جو انخلا ٿيو ۽ اهي به اهم آهن جيڪي پٺتي رهجي ويا آهن، اسان جي لاءِ ٻئي اهم آهن. جيڪڏهن اسان ڪٿي جيڪي پٺتي رهجي ويا آهن انهن کي ڇڏي ڏيون ته افغانستان ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو ۽ اهو دنيا جي مفاد ۾ نه آهي. هن چيو ته برطانيا ۽ جرمني جا پرڏيهي وزير پاڪستان آيا، وزيراعظم عمران خان جي پرڏيهي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، شاهه محمود قريشي جي ڏيڍ درجن کان وڌيڪ پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ٿي آهي. هن چيو ته اسان افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، افغان عملدارن سان ويجهو رابطو ضروري آهي ته جيئن اسان هڪ اهڙي حڪومت طرف اڳتي وڌون جيڪا افغانستان ۾ سمورن گروپن ۽ ماڻهن جي لاءِ قابل قبول هجي ۽ استحڪام اچي سگهي. ڀارت اسان جي انهن ڪوششن تي ڇو تنقيد ڪري رهيو آهي؟ ڀارت جي افغانستان سان هڪ انچ سرحد نه ٿي ملي. ڀارتي ميڊيا جي گوڙ سان ته ائين لڳي ٿو ته افغانستان انهن جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، توهان پنهنجو ڪم ڪريو، يو پي اليڪشن اچي رهي آهي توهان اهي وڙهو، توهان افغانستان تي ڌيان ڏئي ڇو ويٺا آهيو، نه توهان جو افغانستان سان تعلق هو، آهي ۽ نه هوندو. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان اسان جي پاليسي وڏي واضح آهي ته اتي استحڪام گهرجي ۽ ڀارت جو ان ۾ ڪو ڪردار نه آهي، ڀارت کي جڏهن به ڪردار ڏنو ويو ان افغانستان جي زمين کي پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪيو آهي ۽ اهو اسان کي قطعي طور قبول نه آهي اسان قطعي طور تي ان جي اجازت نه ڏينداسين ته ڪير افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان جي خلاف استعمال ڪري سگهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي فواد چوڌري چيو ته افغانستان جي صورتحال تي پرڏيهي آفيس ٻڌائي چڪي آهي، افغانستان ۾ سڀني جي مشاورت سان جيڪا حڪومت ٺهندي اسان ان جي حمايت ڪريون ٿا، جيستائين طالبان کي تسليم ڪرڻ جو معاملو آهي ته اسان اهو فيصلو اڪيلي نه ٿا ڪرڻ چاهيون، اسان خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏ اڳتي وڌنداسين، افغانستان جي استحڪام جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اسان ڪنداسين. هن چيو ته اسان حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ۽ اڄ ڀارت افغانستان ۾ اربين ڊالرز لڳائي به اڪيلو آهي، ڀارت جي ٽيڪس ڏيندڙن کي اهو پڇڻ گهرجي ته انهن جيڪو پئسو نريندر مودي کي ڏنو آهي اهو پئسو افغانستان ۾ ڇو ضايع ڪيو ويو، لوڪ سڀا جا ماڻهو جيڪڏهن توهان ڀارت جي عوام جا حقيقي نمائندا آهيو ته توهان ڀارت جي حڪومت کان پڇو ته اربين ڊالرز جيڪي ڀارت جي غريبن تي لڳڻ گهرجن اهي افغانستان ۾ ڇو ضايع ڪيا ويا. هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت سازي اسان جو ڪم نه آهي جو اسان انهن کي ٻڌايون پر اهو افغانستان جي عوام جو ڪم آهي. جهڙي طرح ٻين ملڪن جو ڪردار آهي اهڙي طرح خطي جي طاقت جي حيثيت سان اسان جو به هڪ ڪردار آهي جيئن ترڪيءَ، روس ۽ چين جو ڪردار آهي جيئن ايران جو ڪردار آهي، اسان جو ڪردار انهن کان ڪجهه وڌيڪ آهي ڇو ته اسان جي 2700 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد افغانستان سان ملي ٿي، اسان رڳو افغانستان جي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته حريت ليڊر سيد علي گيلاني جي سرينگر هاءِ وي تي يادگار تعمير ڪرڻ جي لاءِ حڪومت کي تجويز ڏني ويندي. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان بيمار آهي، اسان سڀ ان جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں