اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سيالڪوٽ سانحو اسلام جي تشخص کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش آهي، پوري قوم ان سانحي جي خلاف گڏ بيٺل آهي، انتهاپسند پارٽيون ڪڏهن به مرڪزي ڌارا ۾ نه ٿيون اچي سگهن، معاشرن ۾ هڪ ٻئي جي ڳالهه سمجهي ئي اڳتي وڌنداسين ته امن ٿي سگهي ٿو، پاڪستان هڪ اعتدال پسند ملڪ آهي. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز آڻن جو مقصد ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف مهم هلائي، جيڪا سياسي خودڪشي جي برابر آهي، نواز شريف جي پوري فيملي ٻاهرئين ملڪ آهي، اسان حسن ۽ حسين کي به موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا ته اهي پاڪستان ۾ پنهنجي والد جي پارٽي کي ووٽ ڏئي سگهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور ۾ شامل آهي ته اسان اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏينداسين ۽ اهو حق انهن کي ضرور ملندو، ڪابينا اجلاس ۾ اي وي ايم، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي آڊٽ نظام ۾ مضبوطي، مهانگائي ۾ گهٽتائي، قيمتن ۾ استحڪام تي ڳالهه ٻولهه ٿي، زرعي شعبي ۾ 400 ارب کان وڌيڪ آمدني ٿي، افغانستان مان 40 شين تي درآمدي ڊيوٽي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪابينا ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ملڪ ۾ ڀاڻ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ هڪ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪرڻ تي پيپرا ضابطن کان جزوي ڇوٽ ڏيڻ، ناڻي واري ڊويزن جي سفارش تي عامر علي خان کي ايس اي سي پي جي چيئرمين طور ٻيهر مقرري ۽ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري لاءِ سيڪيورٽي قدم کڻڻ جي پڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا سيالڪوٽ سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، سيالڪوٽ واقعو اسلامي تعليم جي ابتڙ آهي، اها اسلام جو تشخص مسخ ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته سيالڪوٽ سانحي ۾ ملوث گرفتار جوابدارن جو ٽرائل جلد شروع ڪيو وڃي ۽ انهن کي سزا ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته رياست اسلامي جمهوريه پاڪستان اقليتن سان تعلق رکندڙ هر شخص جي حقن جي تحفظ جي پابند آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشري ۽ حڪومت ان سانهي تي جهڙي طرح ردعمل جو اظهار ڪيو، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان ڀارت ۽ ٻين ملڪن کان تمام گهڻو مختلف آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف اهڙي قسم جا واقعا روزانو ٿين ٿا پر اتي خبر تائين نه پوي. هن چيو ته سيالڪوٽ سانحي تي پوري قوم گڏ بيٺل آهي، اي پي ايس سانحي وانگر پوري قوم ان سانحي تي به متحد آهي، پاڪستان جو هر شهري سان سانحي جي مذمت ڪري رهيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ماضي ۾ مختلف سببن جي بنياد تي جيڪي قدم نه کنيا ويا، اسان ان طرف اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اليڪشن ڪميشن کي اي وي ايم بابت پنهنجي تسلي ڪرڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن سميت هر شخص جي لاءِ اي وي ايم جو نظام سمجهڻ ضروري آهي، سمجڻ کانسواءِ تنقيد ۽ ان کي رد ڪرڻ تي اسان جو اعتراض بڻجي ٿو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جيڪي شرطون رکيون هيون، ان موجب پنهنجو ٽينڊر ڪري ڇڏي، دنيا ۾ اي وي ايم جا مينوفيڪچررز اي وي ايم کڻي ايندا، اسان ان تي عملدرآمد ڪري وٺنداسين، اي وي ايم آڻڻ جو مقصد ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جهڙي طرح اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف مهم هلائي، اها سياسي خودڪشي جي برابر آهي، ائين لڳي ٿو ته اوورسيز پاڪستانين جي ذميواري رڳو پي ٽي آءِ تي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهيون ٿا، اهو اسان جي منشور جو به حصو آهي. هن چيو ته نواز شريف جي پوري فيملي ٻاهرئين ملڪ رهيل آهي، حسن ۽ حسين جو موقف آهي ته انهن تي پاڪستاني قانون لاڳو ئي نه ٿو ٿئي، ائين لڳي ٿو ته انهن پاڪستاني پاسپورٽ ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان حسن ۽ حسين کي به موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا ته اهي به پاڪستان ۾ پنهنجي والد جي پارٽي کي ووٽ ڏئي سگهن. هن چيو ته بلاول ڀٽو پنهنجي سڄي زندگي ٻاهرئين ملڪ گذاري، اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان ان جي مخالفت جو سبب نظر نه ٿو اچي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور ۾ شامل آهي ته اسان اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏينداسين ۽ اهو حق انهن کي ضرور ملندو. هن چيو ته اي وي ايم جي حوالي سان آگاهي پروگرام پڻ شروع ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ شامل قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم سان ڪجهه عرصو اڳ ملاقات ڪئي، پي اي سي ۾ آڊٽ جي نظام بابت وزيراعظم چيو آهي ته هر اهو کاتو يا ڪميٽي جيڪا احتساب کي فروغ ڏيندي، پي ٽي آءِ جي حڪومت ان کي مضبوط ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جيتري شفاف هوندي ان سان پاڪستان ۾ شفافيت کي هٿي ملندي، ان مقصد جي لاءِ اسان چاهيون ٿا ته آڊٽ جي نظام ۾ مضبوطي آندي وڃي، اسان پي اي سي کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي ميمبرن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ڪم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ سڌارن جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون آهن. ناڻي واري صلاحڪار، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، عامر ڊوگر ۽ سيڪريٽري ڪابينا تي ٻڌل هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا انهن تجويزن جو جائزو وٺي سفارشن تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪندي. هن ٻڌايو ته ناڻي واري صلاحڪار وفاقي ڪابينا کي ضرورتن جي شين جي قيمتن جو تقابلي جائزو پيش ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ مسلسل ٻئين هفتي گهٽتائي ٿي رهي آهي، حساس اشاريه انڊيڪس ۾ 0.48 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته ايندڙ مهيني جنوري کان راشن پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ 31 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي 30 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي، ٻه ڪروڙ ماڻهن کي 2018ع جي مقابلي ۾ گهٽ قيمت تي اٽو ملندو. هن چيو ته اسان سنڌ ۾ مهانگائي جي نشاندهي ڪئي جنهن تي سنڌ حڪومت ڪجهه قدم کنيا، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ ڪجهه استحڪام آيو آهي پر وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1100 رپيا آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ 1456 رپيا ۽ حيدرآباد ۾ 1316 رپيا آهي. اهڙي طرح ڪوئيٽا ۾ اٽو ڪراچي کان وڃي ٿو اتي به اٽي جي قيمت 1400 رپيا آهي، ان کانسواءِ راولپنڊي، لاهور، فيصل آباد، پشاور ۽ بنون سميت ملڪ جي ٻين حصن ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1100 رپيا آهي. هن ٻڌايو ته سواءِ ڪراچي ۽ اسلام آباد جي پوري ملڪ ۾ کنڊ 90 رپيا في ڪلو ۾ دستياب آهي، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ کنڊ 97 رپيا في ڪلو ۾ ملي رهي آهي، اميد آهي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ کنڊ جي قيمت ۾ وڌيڪ ٽي کان چار رپيا گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته گيهه جي قيمت 399 رپيا في ڪلو آهي، اسان پام آئل درآمد ڪريون ٿا، دنيا ۾ پام آئل جون قيمتون وڌنديون ته گيهه ۽ کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته مڱ جي دال ۽ چڻن جي دال جي قيمتن ۾ به استحڪام آيو آهي. هن چيو ته اسان ضرورت جي شين جي قيمتن جي ڀيٽ علائقائي ملڪن سان ڪندا آهيون. چانهه کانسواءِ چڻن جي دال، مڱ جي دال، اٽي، کنڊ، ٽماٽن، چڪن، بيضن، تازي کير ۽ پيٽرول جون قيمتون سريلنڪا، بنگلاديش ۽ انڊيا جي مقابلي ۾ سڀ کان گهٽ پاڪستان ۾ آهن. هن چيو ته 24 ڪلاڪ مهانگائي جي حوالي سان پروپئگنڊه ڪئي وڃي ٿي، اسان دنيا کان الڳ نه آهيون، جيڪڏهن دنيا ۾ قيمتون وڌنديون ته ان جا اثر هتي به پوندا. هن چيو ته پگهاردار طبقي جي لاءِ مهانگائي ضرور ٿي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن سال زرعي شعبي ۾ 400 ارب رپين جي آمدني ٿي آهي، هاڻي جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته اسان پنهنجي ڀيٽ 1947ع کان شروع ڪريون جڏهن پاڪستان آزاد ٿيو هو، ان وقت ماڻهن جي آمدني به ڏسڻ گهرجي ها. آمدني ۽ خرچن جي ڀيٽ ڪري ئي اسان صحيح صورتحال معلوم ڪري سگهون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته منصوبابندي ڊويزن ۽ قومي ورثي ۽ ڪلچر ڊويزن ڪابينا کي ذيلي ادارن ۾ ايم ڊي ۽ سي اي او جي خالي جاين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته منصوبابندي ڊويزن ڪابينا کي آگاهه ڪيو ته هن وقت 4 جايون خالي آهن جن تي مقررين جو عمل جاري آهي. قومي ورثي ڪلچر ڊويزن ڪابينا کي ٻڌايو ته هن وقت رڳو ٻه جايون خالي آهن جن تي مقررين جو عمل جاري آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته هوابازي واري وزارت ميسرز اسڪائي ونگز (پرائيويٽ) کي قومي هوابازي پاليسي 2019ع تحت هوابازي لائيسنس جاري ڪرڻ جي سمري قانوني ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڪري واپس وٺي ڇڏي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته افغان رهواسين جي سهولت لاءِ ڪابينا انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان جي سرزمين تان هوائي سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، افغان رهواسي هاڻي پاڪستان جي هوائي اڏن تان ٻين ملڪن ڏانهن آساني سان سفر ڪري سگهندا. هن چيو ته دي اڪانومسٽ افغانستان ۾ انساني الميي جو ذڪر ڪيو هو، اڄ نيويارڪ ٽائيمز پڻ لکيو آهي ته اتي ڪهڙي طرح انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته افغانستان جي ماڻهن کي انساني همدردي تحت مدد فراهم ڪري سگهون. او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي. ٻه لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ افغانستان موڪلي پئي وڃي، 50 هزار ٽن ڪڻڪ ورلڊ فوڊ پروگرام تحت موڪلي پئي وڃي جڏهن ته ٻه لک ٽن ڪڻڪ اسان افغانستان موڪلي رهيا آهيون. افغانستان مان 40 شين تي درآمدي ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي ته جيئن فوري طور تي افغانستان جي ماڻهن کي سهولت ملي سگهي. هن ٻڌايو ته ميڊيا ۾ اهي خبرون آيون ته وزيرن جي ٻاهرئين ملڪ دورن تي پابندي لڳائي وئي آهي، هن هفتي شفقت محمود سعودي عرب ۾ آهي، معيد يوسف ماسڪو ۽ شاهه محمود قريشي برسلز ۾ آهي جڏهن ته نورالحق قادري دبئي ۾ آهي، هاڻي جيڪڏهن ميڊيا ۾ غلط خبرون لڳائي ان تي پروگرام به ڪيا وڃن ۽ جڏهن پيمرا پڇي ته چيو وڃي ته اسان کي ڪنهن چيو هو، ان لاءِ ميڊيا کي ٻڌل ڳالهين تي ڪن نه ڏيڻ گهرجي، فيڪ نيوز سان مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ پوري ملڪ ۾ سنسني پيدا ٿئي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته گهرو وزارت جي سفارش تي عمر سعيد خان کي جاسوسي ۽ قومي سلامتي جي خلاف سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي ٽن مهينن جي لاءِ نظربند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا توانائي واري وزارت جي سفارش تي سي اي او گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (گيپڪو) جون مراعتون طئي ڪرڻ جو اختيار بورڊ کي ڏيڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا توانائي واري وزارت جي سفارش تي قاضي محمد طاهر کي بطور سي اي او قبائلي علائقن اليڪٽرانڪ سپلاءِ ڪمپني (ٽرائبل ايرياز اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني) مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ڪابينا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي کي ادا ڪئي ويندڙ مارڪنگ فيس جي هڪ جهڙي شرح مقرر ڪرڻ جي سمري ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سيد عطاءُ الرحمان کي ٽن مهينن يا مستقل ڊائريڪٽر جنرل جي مقرري تائين پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جي اضافي چارج ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اهڙي طرح ڪابينا حنان اڪرم کي پيپرا بورڊ تي بطور ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته ڪابينا اوگرا جي سالياني رپورٽ سال 20 – 2019ع پيش ڪرڻ کي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪابينا نجڪاري بابت ڪميٽي جي 22 نومبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. نجڪاري بابت ڪميٽي جي نگراني هيٺ ذيلي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 22 نومبر ۽ پهرين ڊسمبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. يو ايس ايڊ پروگرام پاران ڏنل پرسنل اينڊ پروٽيڪٽو ايڪوئپمنٽ جي ٽيسٽنگ اوزارن تي ڪسٽم ڊيوٽي کان ڇوٽ جي اجازت ڏني وئي آهي. گلگت بلتستان جي لاءِ 10 هزار ميٽرڪ ٽن اضافي ڪڻڪ جي ڪوٽا، بلڪسر – ميانوالي – مظفر ڳڙهه رستن جي بهتري ۽ بحالي پروگرام جي منظوري ان ۾ شامل آهي. ان کانسواءِ افغانستان مان درآمد ڪئي ويندڙ مختلف شين جي ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ پيٽروليم مصنوعات تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز جي مارجن تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مطالبو وڌيڪ هو پر هڪ رپيو 99 پئسا مارجن جي منظوري ڏني وئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ت ڪابينا قانون بابت ڪميٽي جي 2 ڊسمبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ٽريفڪ ڏنڊ جي ري شيڊيولنگ (موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965ع ۾ ترميم)، رولز آف بزنس 1973ع موجب نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن جي مخصوص معاملن، پرائيويٽائيزيشن ڪميشن (بورڊ ميمبرن جو استحقاق ۽ سهولتون) قانون 2021ع جي منظوري کانسواءِ ايئر ڪرافٽ ايڪسيڊنٽ انويسٽي گيشن رولز 2021ع جي منظوري ڏني وئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ زرعي شعبي ۾ 5 وڏين فصلن جي حوالي سان اهم بريفنگ ڏني وئي. هڪ سال دوران آبادگارن کي 400 ارب رپين جي اضافي آمدني ٿي، ڊي اي پي 70 سيڪڙو درآمد ڪئي وڃي ٿي، عالمي مارڪيٽ ۾ ڊي اي پي جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن جي ڪري ڊي اي پي جي قيمت هتي به وڌي آهي پر ان جي کپت ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن ٻڌايو ته ڀاڻ جي عالمي سطح تي قيمت 10 هزار رپيا في بيگ جي لڳ ڀڳ آهي پر پاڪستان ۾ ڀاڻ 1800 رپيا في بيگ ۾ ملي رهيو آهي جيڪو دنيا ۾ سڀ کان سستو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڀاڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، ڪڻڪ، ڪپهه، چانور ۽ مڪئي جي بمپر فصلن جي اميد آهي، 95 سيڪڙو لوڻائي جو هدف مڪمل ٿي ويو آهي، رحيم يار خان ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برساتن جي ڪري پاڻي جا مسئلا آهن پر ٻين علائقن ۾ ڪڻڪ جي بمپر پيداوار ٿيندي، چانور جي فصل اڳ ۾ ئي بمپر آهي، ان حوالي سان فخر امام آگاهه ڪندو. هن ٻڌايو ته ڪابينا ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي ملڪ ۾ ڀاڻ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ هڪ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪرڻ تي پيپرا ضابطن کان جزوي ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني، ناڻي واري ڊويزن جي سفارش تي ڪابينا عامر علي خان کي ايس اي سي پي جو چيئرمين ٻيهر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، اهڙي طرح ڪابينا ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري جي لاءِ سيڪيورٽي قدم کڻڻ جي پڻ منظوري ڏني. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان اڳ ۾ اهو طريقيڪار هو ته وزيراعظم پنهنجا نالا مخالف ڌر اڳواڻ کي يا مخالف ڌر اڳواڻ پنهنجا نالا وزيراعظم کي موڪليندا هئا، ان طريقيڪار کي تبديل ڪيو ويو آهي، صدر پارليامينٽ جو حصو آهي، اهو اپوزيشن ۽ وزيراعظم کان نالا گهرندو، ان پراسيس جي شروعات ٿي وئي آهي. اي وي ايم جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلزپارٽي 2012ع ۾ قانونسازي شروع ڪئي ان وقت (ن) ليگ ان کي سپورٽ ڪري رهي هئي، بعد ۾ 2017ع ۾ (ن) ليگ جي دور ۾ قانون آيو. ائين نه ٿو ٿي سگهي ته جيڪو پراسيس 2012ع ۾ شروع ٿيو ۽ 2021ع ۾ به مڪمل نه ٿئي. راڻا شميم جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته ان جو معاملو عدالت ۾ آهي، هو توهين عدالت جو ڪيس ڀوڳي رهيو آهي، کيس ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي لاءِ عدالت جي اجازت گهربل هوندي. پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور جي بيان جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته نجي محفلون ٿينديون آهن، جڏهن خاندان ويهندا آهن ته ان ۾ گانا به ڳايا وڃن ٿا، اسان کي ان تي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي، مريم نواز ۽ حمزه شهباز سان اسان جو سياسي اختلاف آهي پر نجي زندگي ۾ اسان انهن جي خوشين تي انهن کي مبارڪباد ڏيون ٿا. اسان جو اعتراض رڳو اهو آهي ته قوم جي پئسن سان شاديون نه ڪن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انتهاپسند پارٽيون ڪڏهن به مرڪزي ڌارا ۾ نه ٿيون اچي سگهن، معاشرن ۾ هڪ ٻئي جي ڳالهه سمجهي ئي اڳتي وڌنداسين ته امن ٿي سگهي ٿو، پاڪستان هڪ اعتدال پسند ملڪ آهي. اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اي وي ايم بابت ٽيڪنيڪل ڪميٽي تي اسان جو ڪو جهيڙو نه آهي، اي سي پي کي پنهنجو اطمينان ڪرڻ گهرجي، اسان اليڪشن ڪميشن جي پوري مدد ڪري رهيا آهيون، اميد آهي اي سي پي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جلد ان معاملي کي اڪلائيندي.