GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پناهگاهن جو قيام: بي سهارا طبقي جي لاءِ محفوظ ۽ پرسڪون رهائش

image

ترجمو: عدنان کوکر

اسلامي تعليم معاشري ۾ ڀائيچاري، محبت ۽ ايثار ۽ قرباني جي لازوال جذبي جي فروغ لاءِ غريب، بيوس ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ذريعي سموري انسانيت کي هڪ ٻئي جي وقار ۽ احترام جو درس ڏي ٿي. ڪنهن به معاشري جي معاشي ۽ سماجي ترقي جو دارومدار سمورن طبقن جي لاءِ هڪ جهڙو معيار زندگي فراهم ڪرڻ تي آهي، خاص طور تي انهن ماڻهن کي جن کي اقتصادي ترقي جا موقعا گهٽ ملن ٿا، گهٽ آمدني رکن ٿا ۽ اهي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا هوندا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت مديني جي رياست جي تصور کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ۾ رهندڙ بي سهارا طبقي جي احترام ۽ وقار کي يقيني بڻائڻ ۽ غربت جي ڪري مجبور، فٽ پاٿ ۽ رستن تي کليل آسمان هيٺ راتيون گذاريندڙ ماڻهن جي لاءِ 10 نومبر 2018ع تي شيلٽر هوم (پناهگاهه) پراجيڪٽ جو بنياد رکيو هو.

وزيراعظم عمران خان ان منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو هو ته هي منصوبو سندس حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل هڪ اهم منصوبو آهي. هن چيو ته بي سهارا طبقي کي پناهگاهه فراهم ڪرڻ هڪ خواب هو ۽ پناهگاهون قائم ڪرڻ مديني جي رياست طرف هڪ عملي قدم آهي. هن ان کي مسافر، پورهيت، بي گهر ماڻهن کي باعزت رهائشي سهولتون ڏيڻ سان گڏ معاشرتي ترقي جو منصوبو پڻ قرار ڏنو. پاڪستان ۾ 2017ع جي آدمشماري موجب ملڪ جي آبادي لڳ ڀڳ 220 ملين آهي ۽ ان مان 20 ملين جي آبادي بي گهر يا رهائش جي ناڪافي سهولت رکندڙ ماڻهن تي ٻڌل آهي.

ان ڏس ۾ شيلٽر هومز منصوبو سماجي ڀلائي ۽ معاشرتي ترقي جو منصوبو ۽ وزيراعظم عمران خان جي مديني جي رياست ۽ فلاحي رياست قائم ڪرڻ جي خواب جي عملي تعبير آهي جنهن جو مقصد پورهيت ۽ بي گهر ماڻهن کي باعزت رهائش جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن وقت لاهور شهر ۾ 6 شيلٽر هومز جن ۾ ڀاٽي گيٽ، فروٽ مارڪيٽ، ريلوي اسٽيشن، بس اڏو ۽ ٺوڪر نياز بيگ ۽ گلبرگ شامل آهن، جيڪي خدمت ۾ مصروف عمل آهن جتي رهائش پذير ماڻهن کي رهائش، حفظان صحت جي اصولن کي نظر ۾ رکي ٺاهيل کاڌي ۽ حفاظتي سهولتن سان گڏ هڪ بيڊ ۽ ناشتي جي سهولت ڏني پئي وڃي، هتي سيڪيورٽي جي لاءِ 24/7 ڪئميرائون نگراني ڪن ٿيون، پناهگاهه ۾ صاف سٿرو ماحول، صاف بستر، سردين ۾ گرم پاڻي جي سهولت، اٽيچ باٿ رومز، ڪپڙا ڌوئڻ جي سهولت جڏهن ته هر پناهگاهه ۾ هڪ مسجد موجود آهي، انهن شيلٽر هومز ۾ رهائش رکندڙ ماڻهن کي ميڊيڪل ٽيمون پڻ مفت علاج جي سهولت مهيا ڪري رهيون آهن.

سوشل ويلفيئر ۽ بيت المال پنجاب جي صوبائي وزير ياور بخاري ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته معاشري جي ضرورتمند طبقن جي مدد ڪرڻ موجوده حڪومت جي ترجيحي ايجنڊا آهي، وزيراعظم عمران خان ملڪ جي بهتري ۽ ڀلائي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اهي پناهگاهون قائم ڪرن جو مقصد مسافر، بي گهر ۽ پورهيت طبقي کي باعزت رهائش جي سهولت ڏيڻ آهي. هن چيو ته گذريل ٻن سخت سرديءَ جي موسمن ۽ سخت موسمي صورتحال دوران پنجاب حڪومت صوبي جي سمورن 36 ضلعن ۾ 92 عارضي پناهگاهون قائم ڪيون آهن، حڪومت ان سهولت جو دائرو ٻين وڏن شهرن تائين وڌائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته مقامي ۽ عالمي سطح تي به پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت جي ان شاندار منصوبي کي تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي، ڇو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان غريب ۽ بي گهر ماڻهن کي باقاعده طور تي انهن پناهگاهن ۾ رهڻ جي سهولت ملندي. هن چيو ته هي منصوبو حڪومت جي ويزن 2025ع جي سماجي ڀلائي جي قدمن جو هڪ عملي قدم آهي، جنهن سان ملڪ ۾ معاشرتي انصاف ۽ برابري کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي.

ڀاٽي گيٽ پناهگاهه جي سوشل ويلفيئر آفيسر عبدالرحمان چيو ته اسان وٽ 142 مردن ۽ عورتن جي لاءِ 16 رهائشي بيڊز جي گنجائش آهي. 7 هال مردن جي لاءِ جڏهن ته 2 هال عورتن جي لاءِ مخصوص آهن. هن چيو ته پناهگاهن ۾ رهڻ لاءِ هڪ مناسب طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي ٿو جنهن تحت ڪورونا ايس او پيز کي سامهون رکندي سڀ کان اڳ انهن جي صحت چيڪ ڪئي وڃي ٿي، انهن کي پناهگاهه جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ماسڪ فراهم ڪيو وڃي ٿو ۽ اصل ڪمپيوٽرائيزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ۽ ان جي مڪمل ڊيٽا ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪرڻ کانپوءِ پناهه وٺندڙ شخص کي بستر نمبر وارو ڪارڊ مخصوص ڪيو وڃي ٿو، ان کي بستر ڏيڻ کان اڳ سي اين آءِ سي چيڪ ڪرڻ ۽ آڱوٺي جي نشان ۽ تصوير وٺڻ جي لاءِ ڊيوٽي آفيسر وٽ وٺي وڃبو آهي ته جيئن اهو ان جا تفصيل ڊيٽا بيس ۾ داخل ڪري. هن چيو ته بيمار ۽ وڏي عمر جي ماڻهن کي پناهگاهه جي فراهمي جي معاملي ۾ ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ انهن جي سهولت لاءِ واش رومز جي ويجهو بستر ڏنا وڃن ٿا. واضح رهي ته شيلٽر هوم پراجيڪٽ هڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت بورڊ آف ڊائريڪٽرز هلائي رهيا آهن. هن چيو ته هي شيلٽر هوم مستقل رهڻ وارا گهر نه آهن پر هتي مسافر ۽ محتاج ماڻهو وڌ کان وڌ ٽن راتين تائين قيام ڪري سگهي ٿو. ان دوران هر 24 ڪلاڪن کانپوءِ 2 کاڌا به کائي سگهي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران سمورن شهرين جي لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ جي پڻ شروعات ڪئي وئي آهي ان منصوبي سان شهرين کي مستقل طور تي پنهنجو گهر حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

لاهور جي هڪ پناهگاهه ۾ رهندڙ حمزه ٻڌايو ته هو هتي مزدوري جي لاءِ آيو آهي ۽ رات گذارڻ جي لاءِ داتار درٻار ويجهو قائم پناهگاهه ۾ رهائش پذير آهي، هن انهن رهائشگاهن ۾ بيڊ، وهاڻي، گرم ڪمپل ۽ ان کانسواءِ معياري کاڌي ۽ ٻيون فراهم ڪيون ويندڙ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان بيت المال انهن پناهگاهن ۾ صفائي سٿرائي جو تمام سٺو انتظام ڪيو آهي ۽ هتان جو عملو به پناهه وٺندڙ ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ ۾ مڪمل تعاون ڪري ٿو. هن چيو ته اڳ ۾ غريب ماڻهو سخت موسم ۾ فوٽ پاٿن تي سمهندا هئا پر هاڻي اهي آرامده بسترن تي مزي سان رات گذارين ٿا جيڪا غريبن جي لاءِ هڪ تمام وڏي سهولت آهي. هن چيو ته بطور پاڪستاني اها اسان جي به ذميواري آهي ته اسان انهن پناهگاهن کي پنهنجو گهر سمجهندي هتان جي قاعدن ۽ ضابطن جي پابندي ڪريون ۽ صفائي سٿرائي، ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪريون.

ڪوئيٽا سان تعلق رکندڙ هڪ شهري شير علي ٻڌايو ته هو ڪوئيٽا کان مزدوري ڪرڻ جي لاءِ هتي لاهور ۾ آيو آهي ۽ وٽس رهڻ جي لاءِ ڪا سهولت نه هئي پر موجوده حڪومت پاران پناهگاهن جي صورت ۾ غريب عوام جي لاءِ هڪ بهترين رهائشي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته بي گهر، پورهيت ۽ غريب ماڻهن جي لاءِ هي تمام سٺو قدم آهي. هن چيو ته هي رڳو پي ٽي آءِ جو ئي ڪارنامو آهي جنهن ان منصوبي کي عملي جامعو پارايو آهي جنهن جو مثال ماضي ۾ نه ٿو ملي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران معاشري جي ضرورتمند ۽ مستحق طبقي کي پناهگاهه جهڙي بنيادي سهولت يقينن هڪ بهتر ۽ وقت سر قدم آهي جيڪو خاص طور تي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ انسانيت جي فلاح ذريعي اسلامي فلاحي رياست جي خواب کي تعبير ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو.

مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ