GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

چئن سالن ۾ تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ 24 هزار ارب رپين جو قرض ورتو ويو، اربين رپين جي ڪرپشن ٿي، چئن سالن تائين وزيراعظم جي عهدي تي رهندڙ شخص عوام سان صرف ڪوڙ ڳالهايو: وزيراعظم شهباز شريف

image
APP49-070522 BISHAM: May 07 – Prime Minister Shehbaz Sharif addressing a public gathering at Bisham in Shangla. APP

پشاور – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چئن سالن ۾ تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ 24 هزار ارب رپين جو قرض ورتو ويو، اربين رپين جي ڪرپشن ٿي، چئن سالن تائين وزيراعظم جي عهدي تي رهندڙ شخص عوام سان صرف ڪوڙ ڳالهايو، ان وٽ ڪارڪردگي ٻڌائڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، گذريل حڪومت قرض وٺي ملڪ جي معيشت تباهه ڪئي، ڪيستائين ڪستو کڻي ڦرنداسين، خيرات جي ذريعي زندگي نه موت ملندي آهي، سمورن صوبن جي هڪ جهڙي ترقي تي يقين رکون ٿا، حقيقي پاڪستان ۾ سمورن ماڻهن کي بنا ڪنهن فرق جي موقعا ڏينداسين، خيبرپختونخواهه سميت پوري پاڪستان جي عوام لاءِ صحت جي مفت سهولت هوندي، گذريل حڪومت قرض وٺي ملڪ جي معيشت تباهه ڪئي، جيڪو شخص چار سال وزيراعظم جي عهدي تي هو، ان عوام سان ڪوڙ ڳالهايو، ان وٽ ڪارڪردگي ٻڌاڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، اسان جي حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن قيمت ۾ پنجاب ۾ اٽو ملندو اها ئي قيمت خيبرپختونخواهه ۾ رکي ويندي، عوام جي خوشحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن بشام ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هئي. ان کان اڳ شانگلا جي عوام وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف بشام ۾ ميديڪل ڪاليج قائم ڪرڻ سميت بنيادي مسئلن جي حل لاءِ 2 ارب رپيا گرانٽ جو اعلان ڪيو. ميڙ کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ٽي هفتا اڳ هن خادم پاڪستان جو عهدو سنڀاليو، ان دوران پوري ملڪ دورو ڪيو، خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان اڳ شانگلا جي دوري جو فيصلو ڪيو، خيبرپختونخواهه پاڪستان جو خوبصورت صوبو آهي، هي اهو صوبو آهي جنهن جي تاريخ قربانين سان ڀريل آهي، صوبي جي عوام بهادر ۽ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. خيرپختونخواهه ۾ نواز شريف جا شينهن رهن ٿا، شانگلا جي غيور عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته عوام جي لاءِ ڪوڙا واعدا نه ڪندس سڀ کان اڳ پاڪستاني آهيان ان کانپوءِ ڪجهه ٻيو آهيان، عاوم جي خدمت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندس، مسلم ليگ (ن) جي 10 سالا حڪومت دوران پنجاب ۾ يتيم ۽ بيواهن جو مفت علاج ٿيندو هو، اڄ چار سال کانپوءِ ٻيهر پنجاب ۾ مفت علاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جيستائين جان ۾ جان آهي قوم جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندس. شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي صحت جي سهولتن کان محروم رکيو، اڳوڻي حڪومت اسپتال ٺاهڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو، خيبرپختونخواهه ۾ عوامي فلاحي منصوبن کي ڄاڻي واڻي دير جو شڪار ڪرايو ويو، پنجاب ۾ بند منصوبن کي چالو ڪيو، مهانگائي چار سال ۾ عروج تي هلي وئي ۽ تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ قرض ورتا ويا، چار سالن ۾ 24 هزار ارب رپيا قرض ورتو، اربين رپين جي ڪرپشن ٿي، اسان 11، 11 مهينن ۾ ميٽرو بسون هلايون، واعدو آهي ته صوبي جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ جان لڳائي ڇڏيندس. هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي پوري پاڪستان ۾ تباهي مچائي ڇڏي، اٽو ۽ کنڊ غريب خاندان جي پهچ کان ٻاهر نڪري وئي، اسان جي حڪومت رمضان ۾ کنڊ ۽ اٽو سستو ڪيو. هن چيو ته اڪيلي پنجاب جي ترقي پاڪستان جي ترقي نه آهي سمورن صوبن جي هڪ جهڙي ترقي تي يقين رکون ٿا، حقيقي پاڪستان ۾ سمورن ماڻهن کي هڪ جهڙا موقعا ڏينداسين، خيبرپختونخواهه سميت پوري پاڪستان جي عوام لاءِ صحت جي مفت سهولت هوندي، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سمورين اسپتالن ۾ دوائون ۽ علاج مفت يقيني بڻائي، جيڪڏهن وڏي وزير اٽو سستو نه ڪيو ته ان جي لاءِ اربين رپين جي رقم ڏئي صوبي جي عوام جي لاءِ اٽو سستو ڪندس، اٽي جي جيڪا قيمت پنجاب ۾ هوندي اها ئي قيمت خيبرپختونخواهه ۾ رکي ويندي، خادم پاڪستان عوام جي ترقي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪندو، اسان جي حڪومت عوام جي خوشحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، سستو اٽو، کنڊ، گيهه ۽ داليون مهيا ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته چار سال کان جيڪو شخص وزيراعظم جي عهدي تي هو ان عوام سان ڪوڙ ڳالهايو، ان وٽ ڪارڪردگي ٻڌائڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، گذريل حڪومت قرض وٺي ملڪ جي معيشت تباهه ڪئي، ڪيستائين ڪستو کڻي ڦرنداسين، خيرات جي ذريعي زندگي نه موت ملندي آهي، الله تعاليٰ چوي ٿو ته محنت ڪريو ۽ پنهنجي پيرن تي بيهو. هڪ ڏينهن ضرور ايندو ته سبز هلالي جهنڊو دنيا جي سمورن جهنڊن کان مٿي هوندو، رت ۽ پگهر وهائڻ سان ئي اسان جو فقيرن وارو روپ ختم ٿيندو، ڪاميابي جي لاءِ مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن يقين ڏياريو ته ڪڻڪ جي حوالي سان مون کان ڪا گلا نه ايندي، ملڪ ۾ ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، جڏهن ته ان جي لاءِ ضروري آهي ته صوبائي حڪومت ڪڻڪ جي ورڇ منصفاڻي ڪري. هن 132 ڪي وي پورن گرڊ اسٽيشن ٽن مهينن جي اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ بشام ۾ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ سميت بنيادي مسئلن جي حل لاءِ 2 ارب رپيا گرانٽ جو اعلان ڪيو. آخر ۾ هن عوام کان واعدو ورتو ته محنت ڪندا، پاڪستان کي عظيم بنائيندا، ملڪ جو خيرات وٺڻ وارو رويو ختم ڪندا جنهن تي پنڊال ۾ شريڪ عوام هڪ زبان ٿي چيو ”انشاءَ الله“.

مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم