اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين واپار، انفراسٽرڪچر، صنعتي شعبن ۾ ترقي، جديد زراعت، سائنسي ۽ فني تعاون ۽ مقامي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ سي پيڪ جي گڏيل ڪوآپريشن ڪميٽي (جي سي سي) کي ٽاسڪ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي چئن ڏينهن جي چين جي دوري جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. پڌرنامي موجب صحت، ماحوليات ۽ آءِ سي ٽي جي شعبن ۾ ويجهي ٻطرفي تعاون کي نوٽ ڪندي ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين صحت، صنعت، واپار، گرين ۽ ڊيجيٽل ڪوريدورز جاري ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پاڪ چين قيادت ملاقاتن دوران علائقائي صورتحال ۽ عالمي سياست سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقاتن ۾ روايتي گرمجوشي، اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد ۽ نظرين جي هڪ جهڙائي ڏٺي وئي. وزيراعظم عمران خان چين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ڪردار ۽ پائيدار پاڪ چين حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ صدر شي جن پنگ جي ذاتي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه کي ورجايو ته ويجها اسٽريٽجڪ لاڳاپا ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهري دوستي وقت جي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ چين لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ ميل آهن ۽ چين سان ويجهي دوستي کي پاڪستاني عوام جي مستقل حمايت حاصل آهي. ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن بابت معاملن تي حمايت کي ورجايو. پاڪستان ون چائنا پاليسي جي لاءِ پنهنجي وابستگي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ۽ تائيوان، ڏکڻ بحيره چين، هانگ ڪانگ، سنڪيانگ ۽ تبت جي معاملي تي چين جي لاءِ پنهنجي حمايت جڏهن ته چين پاڪستان جي خودمختياري، آزادي ۽ سلامتي جي تحفظ ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي ڌرين سي پيڪ جي اهم ٿنڀ ۽ علائقائي رابطن ۾ اهم عنصر جي حيثيت سان گوادر جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين گوادر پورٽ جي تعمير، آپريشن ۾ تيزي آڻڻ ۽ گوادر کي گهٽ ڪاربن سرڪلر انڊسٽري زون بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن گوادر شهر ۽ ان جي رهواسين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اعليٰ معيار جي ذريعي ذريعه معاش جا منصوبا ٺاهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ڌرين سي پيڪ کي سمورن خطرن ۽ منفي پروپئگنڊه کان محفوظ رکڻ جي پنهنجي مضبوط عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستان سموري چيني عملي، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي عزم کي ورجايو جڏهن ته چيني ڌر ان سلسلي ۾ قدم کڻڻ تي پاڪستان کي ساراهيو. چين دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين ۽ ڪوششن کي تسليم ڪيو جڏهن ته ڌرين هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. افغانستان جي حوالي سان ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، مستحڪم، متحد ۽ محفوظ افغانستان خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ٻنهي ڌرين اقتصادي ۽ فني، صنعت، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچر، خلا، ويڪسين، ڊيجيٽلائيزيشن، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، ثقافت، راندين ۽ پيشيواراڻي تعليم سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون.