GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

سنڌ جي عوام صحت ڪارڊ جي سهولت کان محروم آهي: چوڌري فواد حسين

image
APP27-020122 KARACHI: January 02 - Federal Minister For Information And Broadcasting, Chaudhary Fawad Hussain talking to media persons after condolence on the sad demise of father of Alamgir Khan, MNA at his residence. APP

ڪراچي – 02 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ جي عوام صحت ڪارڊ جي سهولت کان محروم آهي، سنڌ جو وڏو وزير ۽ پيپلزپارٽي خبر نه آهي سنڌ جي عوام کان ڪهڙي شيءَ جو بدلو وٺي رهيا آهن، شهباز شريف نواز شريف جي واپسي لاءِ بيان حلفي جمع ڪرايو پر نواز شريف واپس نه آيو، نواز شريف جي واپسي جي لاءِ اٽارني جنرل کي چيو ويو آهي ته هو اهو معاملو عدليه آڏو اٿاري، فنانس ترميمي بل تي سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، صحت ڪارڊ زبردست پروگرام آهي جنهن تحت سرڪاري ۽ نجي اسپتالن مان علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهجي ٿي، صحت ڪارڊ پروگرام شروع ٿيڻ سان ملڪ ۾ وڌيڪ نجي اسپتالون ٺهڻ شروع ٿينديون، فنڊن جي دستيابي سان سرڪاري اسپتالن جي حالت به بهتر ٿيندي. هن چيو ته سنڌ جي شهرين کي صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ اهو پروگرام شروع ٿي چڪو آهي، بلوچستان ۾ به اهو منصوبو شروع ٿي رهيو آهي، سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو ان پروگرام ۾ شامل نه آهي. هن چيو ته راشن پروگرام ۾ به سنڌ حصو نه وٺي رهيو آهي، راشن پروگرام ۾ اٽي، گيهه ۽ دالين تي 30 سيڪڙو تائين رعايت ڏني پئي وڃي، سنڌ حڪومت جي ڪري سنڌ جي شهرين کي اها سهولت به ميسر نه ٿيندي. هن چيو ته خبر نه آهي مراد علي شاهه ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کان ڪهڙي شيءَ جو بدلو وٺي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي، فنانس (ترميمي) بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اميد آهي 15 کان 20 جنوري تائين اهو بل منظور ٿي ويندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام سان پاڪستان ۾ معاشي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي، رپئي جي قدر ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، پاڪستان جي اندر مهانگائي جا اثر عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ اضافي جي ڪري پيا، تيل، گيهه ۽ داليون ٻاهرئين ملڪ مان برآمد ڪيون وڃن ٿيون، عالمي منڊي ۾ انهن جي قيمتن ۾ اضافو ٿئي ته هتي به انهن جون قيمتون وڌن ٿيون. هن چيو ته اسان زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو، اسان جي 5 وڏين فصلن جي تاريخي پيداوار ٿي، 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا، 100 وڏين ڪمپنين 929 ارب رپين جو منافعو ظاهر ڪيو آهي، ميڊيا هائوسز جي منافعي ۾ به 33 کان 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، ايترو منافعو ڪمائڻ جي باوجود ميڊيا هائوسز ۽ ڪمپنين پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو نه ڪيو. هن چيو ته مفتاح اسماعيل جي ڪمپني ڪينڊي لينڊ تاريخي منافعو ڪمايو جنهن تي کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ سندس ڪمپني ايترو وڏو منافعو ڪمايو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام جي صحت جا خرچ حڪومت برداشت ڪري رهي آهي، راشن پروگرام ۾ 30 سيڪڙو رعايت ڏني آهي، اڄ پاڪستان ۾ صنعتون بحال ٿيون آهن، پاڪستان جي معيشت 5 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي آهي، پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو، آمريڪا ۾ گذريل هفتي 2500 فلائيٽس ملتوي ٿيون، اسان وٽ صورتحال بهتر آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي شهرين کي مفت ويڪسين فراهم ڪئي، ويڪسي نيشن جي لاءِ جيڪو هدف مقرر ڪيو، اهو الحمدالله پورو ڪيو، اڄ پاڪستان معاشي استحڪام طرف واپس اچي رهيو آهي، عالمي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي جون قيمتون گهٽ ٿيڻ جو فائدو عوام کي ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته انشاءَ الله نئون سال پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فنانس (ترميمي) بل تي سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن، جڏهن اسحاق ڊار ناڻي وارو وزير هو ته اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر ان لاءِ مني لانڊرنگ ڪري رهيو هو، تحريڪ انصاف جي منشور ۾ شامل آهي ته اسان کي ادارن کي آزاد ۽ خودمختيار بڻائڻو آهي، اسٽيٽ بئنڪ جو آزاد ۽ خودمختيار ٿيڻ پاڪستان ۽ پاڪستان جي معيشت جي مفاد ۾ آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهباز شريف نواز شريف جي واپسي لاءِ بيان حلفي جمع ڪرايو هو، نواز شريف واپس نه اچي رهيو آهي ته اٽارني جنرل کي چيو ويو آهي ته هو ان معاملي کي عدليه آڏو اٿاري. هن چيو ته 30 سالن جون خرابيون ٽن سالن ۾ ختم نه ٿيون ڪري سگهجن، اڳوڻين حڪومتن انڊسٽري کي تباهه ڪيو، 1947ع کان وٺي 2008ع تائين اسان جو ڪل قرض 6 ٽريلين هو، 2008ع کان 2018ع تائين اهو قرض 23 ٽريلين تائين پهچي ويو، 32 ارب ڊالر قرض اسان واپس ڪري چڪا آهيون، 5 سالن ۾ مجموعي طور تي 55 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي، هي اهو قرض آهي جيڪو ماضي جي حڪومتن ورتو، ايترن قرضن جي باوجود اسان انڊسٽري، زراعت، تعميرات جي شعبي کي بحال ڪيو، اڄ پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي بورڊ آف گورنرز جي مقرري حڪومت کي ڪرڻي آهي، اسان اسٽيٽ بئنڪ ڪنهن کي گروي ناهي ڪئي، گذريل ٽن سالن ۾ اسان هڪ رپيو اسٽيٽ بئنڪ کان قرض ناهي ورتو، نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ٽريلين رپيا اسٽيٽ بئنڪ کان قرض ورتو. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان آزاد ۽ خودمختيار ادارن تي يقين رکون ٿا، اسٽيٽ بئنڪ جي آزادي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته تيل جي قيمتن جو تعين اوگرا ڪري ٿو، عالمي منڊي ۾ قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به گهٽ ٿينديون. هن چيو ته جڏهن تيل جون قيمتون وڌن ٿيون ته ميڊيا ۾ هيڊ لائينز شايع ڪيون وڃن ٿيون پر جڏهن گهٽ ٿين ٿيون ته ميڊيا ان تي خاموش رهي ٿي. هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت پوري دنيا ۾ يوريا جي قيمت 10 هزار رپيا في ٻوري آهي، پاڪستان ۾ 1700 کان 2000 رپيا قيمت آهي، هڪ ٽرڪ يوريا جي ٻاهر هلي وڃي ته ان سان 72 کان 78 لک رپيا ڪمائي سگهجن ٿا. هن چيو ته جڏهن به ڪنهن شيءَ جي بليڪ مارڪيٽنگ ٿئي ته سنڌ ۾ ان جي ڊيمانڊ وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ گذريل سال سڀ کان وڌيڪ يوريا جي پيداوار ٿي.

مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی