GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ٻه ڀيرا پنجاب ۽ ان جو ڀاءُ ٽي ڀيرا وزيراعظم پاڪستان رهيو پر اهي چون ٿا ته انهن هڪ رپئي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي: فرخ حبيب

image
APP18-300122 FAISALABAD: January 30 – Minister of State for Information & Broadcasting Farrukh Habib talking to media persons during inauguration ceremony of Hajvairi Marriage Hall at Chibban Road. APP photo by Tasawar Abbas

فيصل آباد – 30 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ٻه ڀيرا پنجاب ۽ ان جو ڀاءُ ٽي ڀيرا وزيراعظم پاڪستان رهيو پر اهي چون ٿا ته انهن هڪ رپئي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي، انهن جون 17 هزار ٽرانزيڪشنز پڪڙيون ويون آهن ۽ انهن جي چپڙاسين جي اڪائونٽ ۾ اربين رپيا وڌا ويا. هو چبان روڊ تي موجود هجويري ميرج هال جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته شهباز شريف تي ساڍا 7 ارب رپين جو ٽي ٽيز جي ذريعي ڪرپشن ڪيس آهي پر هو ان کي مڃڻ يا انهن ٽرانزيڪشن جون رسيدون فراهم ڪرڻ ۽ پنهنجي آمدني جا ذريعا ٻڌائڻ کان قاصر آهي. هن چيو ته شريف خاندان رمضان شگر ملز جي 14 ملازمن جي نالي جعلي اڪائونٽ کولرائي 16 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي جڏهن ته مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽ ذريعي 4 ارب رپيا منتقل ڪيا ويا. هن چيو ته بار بار پڇڻ تي به شهباز شريف اهو ٻڌائڻ گوارا نه ڪري رهيو آهي ته مقصود چپڙاسي ڪير آهي جنهن جي اڪائونٽ مان ان جي نالي تي اربين رپين جا کاتا هيڏانهن کان هوڏانهن منتقل ڪيا ويا. هن چيو ته (ن) ليگ جي مشهور درٻارين به ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي. انهن درٻارين پنهنجي سياست جي شروعات ويسپا اسڪوٽر سان ڪئي ۽ اڄ اهي پنهنجي ۽ پنهنجي آقائن جي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ عدالتن تي حملو ڪرڻ ۽ انهن جو گهيراءُ ڪرڻ جون گيدڙ ڀڀڪيون هڻي رهيا آهن. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگين جو اهو گوڙ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته اهي چور آهن ۽ انهن اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ عدليه آزاد آهي جنهن جي ڪري هاڻي طاقتور کي به قانون جو خوف پيدا ٿي ويو آهي. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ احتساب جي نالي تي عوام کان ووٽ ورتا ان لاءِ اها احتساب جو پنهنجو چونڊ واعدو ۽ منشور ۾ ڏنل مشن پورو ڪري رهندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ نه رڳو آئين ۽ قانون موجود آهي پر ان تي عملدرآمد جي لاءِ ادارا به موجود آهن. اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته جڏهن به شريف خاندان اقتدار ۾ آيو آهي ان ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري رکي پر جڏهن انهن کان ڪرپشن جو حساب ورتو وڃي ٿو ته اهي آئين بائين شائين ڪن ٿا ۽ ڌمڪي وارو رويو اختيار ڪندي عدالتن کان فراريت اختيار ڪن ٿا. پر هاڻي انهن کي پنهنجي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو حساب ڏيڻو پوندو. فرخ حبيب چيو ته قانون جي خلاف ورزي ۽ حڪومتي ادارن سان سنگين مذاق ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته شريف خاندان جو طريقو اهو رهيو آهي ته اڳ ۾ ڦرلٽ ڪريو ۽ جيڪڏهن پنهنجي وڃڻ جو ڊپ هجي ته پئسو هلايو ۽ جيڪڏهن پئسي سان ڪم نه هلي ته ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ ادارن تي حملا شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪالهه اڳوڻي قانون واري وزير هڪ بيان ڏنو جيڪو انتهائي افسوس جوڳو آهي جنهن ۾ هن عدالتن تي ٻيهر حملي جي ڳالهه ڪئي آهي پر هاڻي اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته شريف خاندان جا ڪيسز جن عدالتن ۾ آهن هاڻي اتي اهڙو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي جو لاڳاپيل عملدارن کي دٻاءُ ۾ آندو وڃي ته جيئن انهن جي خلاف فيصلا نه اچي سگهن. پر اسان کي اميد آهي ته فيصلا ميرٽ جي بنياد تي ۽ هر قسم جي دٻاءُ کان مٿانهون ٿي ڪيا ويندا. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس به انهن کي انهي لاءِ سسلين مافيا چيو هو. هن چيو ته شهباز شريف ۽ سندس مشهور درٻاري جيتري مرضي ڀڄي وٺن يا ڊيڄارين ڌمڪائين، حڪومت انهن کان مرعوب نه ٿيندي. هن چيو ته سدائين گيدڙ ڀڀڪين ۽ ڌمڪين سان اتي ڪم ورتو وڃي ٿو جتي توهان وٽ بريت ۽ بيگناهي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه هجي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته کلي عام عدليه کي ڌمڪيون ڏيڻ افسوسناڪ آهي ۽ راڻا ثناءُ الله خان جو بيان آزاد عدليه تي حملو آهي. هن چيو ته اسان آزاد عدليه جي لاءِ جدوجهد ڪئي هئي، ان لاءِ اسان ڪنهن کي آزاد عدليه تي حملو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته ٽرانسپرنسي رپورٽ ۾ اهو ئي چيو ويو ته قانون مڪمل لاڳو نه آهي جنهن جو سبب ماضي جا شريف ۽ زرداري خاندان آهن جن قانون کي پنهنجي گهر جي بانديءَ بڻائي رکيو ۽ اهي ڪرپشن تي پڪڙجڻ جي خوف کان هڪ آواز ٿي قانوني ادارن جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن پر اسان انهن جي ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت