GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع خوش آئنده آهي: صدر

image
APP34-011221 ISLAMABAD: December 01 - President Dr. Arif Alvi addressing the signing ceremony of the Protection of Journalists and Media Professionals Act-2021 at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع تي صحيح کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ان ايڪٽ کي صحافين جي تحفظ ۽ ڀلائي ۽ ترقي لاءِ هڪ سٺي جذبي تحت صحافين جي مشاورت سان تيار ڪري پارليامينٽ مان منظور ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پي ايف يو جي سميت صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن، سڄي ملڪ جي مختلف پريس ڪلبز جي عهديدارن ۽ صحافين جي هڪ وڏي تعداد شرڪت ڪئي. صدر پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع تي صحيح کي هڪ تاريخي ڏينهن قرار ڏيندي چيو ته صحافي سدائين دٻاءُ جو شڪار رهيا آهن ۽ هاڻي اتفاق راءِ سان پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ م نظور ڪري ان تي صحيحون ڪيون ويون آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صحافي غير جانبدار هوندا آهن ۽ هو هر وقت خطري ۾ رهندا آهن، صحافي ڊگهي عرصي کان پنهنجي حقن ۽ تحفظ لاءِ آواز بلند ڪندا رهيا آهن، صحافين کي ماضي ۾ مافياز جي هٿان قتل ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعن کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ کين هراسان به ڪيو ويندو رهيو آهي، ان ايڪٽ جي ذريعي صهافين کي ان ڳالهه جو تحفظ ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي ذريعن کي ڊسڪلوز نٿا ڪري سگهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته صحافي به پنهنجون ذميداريون پوريون ڪندا، ان ايڪٽ جي ذريعي صحافين لاءِ هڪ ويلفيئر اسڪيم جاري ڪئي وئي آهي، صدر چيو ته پاڪستان سميت دنيا کي فيڪ نيوز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، قرآن پاڪ ۾ حڪم آهي ته ڪو فاسق جيڪڏهن ڪا ننڍي خبر کڻي اچي ته ان جي تصديق ڪريو، هن چيو ته ايڪٽ تحت ميڊيا ڪميشن به قائم ڪيو ويندو، صدر ذميداراڻي صحافت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته صحافين کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ڪا به خبر حقيقي تناظر ۾ ڏني وڃي، صدر ايڪٽ صحيح کي ملڪ ۽ صحافين لاءِ وڏو ڏينهن قرار ڏيندي چيو ته حڪومت هڪ بهترين جذبي تحت ايڪٽ کي منظور ڪيو آهي، هن چيو ته صحافي به پنهنجون ذميداريون پوريون ڪن ۽ معاشري جي حقن کي نظر ۾ رکن، ايڪٽ جي منظوري کانپوءِ حڪومت ۽ صحافتي ادارن جي مالڪن جي ذميداري وڌي وئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ شرڪت تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع تحت پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ورڪنگ جرنلسٽس کي اهي حق فراهم ڪيا ويا آهن جيڪي فرسٽ ورلڊ جي صحافين کي دستياب آهن، حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت جو فرض آهي ته اهي ورڪنگ جرنلسٽس جي پٺيان بيٺل هجن، اسان پنهنجي ميڊيا جي آزادي جي ڀيٽ ٿرڊ ورلڊ ۽ مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جو ڪريڊٽ انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري کي وڃي ٿو. هن چيو ته جڏهن هو 2018ع ۾ اطلاعات وارو وزير بڻيو ته ان جو آئيڊيا ان جي ذهن ۾ آيو، هن اهو ڪم انساني هقن واري وفاقي وزير جي حوالي ڪيو جنهن ان ايڪٽ جي تياري ۾ اڻٿڪ ڪوشش ڪئي جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون. هن چيو ته حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت جو فرض آهي ته اهي ورڪنگ جرنلسٽس جي پٺيان بيٺل هجن. ان ايڪٽ جي تياري ۾ صحافي تنظيمن سميت صحافين جي سمورن گروپس سان مشاورت ڪئي وئي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ هڪ طبقو اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته هتي پريس کي آزادي حاصل نه آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ پريس فري نه آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به پريس فري نه هوندي. هن چيو ته جڏهن پريس جي آزادي جي ڳالهه اچي ٿي ته اسان پنهنجي ڀيٽ ٿرڊ ورلڊ ۽ مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جتي به ذميواير لڳائي، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ان حوالي سان ڪا نمايان تبديلي کڻي اچون. انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيسنلز بل تي سينيئر صحافين ۽ صحافتي تنظيمن سان مشاورت شروع ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان، اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻين حڪومتي عهديدارن ايڪٽ جي تياري ۾ ڀرپور طريقي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ايڪٽ جي منظوري کانپوءِ ميڊيا مالڪ هاڻي صحافين جي انشورنس ۽ ڀلائي جا ٻيا قدم کڻڻ جا پابند هوندا. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحافين جي تحفظ ۽ صحافت جي آزادي جي فروغ واري جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن ايڪٽ 2021ع تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن ۽ صحافين جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته قومي اسيمبلي 8 نومبر2021ع ۽ سينيٽ 19 نومبر 2021ع تي صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ (ايڪٽ) بل 2021ع جي منظوري ڏني هئي. ان ايڪٽ تحت صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي رازداري جو حق حاصل ٿي ويو آهي، کين پيشيوراڻي ذميدارين جي آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي سرانجام ڏيڻ ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو حق حاصل ٿيو آهي، کين نجي زندگي، گهر ۽ ذاتي خط ۽ ڪتابت (بشمول اليڪٽرانڪ ڳالهه ٻولهه) جي پرائيويسي، پنهنجي خبر جي ذريعن کي ڳجهو رکڻ جو حق ۽ ڪنهن به فرد يا اداري پاران ڏاڍ، تشدد، خوف ۽ هراس، داٻن، ڌمڪي ۽ جبري گمشدگي جي خلاف تحفظ حاصل ٿي ويو آهي. کين خبر جو ذريعو ٻڌائڻ لاءِ مجبور نه ڪري سگهبو، ان بل تحت دهشتگردي جي خاتمي ۽ قومي سلامتي جي قانونن جي ميڊيا پروفيشنلز جي پيشيوراڻي سرگرمين کي روڪڻ جي خلاف ناحق استعمال جي روڪٿام ڪئي ويندي. ميڊيا مالڪ صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي مقرر ڪيل معيارن تحت لائيف اينڊ هيلٿ انشورنس فراهم ڪندا. ميڊيا مالڪ صحافين کي وقت سر پگهار ڏيڻ جا پابند هوندا. بل موجب صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ، شڪايتن جي آزاداڻي جاچ ۽ فوري ازالي لاءِ آزاد ڪميشن قائم ڪيو ويندو، ڪميشن ۾ پاڪستان بار ڪائونسل، پي ايف يو جي، نيشنل پريس ڪلب، پي آر اي، انساني حقن واري وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا نمائندا شامل هوندا. وفاقي حڪومت ڪميشن جي چيئرپرسن جو ٻن سالن لاءِ مقرر ڪندي، ڪميشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي عورت ميمبر شامل هونديون. بل تحت آئين جي آرٽيڪل 9 موجب صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي زندگي ۽ سيڪيورٽي جي حق کي يقيني بڻايو ويندو، ڪو به ماڻهو، ادارو اهڙو قدم نه کڻي سگهندو جنهن سان ڪنهن صحافي ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي زندگي جي حق ۽ حفاظت جي خلاف ورزي ٿئي. حڪومت صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي جبري يا رضاڪاراڻي گمشدگي، اغوا يا کڻي وڃڻ جي خلاف تحفظ ڏيندي، هو بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجو ڪم ڪري سگهندا، ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته انهن جي رازداري واري حق کي ڪو به ماڻهو، آفيسر، ايجنسي يا ادارو پائمال نه ڪري. صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جو اظهار راءِ جو حق، لاڳو قانونن موجب هوندو، بل تحت قوميت، نسلي، مذهبي منافرت کي هوا ڏيندڙ ۽ امتياز، دهشت يا تشدد کي ڀڙڪائيندڙ مواد تي پابندي هوندي، نسلي، لساني، ثقافتي يا صنفي نفرت پکريندڙ مواد جي تخليق تي به پابندي هوندي، بل تحت صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز لاءِ اها ڳالهه لازمي قرار ڏني وئي ته اهڙي مواد جي ڇپائي نه ڪئي ويندي جنهن جي غلط يا ڪوڙو هجڻ جو ان کي پتو هجي، جيڪو ايئن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندو ان جي خلاف ڪيس هلايو ويندو. سرڪاري ملازم يا اداري جي طرفان صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز تي تشدد، نازيبا زبان جي استعمال جي صورت ۾ متاثر ان جي خلاف 14 ڏينهن اندر ڪميشن جي سامهون شڪايت داخل ڪرائي سگهندا. وفاقي محتسب يا لاڳاپيل ادارو 14 ڏينهن اندر هراسگي جي خلاف جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جي قدم کڻندو، صحافي جي شڪايت تي ڪميشن مشاورتي ڪميٽي قائم ڪندي جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويندو ته شڪايت کي ٻڌڻ گهرجي يا نه، ڪميشن ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي شڪايت تي قانوني ڪارروائي ٿئي، صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي ڌمڪي، تشدد، جبر جي حوالي سان ڪنهن کي به قانوني ڪارروائي کان ڇوٽ حاصل نه هوندي، متاثر صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي قانوني مدد به فراهم ڪئي ويندي، بل تحت ڪميشن صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي شڪايت تي حڪومت، ڳجهي اداري يا اٿارٽي کان معلومات حاصل ڪندو، انهن کان رپورٽ، دستاويزن، ڊيٽا ثبوت طلب ڪندو، لاڳاپيل حڪومت، ايجنسي يا ادارو 14 ڏينهن ۾ جاچ ۽ ڪارروائي ڪندو، ڪميشن وٽ تقريبن سول ڪورٽ جهڙا اختيار هوندا، ڏوهه ڪميشن جي حدن کان ٻاهر ٿيو ته معاملي کي ميجسٽريٽ ڏانهن موڪليو ويندو، ڪميشن جي سامهون ٻڌڻي عدالتي ٻڌڻي تصور ٿيندي، سٺي نيت سان کنيل قدمن تي ڪميشن ۽ آفيسرن کي ڇوٽ حاصل هوندي، ميڊيا پروفيشنلز جي خلاف ڌمڪي آميز، جابراڻي ۽ متشدد ڪاررواين کي فوري ۽ موثر جاچ ۽ قانوني ڪارروائي کان ڇوٽ حاصل نه هوندي.

مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا