GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

وڏيون مافيائون ملڪ ۾ قانون جي بالادستي نٿيون چاهيون، ماضي جي حڪمرانن نظام کي مضبوط ٿيڻ نه ڏنو: وزيراعظم

image

ڊيره اسماعيل خان – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏيون مافيائون ملڪ ۾ قانون جي بالادستي نٿيون چاهيون، ماضي جي حڪمرانن نظام کي مضبوط ٿيڻ نه ڏنو، ڪرپٽ سسٽم مان فائدو کڻندڙ چون ٿا ته اسان کي اين آر او ڏيو ۽ غريبن کي پڪڙيو، ملڪ ۽ عوام جي ترقي لاءِ ايندڙ چونڊن جو نه ايندڙ نسلن جو سوچڻو پوندو، وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، پاڻي ذخيرو ڪرڻ، پاڻي جي بهتر استعمال، بنجر زمينون پوکي لائق بڻائڻ ۽ زرعي تحقيق تي ڌيان ڏيڻو پوندو، اهڙي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون ته عالمي منڊي جا اثر اسان جي ملڪ ۾ شين جي قيمتن تي نه پون، وزيرستان ۾ محسود ۽ وزير قبائل لاءِ ٻه ضلعا ٺاهينداسين، هن اهڙن خيالن جو اظهار آبادگار ڪنوينشن ۽ آبادگار ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، وزيراعظم جو خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست جو قيام دنيا جو هڪ تمام وڏو انقلاب هو ۽ اسلام جي نالي کي ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ جي هو قائل نه آهي، حضور اڪرم ﷺ جي حيات مبارڪ جو مطالعو ڪيو آهي، ڪجهه سالن ۾ ئي مديني جي رياست دنيا جون حالتون بدلائي ڇڏيون، اڄ دين جي عمل نه ڪرڻ جي ڪري اسان جون حالتون خراب آهن، مديني جي رياست ۾ عدل ۽ انصاف جو نظام قائم ڪيو ويو هو، پاڪستان ۾ وڏيون مافيائون قانون جي بالادستي نٿيون چاهيون ۽ جيڪي ماڻهو ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻي رهيا آهن اهي چون ٿا ته اسان کي اين آر او ڏيو ۽ غريبن کي پڪڙيو. ماضي جي حڪمرانن نظام کي مضبوط نه ٿيڻ نه ڏنو، سچي ۽ غيرت مند ماڻهو ئي مضبوط قوم بڻائي سگهن ٿا، اسان کي وڏي قوم بڻجڻ لاءِ صادق ۽ امين بڻجڻو پوندو ۽ انصاف جو نظام قائم ڪرڻو پوندو ۽ عظيم قوم بڻجڻ لاءِ پنهنجي اخلاق کي بلند ڪرڻو پوندو، وزيراعظم چيو ته نوجوان پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو آهن، پاڪستان ۾ ڪنهن شيءَ جي کوٽ نه آهي، دنيا ۾ ڪنهن جي سامهون هٿ ٽگيندڙن جي عزت نه آهي غيرتمند ماڻهن جي عزت هوندي آهي. رشوت ڏيندڙ ۽ رشوت وٺندڙ ٻنهي جي غيرت ختم ٿي ويندي آهي، رشوت کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٻاهرين دنيا ۾ ڪو به اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو سوچي به نٿو سگهي پر اسان جي ملڪ ۾ پولنگ ايجنٽس به موجود هوندا آهن پر ان جي باوجود اسان جو ڌيان ووٽرز کي پولنگ اسٽيشن تي آڻڻ کان وڌيڪ ڌانڌلي کي روڪڻ تي هوندو آهي، ٻاهرين ملڪ اربين روپين جون جائيدادون ٺاهيندڙ هاڻي اتي ويـٺل آهن ۽ تقريرون ڪري رهيا آهن پر پنهنجي آمدني جي ذريعن جي هڪ رسيد تائين نٿا ڏيکاري سگهن، اسان مافياز جي خلاف قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون پر گڏوگڏ قوم کي به پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو آهي، قيام پاڪستان جي وقت اسان جي آبادي 4 ڪروڙ کان به گهٽ هئي، اڄ آبادي 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود گذريل 40 سالن کان 40 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي، هلندڙ سال ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداور ٿيڻ جي باوجود اسان کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي، اهڙي طرح داليون، گهيي ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون به درآمد ڪندا آهيون، ٻاهرين منڊين ۾ قيمتون وڌڻ سان به مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته بينادي تعليم ۽ بنيادي صحت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، انهي سان وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اسان کي پنهنجي وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لا فصلن جي پيداوار ۾ به اضافو ڪرڻو پوندو جيڪڏهن آبادي اهڙي طرح وڌندي رهي ته پوءِ اڳتي بک ۽ بيروزگاري کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، گذريل هڪ سال ۾ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون گذريل 20 سالن جي مقابلي ۾ وڌيڪ وڌيون آهن، ملڪ ۾ جيڪڏهن اناج پوکيون ته ٻاهرين قيمتن جو اسان جي مٿان اثر نه پوندو، هن چيو ته گومل زام ڊيم مان ٻه لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين آباد ٿيندي، جن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ۽ زمينون غير آباد پيون آهن انهن تي ماضي ۾ ڌيان نه ڏنو ويو، هاڻي پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ پاڻي جي بهتر استعمال تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، 50 سالن کانپوءِ ملڪ ۾ 10 وڏا ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، هن وقت پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت 14 ملين ايڪڙ فوٽ آهي جنهن کي 25 ملين ايڪڙ فوٽ تائين وڌايو ويندو. فصلن جي پيداوار لاءِ پاڻي جو بهتر استعمال ضروري آهي، ان سان گڏوگڏ زرعي تحقيق جي فروغ تي به ڌيان ڏيڻو پندو، پهرين زرعي يونيورسٽي فيصل آباد ۾ وڏي تحقيق ٿيندي هئي پر هاڻي نه ٿي رهي آهي، هندستان به اسان سان گڏ آزاد ٿيو پر اتي زرعي تحقيق وڌيڪ ٿي رهي آهي ان لاءِ ان جي زرعي پيداوار اسان کان وڌيڪ آهي، پاڻي جي بهتر استعمال، معياري ٻج ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي فصلن جي پيداوار وڌائي سگهجي ٿي، ان سلسلي ۾ وزيرستان ۾ زرعي ترقي جي وڏي گنجائش آهي، ملڪ ۽ خاص طور تي خيبرپختونخوا ۾ زيتون جي پوک جو انقلاب اچي رهيو آهي، بلوچستان ۽ ٻين علائقن ۾ به زيتون جي پوک کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ اسان اهو برآمد ڪري سگهون ٿا، پاڪستان ۾ زيتون ۽ ايواڪارڊو جهڙين ڀاڄين ۽ ميون جي پوک لاءِ حالتون انتهائي موزون آهن، اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ترقي لاءِ ايندڙ اليڪشن جو نه پر ايندڙ نسلن جو سوچڻو پوندو. 60ع جي ڏهاڪي کان پوءِ پهريون ڀيرو زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن، وزيراعظم چيو ته اسان 70 کان 80 سيڪڙو کاڄرو تيل درآمد ڪندا آهيون پنهنجي ملڪ ۾ پام آئل ۽ سويابين جي پيداوار وڌائڻ جي ضرورت آهي، اسان اهڙي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون ته دنيا جون حالتون ڪهڙيون به هجن، عالمي منڊي ۾ قيمتن جا اثر اسان جي مٿان نه پون ۽ اسان پنهنجي فصلن جي پيداوار ۾ پاڻڀرا هجون. هن چيو ته ڊيره اسماعيل خان جي زمين تمام گهڻي زرخيز آهي، هتان زرعي پيداوار وڌائي سگهجي ٿي، ان کانسواءِ چولستان ۾ به پاڻي جو صحيح استعمال ڪري اسان پنهنجي پيداوار وڌائي سگهون ٿا، ڊيره اسماعيل خان ۾ زرعي يونيورسٽي جي قيام سان تحقيق کي فروغ ملندو، نمل يونيورسٽي ۾ به زرعي تحقيق جو انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو پيو وڃي سي پيڪ تحت چين جي تعاون سان زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻايو پيو وڃي، ان کانسواءِ کير جي پيداوار وڌائڻ تي به ڌيان ڏنو ويندو، هن چيو ته موجوده حڪومت جي قدمن جي ڪري آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي. پهرين شوگر مافيا کين ادائيگيون نه ڪندو هو ۽ مقرر اگهن کان به گهٽ معاوضو ڏنو ويندو هو، حڪومت آبادگارن کي انهن جي فصلن جو معاوضو ڏياريو جنهن کانپوءِ آبادگارن فصلن جي پوک تي ڌيان ڏنو اهو ئي سبب آهي ته ڪڻڪ، چانور ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي ان کانسواءِ ڪپهه جي به بهترين فصل ٿيندي، جڏهن آبادگارن جي آمدني وڌندي ته انهن ۾ خوشحالي کڻي ايندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت قبائلي علائقن جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، وزيرستان ۾ محسود ۽ وزير قبائل لاءِ ٻه ضلعا ٺاهيا ويندا. ٻنهي قبلين جي وچ ۾ زمينن جي حوالي سان مسئلا آهن، زمينن جي تڪرار جي حل لاءِ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان کي هدايت ڪئي آهي، نون ضلعن جي قيام سان انتظامي معاملن ۾ بهتري ايندي ۽ ماڻهن کي بهتر سهولتون ملنديون.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج