GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

افغانستان لاءِ وسيلن جي دستيابيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ جي اسپين جي هم منصب سان ڪيل گڏيل پريس ڪانفرنس

image

اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان لاءِ وسيلن جي دستيابيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي، افغانستان جا فنڊ رڳي ڪافي نه هوندا، عالمي برادريءَ کي افغانستان کي مالي بحران کان بچائڻ ۽ معاونت لاءِ اڳيان وڌڻ جي ضرورت آهي. وفدن جي سطح تي ڳالهين بعد اسپين جي هم منصب جوزي البرس سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ اونها ٻه طرفه ناتا آهن. هن چيو ته مون اسپين جي پرڏيهي وزير کي افغانستان جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جي نقطه نظر کان آگاهه ڪيو. افغانستان جي حوالي سان پاڪستان ۽ اسپين جو نقطه نظر هڪجهڙو آهي، ٻئي ملڪ پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ چاهين ٿا پر سوال اهو آهي ته ان مقصد لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ ضروري آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسپائيلرز دوحه ۾ بين الافغان ڳالهين کي حتمي نتيجي تائين پهچڻ نه ڏنو، جيڪڏهن بين الافغان ڳالهيون نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿين ها ته صورتحال مختلف هجي ها، دنيا کي افغانستان ۾ نئين حقيقت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادريءَ کي افغانستان جي مدد لاءِ اڳيان وڌڻو پوندو. موجوده صورتحال ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جا اثر شديد نوعيت جا ٿي سگهن ٿا، اسان کي افغانستان طرف هاڪاري رويي جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته گذريل ڏينهن ڪابل کان 200 ماڻهن کي کڻي هڪ اُڏام دوحه پهتي. افغانستان مان واپسيءَ جو انتظار ڪندڙ ماڻهن جي محفوظ واپسي عالمي برادريءَ جي خواهشن موجب آهي. پاڪستان افغانستان جي مدد جاري رکندو. هوائي ۽ زميني رستن وسيلي افغان ڀائرن جي انساني بنيادن تي معاونت جاري رهندي. هن چيو ته افغانستان جو معاشي بحران ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پاڪستان طرفان کنيل ٺوس عملي قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ جي ايس پي پلس درجي جي حوالي سان اسپين طرفان پاڪستان جي مسلسل حمايت تي اسپين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا، اسان پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ پنجين سالياني مشاورتي اجلاس جي جلد منعقد ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيون. اسپين لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا بهترين موقعا موجود آهن. پاڪستان جي بهتر صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ملڪن ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪئي آهي. مون انهي تناظر ۾ اسپين جي پرڏيهي وزير سان پاڪستان جي حوالي سان ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ٿيون. جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جڏهن ته اسپين جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزير جوزي البرس ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ گهرا ۽ ٻه طرفه لاڳاپا آهن، اسپين يورپي يونين جو اهم ملڪ هئڻ جي ناتي پڻ اسان لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. هن چيو ته افغانستان جي حوالي سان لڳايل سمورا اندازا غلط ثابت ٿيا آهن. افغانستان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران جنهن گهرو ويڙهه جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو اهو في الحال ٽري چڪو آهي، جڏهن ته طالبان طرفان عام معافي، افغانين جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان سامهون آيل شروعاتي بيان حوصلو ڏيندڙ آهن. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان افغان امن عمل ۾ ڀرپور ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو. چئن ڏهاڪن بعد افغانستان ۾ امن جي اُميد پيدا ٿي آهي جنهن کي وڃائڻ نه گهرجي. ان نازڪ مرحلي تي جيڪڏهن دُرست فيصلا نه ڪيا ويا ۽ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته ان جا خراب اثر ظاهر ٿيندا. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن کي مستقبل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان 30 کان وڌيڪ ملڪن جي 12 هزار ماڻهن کي ڪابل مان محفوظ واپسيءَ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي خوشي آهي ته توهان جو هي دؤرو ان موقعي تي ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ ڪامياب سفارتي ناتن کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي آهن. اسپين يورپي يونين ۾ پاڪستان جو ٽيون وڏو واپاري شراڪتدار آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ دفاعي پيداوار سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته اسپين پاڪستاني مسافرن لاءِ ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪندو. اسپين جي پرڏيهي وزير شاندار استقبال ڪرڻ تي مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا ۽ اسپين ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ سياسي مشاورتي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جو عزم ورجايو.

مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ