رپورٽ: خرم شهزاد
اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) عالمي وبا ڪورونا وائرس ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جي ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن سميت اٽڪل پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، پاڪستان الله تعاليٰ جي فضل ۽ انتهائي ٺوس، منفرد ۽ موثر حڪمت عملي سان نه رڳو ڪورونا وائرس جي پهرين ۽ ٻي لهر کي منهن ڏنو پر وائرس جي عدم ڦهلاءُ جي لاءِ وقت سر قدمن کانپوءِ انتهائي گهٽ مدي ۾ افاديت رکندڙ ويڪسينز حاصل ڪرڻ جو اهم سنگ ميل ڪاميابي سان طئي ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان پاران پاڪستان ۾ ڪورونا جي وبا دوران روزگار ۽ معيشت ٻنهي جو ڦيٿو هلائڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۽ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) قائم ڪيا ويا، انهن فورمن کي اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت، صوبائي حڪومتن، صحت واري وزارت سميت سمورين ڌرين جي مڪمل حمايت ۽ تعاون حاصل رهيو آهي. اين سي او سي جي پليٽ فارم تي ڊگهي ۽ صبر وارن مرحلن، ڌرين جي مشاورت، ماهرن جي تجويزن کانپوءِ متفقه فيصلن سان ڏکيو سفر طئي ڪيو ويو ۽ اڄ پاڪستان ڪورونا وائرس جي ويڪسينيشن جي اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. ان ڏس ۾ ان کي دنيا جي 8 موثر ترين ويڪسينز مان 4 ويڪسينز حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي آهي. گهربل ويڪسينز هلندڙ سال مرحليوار پاڪستان پهچنديون، هن سال 70 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين لڳائڻ جو هدف مقرر آهي. نيشنل ايمونائيزيشن مئنيجمينٽ سسسٽم (اين آءِ ايم ايس) تي هيستائين 5 لک 11 هزار طبي عملو رجسٽرڊ ٿي چڪو آهي، طئي ٿيل طريقيڪار موجب پهرين مرحلي ۾ رجسٽرڊ طبي عملي جي ويڪسينيشن مڪمل ڪئي ويندي، ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ رڳو هڪ ڀيرو ويڪسين لڳائي ويندي، ڪورونا ويڪسينيشن کانپوءِ هڪ ڪارڊ جاري ٿيندو جيڪو ٻاهرئين ملڪ سفر تي سڄي دنيا ۾ قابل قبول تصور ٿيندو.
چين پاڪستان جو ڀروسي جوڳو ۽ آزمايل دوست آهي، دنيا ۾ واحد ملڪ پاڪستان آهي جنهن کي چين ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين جون 5 لک خوراڪ عطيو ڪيون آهن، عطيو ڪيل ويڪسين فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي لڳائڻ جو عمل گادي واري شهر، چئني صوبن بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ شروع ٿي چڪو آهي. چيني ويڪسين سائنوفارم ۽ ڪينسنو جون 20، 20 ملين خوراڪ هلندڙ سال مرحليوار پاڪستان پهچنديون، ٽرائل ٿري جي تجربي مان ثابت ٿيو ته اها ويڪسين 86 سيڪڙو موثر آهي. چين جي سرڪاري دروائون ٺاهيندڙ ڪمپني پاران ٺاهيل ڪورونا ويڪسين سائنوفارم کي محفوظ رکڻ جي لاءِ ٻه کان اٺ ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد گهربل آهي.
وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪورونا ويڪسينيشن مهم جي باضابطا شروعات ڪئي. ان سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا ويڪسين جي صوبن ۾ برابر ۽ منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي ويندي، هن چيو ته معاشي سرگرمين سان گڏ تعليمي ادارا به کلي چڪا آهن، ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. هن تاڪيد ڪئي ته وبا کان بچاءُ جي لاءِ عوام کي ماسڪ جو استعمال ۽ حفاظتي قدمن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته ويڪسين جون 5 لک خوراڪ فراهم ڪرڻ تي چين جا ٿورائتا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ تيزي سان ڪم ڪرڻ تي پنهنجي ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، سڀ کان اڳ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز کي ويڪسين ڏني ويندي جيڪي ڪورونا جي مريضن جي سارسنڀال ۽ علاج ڪن ٿا، ان کانپوءِ وڏي عمر جي ماڻهن جن کي ڪورونا کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي انهن کي ويڪسين ڏني ويندي.
منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جيڪو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي اوسي) جو چيئرمين به آهي، جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين جا گهرا لاڳاپا آهن، ويڪسين عطيو ڪرڻ تي چين جا ٿورائتا آهيون. ويڪسين حاصل ڪرڻ جي لاءِ اين سي او سي جو اهم ڪردار آهي. اميد آهي ته صوبائي وڏن وزيرن جي قيادت ۾ پاڪستاني قوم ان ويڪسين مان ڀرپور فائدو کنيو آهي. هن چيو ته ڪورونا جي خلاف اسان جا اصل هيروز فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز آهن جن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وفاقي وزير اسد عمر پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته 65 سال ۽ ان کان وڏي عمر جي شهرين جي ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسينيشن جي لاءِ رجسٽريشن ايندڙ هفتي کان شروع ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته انهن ماڻهن جي لاءِ مارچ ۾ ويڪسينيشن شروع ڪئي ويندي جيڪي رجسٽرڊ هوندا. ويڪسينيشن مهم تحت پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم طبي عملي جي ويڪسينيشن جو افتتاح ڪيو. وفاق جي سمورين ڌرين ۾ هڪ ئي وقت طبي عملي جي ويڪسينيشن ڪئي وئي.
ٻئي طرف چين جي پيپلز لبريشن آرمي ۽ چيني عوام پاران پاڪستان جي هٿياربند فوج جي لاءِ ويڪسين عطيو ڪئي وئي جيڪا چين جي فوج پاران سڄي دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ جي فوج کي ويڪسين جو پهريون عطيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج نيشن ٽرسٽ جي روايت کي برقرار رکندي چيني فوج پاران عطيو ڪيل اها ويڪسين فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي لاءِ قومي ويڪسين مهم جي لاءِ عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سڄي ملڪ ۾ فرنٽ لائين تي ڪم ڪندي قيمتي جانيون بچائڻ وارو طبي عملو اصل هيرو آهن. پاڪستان جي هٿياربند فوج پاران پيپلز لبريشن آرمي ۽ چيني عوام پاران ويڪسين عطيو ڪرڻ تي دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا ويا.
اين سي او سي نيشنل ويڪسينيشن اسٽريٽجي تحت ويڪسينيشن جو ٺوس طريقيڪار جوڙيو آهي جنهن موجب پهرين مرحلي ۾ صحت جي عملي کي ويڪسين لڳائي ويندي. ٻئي مرحلي ۾ 60 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن کي اها ويڪسين لڳائي ويندي. ٽئين مرحلي ۾ 18 سال ۽ ان کان وڏي عمر جي ماڻهن کي ويڪسين ڏني ويندي. عملدارن فيصلو ڪيو آهي ته 18 سال کان گهٽ عمر ماڻهن کي ويڪسين نه لڳائي ويندي. ڪورونا ويڪسين جي رجسٽريشن ۽ ان جي انتظام جي نگراني جي لاءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران آن لائين پورٽل نيشنل ايمونيزيشن مئنيجمينٽ سسٽم (اين آءِ ايم ايس) ٺاهيو ويو آهي. اهي سمورا ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي ڪورونا ويڪسين جي لاءِ رجسٽر ڪرائڻ چاهين ٿا انهن کي هي طريقيڪار اختيار ڪرڻو پوندو. پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر پنهنجي موبائيل فون تان 1166 تي ايس ايم ايس ڪن. رجسٽريشن جي لاءِ اين آءِ ايم ايس جي ويب سائيٽ جو به استعمال ڪري سگهجي ٿو. توهان جي سڃاڻپ ڪارڊ جي موجوده پتي موجب توهان جي ويجهي ويڪسين سينٽر جو پتو ايس ايم ايس ذريعي موڪليو ويندو. جڏهن ويڪسين دستياب ٿي ويندي ته رجسٽريشن ڪرائيندڙ ماڻهن کي ايس ايم ايس ذريعي هڪ مخصوص تاريخ ۽ وقت ٻڌائي ويڪسين لڳرائڻ جي لاءِ گهرايو ويندو ۽ ان سان گڏ صارفين کي هڪ ڪوڊ پڻ ملندو. جيڪڏهن توهان ڏنل ويڪسين سينٽر تي نه ٿا وڃي سگهو ته توهان 1166 تي ڪال ڪري يا اين آءِ ايم ايس جي ويب سائيٽ تي وڃي پنهنجو سينٽر تبديل ڪرائي سگهو ٿا.
شهرين کي ان جي لاءِ مخصوص ڪيل ويڪسين سينٽر تي ئي ٻڌايل تاريخ ۽ وقت تي وڃڻو پوندو. سمورن ويڪسين سينٽر تي معلوماتي ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن جتي ويڪسينيشن جي لاءِ ايندڙ سمورن ماڻهن جا نالا، عمر ۽ درجه حرارت داخل ڪئي ويندي. ان کانپوءِ ان جي سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق جي لاءِ تصديق ڪرڻ واري ڊيسڪ طرف موڪليو ويندو جتي انهن جي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ ايس ايم ايس تي ملندڙ ڪوڊ جي ذريعي تصديق ڪئي ويندي. سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق کانپوءِ انهن کي تربيت يافته عملي پاران ويڪسين لڳائي ويندي. ويڪسين لڳڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ 30 منٽ جي لاءِ ويڪسين سينٽر ۾ ئي ويهڻو هوندو ۽ ان دوران انهن ماڻهن جي مانيٽرنگ ڪئي ويندي ته ڪٿي انهن ۾ ڪنهن قسم جا سائيڊ افيڪٽس (منفي اثر) ظاهر نه ٿين.
وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان موجب پاڪستان جي 22 ڪروڙ آبادي ۾ رڳو 10 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳائي ويندي ڇو ته عالمي اصول موجب 18 سال کان گهٽ عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين نه لڳائي ويندي. اها ويڪسين چين کانسواءِ هنگري، يو اي اي ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪاميابي سان استعمال ٿي رهي آهي ۽ 86 سيڪڙو تائين ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. ڪوشش آهي ته سال جي آخر تائين 70 سيڪڙو ماڻهن کي اها ملي سگهي، ان ويڪسين سان هڪ ڏينهن جي لاءِ بخار يا هلڪو سُور ٿي سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته ماڻهن کي ويڪسين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر مڪينزم تيار ڪيو ويو آهي. سڄي پاڪستان ۾ ويڪسين سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن جيڪي ڏهاڙي 40 هزار ماڻهن کي ويڪسين ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته گلوبل ويڪسين الائنس انٽرنيشنل (گاوي) پاران Astrazenica جون 20 ملين خوراڪ، عالمي تنظيم پاران Covax جون 30 ملين خوراڪ، ٻي چائنيز ڪمپني Cansino کان 20 کان 30 ملين خوراڪ جڏهن ته روسي ساخت جي ويڪسين Spuenik پاڪستان جي لاءِ منظور ٿيون آهن، انهن مان ڪجهه ويڪسين جي خريداري جو به فيصلو ٿيو جنهن جي لاءِ ايڊوانس بڪنگ ڪرائي وئي آهي، انهن چئني ويڪسين جا ٽرائل ٿري جا تجربا ڪامياب ٿيڻ ۽ افاديت جي ڪري پاڪستان جي لاءِ حاصل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي.
ان حوالي سان وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ هو ته ڪوويڊ 19 جي ويڪسينيشن رضاڪاراڻي هوندي ۽ اسان ڪنهن کي به ويڪسين جي خوراڪ وٺڻ تي مجبور نه ڪنداسين. ڪورونا ويڪسين سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ بنا معاوضي دستياب هوندي جڏهن ته فرنٽ لائين ميڊيڪل ورڪرز ۽ بزرگ شهرين جي لاءِ ٽيڪا لڳائڻ جي لاءِ ويڪسين جو هنگامي استعمال شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايسٽرازينڪا ويڪسين جون 17 ملين ۽ ڪوويڪس ويڪسين جون 6 ملين خوراڪ مارچ جي آخر تائين پاڪستان پهچي وينديون. ويڪسين خريد ڪرڻ جي لاءِ 150 ملين ڊالر جا شروعاتي فنڊز رکيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان وڌيڪ ويڪسين وٺڻ جي لاءِ اڳ ۾ ئي مختلف عالمي ڪمپنين سان رابطي ۾ آهي. حڪومت 2021ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ 70 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ويڪسينيشن کانپوءِ پاڪستان حڪومت پاران هڪ خصوصي ڪارڊ جاري ٿيندو جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت هوندو ته ڄاڻايل شخص کي ويڪسين لڳي چڪي آهي ۽ هي سڄي دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو سفر ڪري سگهندو، ويڪسينيشن جو اهو ڪارڊ هر جڳهه قابل قبول تصور ٿيندو.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ويڪسينيشن جي عمل جي موثر نگراني جي لاءِ وفاقي سطح تي نيشنل ويڪسين ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن سيل (اين وي اي سي سي ايس) قائم ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان گڏ چئني صوبن بشمول آزاد ڄمون ڪشمير جا صوبائي ويڪسين ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن سيل (پي وي اي سي سي) واڳيل هوندا جڏهن ته صوبائي ويڪسين ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن سيل سان گڏ ضلعن تي قائم ڊسٽرڪٽ ويڪسين ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن سيل واڳيل هوندا. ان مانيٽرنگ مڪينزم قائم ڪرڻ جو مقصد ضلعي سطح تائين مانيٽرنگ جي عمل کي موثر بڻائڻ آهي ته جيئن ويڪسينيشن جي عمل ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه ٿئي.
پمز اسپتال ۾ ويڪسينيشن جي لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسن ارم نويد جو چوڻ آهي ته گذريل ڏيڍ، ٻن مهينن کان ويڪسين جي اچڻ جون تياري ڪري رهيا آهيون، پمز جا 2 هزار هيلٿ ورڪرز ڪورونا مريضن جي علاج ۾ سڌوسنئون شامل رهيا آهن انهن جي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي. سمورن ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ مددگار عملي (وارڊ بوائي، سينٽري ورڪرز، سيڪيورٽي گارڊ) جا نالا ضلعي انتظاميا کي موڪليا آهن، ان عمل ۾ اسپتال انتظاميا ڪنهن کي اڳ يا بعد ۾ ويڪسين لڳائڻ جو اختيار نه ٿي رکي. جنهن جو نالو ضلعي انتظاميا موڪليندي ان کي ويڪسين لڳي سگهندي.
طبي ماهرن اميد ظاهر ڪئي آهي ته دنيا ۾ ڪامياب ۽ سٺي افاديت رکندڙ ويڪسين حاصل ڪرڻ کانپوءِ ان جا نتيجا به تمام سٺا هوندا ۽ الله تعاليٰ جي فضل سان پاڪستان ۾ ان ويڪسين جي استعمال سان ڪورونا وائرس کان بچاءُ ۾ مدد ملندي.