GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ڪوويڊ 19 جي ويڪسين جي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو، اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ سهولت جي قدمن جي ضرورت آهي: وزيراعظم

image
APP59-051021 ISLAMABAD: October 05 - Prime Minister Imran Khan addressing virtually at the World Leaders Summit Dialogue organized on the occasion of 15th Quadrennial Meeting of UNCTAD. APP

اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ڪوويڊ 19 جي ويڪسين جي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو، اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ سهولت جي قدمن جي ضرورت آهي، غريب ملڪن مان امير ملڪن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي کي روڪڻو پوندو، مني لانڊرنگ جي نتيجي ۾ غريب ملڪن ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ۽ غربت تي ضابطو آڻڻ جا هدف حاصل ڪرڻ مشڪل آهي، ان حوالي سان آگھاهي پيدا ڪري اسرندڙ ملڪن سان ٿيندڙ ناانصافي کي روڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار 15 هين يونائيٽيڊ نيشنز ڪانفرنس آن ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ (يو اين سي ٽي اي ڊي) جي ورلڊ ليڊرز جي ٽئين مذاڪري کي ورچوئل خطاب دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ جي مذاڪري ۾ چئن اهم مسئلن تي ڳالهه ڪندس جن مان سڀ کان بنيادي ۽ اهم مسئلو ڪوويڊ ويڪسين جي اڻبرابر ورڇ آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن جي ڀيٽ ۾ ترقي يافته ۽ امير ملڪن ۾ ويڪسين لڳائڻ جي شرح ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ان لاءِ عالمي برادري کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ ڪوويڊ ويڪسين جي اڻبرابر ورڇ کي ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ اسرندڙ ۽ غريب قومن جي معاشي ترقي بري طرح متاثر ٿي ان لاءِ ڪوويڊ 19 جي مسئلن جي مڪمل خاتمي تائين قرضن جي ادائيگي ۾ سهولت ڏني وڃي. هن چيو ته مون ان حوالي سان عالمي سطح تي هڪ مهم به هلائي ته جيئن امير ملڪ اسرندڙ ملڪن جي مشڪلاتن جو احساس ڪندي انهن کي قرضن ۾ سهولت فراهم ڪن. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽيون اهم مسئلو موسمياتي تبديليون آهي جنهن جي ڪري پاڪستان جهڙا اسرندڙ ملڪ بري طرح متاثر ٿي رهيا آهن. موسمياتي تبديلين جي ڪري گليشيئرز جي پگهڙڻ جي شرح ۾ خوفناڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڻي جي لاءِ گليشيئرز تي ئي دارومدار ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي پگهڙڻ جي شرح ۾ اضافي سان پاڻي وسيلن جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته امير ملڪ ڪلائميٽ فنانس جي شرح اضافو ڪن ته جيئن موسمياتي تبديلين جي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي. هن چيو ته عالمي برادري کي گهرجي ته انهن ملڪن جي خصوصي مدد ڪري جتي ڪاربن جو خارج گهٽ هجي. وزيراعظم عمران خان يو اين سي ٽي اي ڊي جي مذاڪري ۾ شامل عالمي اڳواڻن کي چيو ته منهنجي موجب چوٿون اهم مسئلو غريب ملڪن مان امير ملڪن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي آهي جنهن کي روڪڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته اسرندڙ ۽ غريب ملڪن مان حڪمران اشرافيه اٽڪل 7 کرب ڊالر ڦري امير ملڪن ۾ منتقل ڪيا آهن ۽ هر سال اٽڪل هڪ کرب ڊالر منتقل ڪيا پيا وڃن جيڪي اسرندڙ ملڪن جي بدعنوان اشرافيه ڪري ٿي. هن چيو ته ان سان هڪ تباهي آڻيندڙ صورتحال جنم وٺي رهي آهي ۽ غريب ملڪن مان امير ملڪن کي رقم جي غيرقانوني منتقلي جو بحران سخت ٿيندو پيو وڃي جيڪو ايندڙ سالن دوران وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته اسان کي مني لانڊرنگ کي روڪڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان حوالي سان امير ملڪن کي جيڪي قدم کڻڻ گهرجن ها بدقسمتي سان نه پيا کنيا وڃن جنهن جي نتيجي ۾ اسرندڙ ملڪن جي غريب عوام پيڙهجي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن به ڪنهن ملڪ مان پئسو ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪيو وڃي ٿو ته ان سان مقامي ڪرنسي جو قدر گهٽ ٿئي ٿو ۽ ناڻي واڌ جي ڪري غربت جي شرح وڌڻ جي نتيجي ۾ ماڻهو بک سان مري وڃن ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن مني لانڊرنگ جو تسلسل جاري رهيو ته دنيا جا ڪجهه امير ملڪ پوري دنيا جي دولت پاڻ وٽ گڏ ڪري وٺندا. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته ان ناانصافي کي روڪيو وڃي ڇو ته ان سان امير ۽ غريب ملڪن ۾ خال وڌي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته مني لانڊرنگ جي تدارڪ جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪري اسرندڙ ۽ غريب ملڪن سان ٿيندڙ ناانصافي کي روڪيو وڃي.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق