GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان ۾ ٻڌمت جا مذهبي ماڳ!!

image

ترجمو: روپ ميگهواڙ

مذهبي سياحت عالمي سطح تي معيشت جي ترقي جي لاءِ هڪ اهم حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي، سڄي دنيا ۾ مختلف مذهبن جا پيروڪار لکين ماڻهو مذهبي فرضن جي ادائيگي ۽ روحاني سڪون لاءِ هر سال مقدس ماڳن جي سفر تي ويندا آهن. هر سال تقريبن 300 کان 330 ملين سياح دنيا جي مختلف مذهبي ماڳن تي ويندا آهن جيڪي اربين ڊالرز جي پرڏيهي ناڻو پيدا ڪرڻ جو ذريعو آهي. پاڪستان دنيا جي مختلف قديم تهذيبن جو گهوارو آهي ۽ هڪ اهڙي خطي ۾ واقع آهي جيڪو دنيا جي ٽن وڏن مذهبن هندو مت، ٻڌمت ۽ سک مت جي پيروڪارن جا هزارين سال پراڻا تاريخي ۽ مذهبي ماڳن جي هڪ وڏي تعداد سان مالا مال آهي. پر ان جي باوجود پاڪستان جو سياحت جو شعبو ڀارت، ترڪي، سريلنڪا ۽ خطي جي ٻين ملڪن کان تمام گهڻو پوئتي آهي جنهن جو اهم سبب سيڪيورٽي جا مسئلا، فنڊن جي کوٽ، ڌيان نه ڏيڻ سميت ٻيا ڪيترائي معاملا آهن، خاص طور تي نائين اليون جي واقعن کانپوءِ پاڪستان جي سياحت جي انڊسٽري کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ان ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي، سياحن کي مائل ڪرڻ لاءِ سياحت بابت خدمتن ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي رهي آهي، موجوده حڪومت جي ٺوس عملي قدمن سان پاڪستان مستحڪم رفتار سان سياحت جي محاذ تي ترڪي ڪري رهيو آهي جنهن جو هڪ مثال ڪرتار پور راهداري منصوبو آهي جنهن جي تڪميل نه رڳو سک برادري جي دل کٽڻ لاءِ پر پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جي ترقي جون نيون راهون کولي ڇڏيون آهن، اهڙي طرح جيڪڏهن اسان ٻڌمت جي ورثي جي باري ۾ ڳالهه ڪريون ته سڄي پاڪستان ۾ ٻڌ مت مذهب کي مڃيندڙن جا هزارين سال پراڻا مذهبي سياحتي ماڳ موجود آهن، جنهن جي بحالي لاءِ حڪومت خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.

وزيراعظم عمران خان 2018ع ۾ اقتدار سنڀالڻ کان فورن بعد ئي ملڪ جي معيشت کي سگهه ڏيڻ ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي اميج کي بهتر بڻائڻ لاءِ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، سريلنڪا جي تازي سرڪاري دوري ۾ وزيراعظم عمران خان سريلنڪن ٻڌ ڀڪشوئن کي دعوت ڏني ته هو اچن ۽ پاڪستان ۾ پنهنجا مقدس ٻڌ مت آثار ۽ مذهبي ماڳ ڏسن، وزيراعظم عمران خان جي خصوصي دعوت تي سريلنڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي مدد سان 19 اپريل 2021ع کان ٻڌ مت مذهب سان تعلق رکندڙ مذهبي پيشوا پاڪستان جي دوري تي آيل آهن. اهي ٻڌ ڀڪشو پنهنجي سڄي هفتي جي دوري دوران ٻڌ مقامن ۽ عجائب گهرن جو دورو ڪندا. انهن جي پاڪستان جو دورو ڪرڻ سان ايندڙ ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ مذهبي سياحت کي وڌيڪ فروغ ملڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي ڇو ته پاڪستان قديم ٻڌ تهذيب جو مرڪز ۽ گهوارو آهي جيڪو هيستائين دنيا جي اک کان اوجهل هو، سريلنڪن وفد جي تازي دوري سان ان جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو،

ٻڌ مت وفد جي قيادت ڊاڪٽر والپول پيانند ٿيرو ڪري رهيو آهي، اهو وفد پنهنجي ٻن ڏينهن جي لاهور جي دوري کانسواءِ اسلام آباد، ٽيڪسلا، شهباز ڳڙهي، تخت ڀائي ۽ جهان آباد (سوات) ويندو. ٻڌ مذهبي پيشوائن جو اهو وفد مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي عهديدارن سان ملاقات ڪندو ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ پنهنجي دوري دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان به ملاقات ڪري رهيو آهي.

سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي سيڪنڊ سيڪريٽري عائشه ابوبڪر فهد ٻڌايو ته دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو نٿا ڄاڻن ته پاڪستان گنڌارا جي شاندار تهذيب ۽ ٻڌمت جو گهر آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻڌ مت جي مذهبي پيشوائن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ موجود تاريخي ورثي کي ڏسڻ جي دعوت ڏني آهي ته جئين اهي ڪيترائي مقدس ٻڌ مت مذهبي ماڳن کي ڏسن ۽ پنهنجي مذهبي رهنما مهاتما ٻڌ جي مقدس ورثي جي ياترا ڪري خراج عقيدت پيش ڪن.

ڊاڪٽر وال پيول پيانند ٿيرو چيو ته اسان کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته جيتوڻيڪ پاڪستاني ماڻهو ٻڌ مت جا پيروڪار ته نه آهن پر ان جي باوجود انهن مهاتما ٻڌ جي مجسمن، ٻڌمت آرٽ ۽ ٻڌمت جي تاريخي ورثي ۽ فن تعمير کي محفوظ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مهاتما ٻڌ جي مجسمن جي ذريعي دنيا ۾ ٻڌمت پکڙيو ڇو ته ٻڌمذهب امن، همدردي ۽ رواداري جو پيغام ڏي ٿو، هن چيو ته پاڪستاني وزيراعظم عمران خان سريلنڪا ۾ هڪ عظيم ڪرڪيٽر ۽ اعتدال پسند سياستدان جي حيثيت سان ڄاتو وڃي ٿو، سريلنڪن ان جو وڏو احترام ڪن ٿا، ڊاڪٽر وال پيول پيانند ٿيرو چيو ته وزيراعظم عمران خان تازو ئي سريلنڪا جو دورو ڪيو ۽ ٻڌ ڀڪشوئن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ مقدس ٻڌ ماڳ ڏسڻ جي دعوت ڏني هئي، ان دعوت کي قبول ڪندي سريلنڪن ٻڌمت وفد پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.

وفد جي ميمبر اودي دملوڪاٿيرو چيو ته ٻڌمت ۽ گنڌارا تهذيب جي تاريخ هزارين سالن تي ٻڌل آهي، اسان جو اهو دورو ٻڌ مذهب ۽ سرزمين پاڪستان جي وچ ۾ صديون پراڻي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه بخشيندو. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال جي حوالي سان اسان کي ڪجهه غلط فهميون ۽ خدشا لاحق هئا پر پاڪستان پهچڻ کانپوءِ اسان جا سمورا خدشا ختم ٿي چڪا آهن، هن چيو ته ٻڌ ياترين جي اچڻ سان لکين ماليت جو پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر اسيلا وڪرما سنگهي جيڪو سريلنڪا ۽ مالديپ جي باري ۾ سريلنڪا جي صدر جي سينئر سياسي صلاحڪار آهي، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان پاران ٻڌمت مذهب جي مقدس ماڳن کي جيڪي ماضي ۾ بند ڪيا ويا آهن هئا، کي ٻيهر سياحن جي لاءِ کولڻ هڪ بهترين قدم آهي، هن چيو ته سريلنڪن وفد جو تازو دورو پوري دنيا ۾ موجوده ٻڌ مت مذهب جي ماڻهن کي پاڪستان طرف متوجهه ڪندو جنهن سان سياحت کي فروغ حاصل ٿيندو، ڊاڪٽر اسيلا وڪرما سنگهي چيو ته پابندين جي خاتمي سان جاپان، چين، ٿائي لينڊ ۽ ٻين ملڪن مان ٻڌ مت مذهب جا ماڻهو به انهن مقدس ماڳن کي ڏسڻ لاءِ ايندا. هن چيو ته اهو پاڪستاني قوم جي تمام وڏي خوش قسمتي آهي ته کين عمران خان جهڙو دور انديش وزيراعظم ۽ اڳواڻ مليو آهي.

لاهور ميوزيم جي ڊائريڪٽر اعجاز احمد منهاس دوري جي موقعي تي چيو ته وفد ۾ شامل ٻڌ ڀڪشو پنهنجي شاندار ماضي جي آثار ۽ مذهبي ماڳن کي ڏسڻ جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي گهڻا خوش ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اعجاز احمد منهاس چيو ته وفد ۾ شامل هڪ ٻڌ پيشوا وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته جن مقدس آثار ۽ ماڳن بابت اسان صرف تاريخي ڪتابن ۾ پڙهندا هئاسين اڄ انهن کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي جنهن تي اسان پاڪستاني حڪومت ۽ خاص طور تي وزيراعظم عمران خان جا بي حد ٿورائتا آهيون، هن چيو ته ان دوري جو مقصد مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ آهي، وفد ۾ شامل ٻڌ مت مذهبي اڳواڻ سڄي دنيا سان تعلق رکن ٿا ۽ واپس وڃڻ کانپوءِ پاڪستان جي باري ۾ محبت ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پکيڙيندا.

هن چيو ته اميد آهي ته ان دوري سان ايندڙ ڏينهن ۾ ٻڌ مت سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ان ٻڌ مت ورثي کي ڏسڻ لاءِ پاڪستان ايندو جنهن سان نه رڳو وڏو ناڻو حاصل ٿيندو پر دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص به اجاگر ٿيندو.

اي پي پي سنڌي سروس جي ٿورن سان

مضمون کا ماخذ : عظیم البینی