GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان فلاحي رياست جي طور تي دنيا لاءِ مثال بڻجندو: وزيراعظم

image
APP41-260122 ISLAMABAD: January 26 - Prime Minister Imran Khan addressing at the launch of Naya Pakistan National Health Card. APP

اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان فلاحي رياست جي طور تي دنيا لاءِ مثال بڻجندو، ايندڙ وقت قومي صحت ڪارڊ جهڙي اسان جي قدمن جي اهميت ثابت ڪندو، دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به شهرين کي اهڙي طرح جي هيلٿ انشورنس ميسر نه آهي، ملڪ جو پئسو ڦُريندڙ حڪمران کنگهه جو علاج ڪرائڻ به ٻاهر ويندا آهن، انهن جو سڄو خاندان ٻاهر ويٺل آهي، پاڪستان کي اهڙي فلاحي رياست بڻائينداسين جنهن ۾ رياست ڪمزور ۽ غريبن جي ذميداري کڻي ۽ قانون جي حڪمراني هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جي ذريعي اسلام آباد، پنجاب، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ٿرپارڪر جي سمورن گهراڻن کي 10 لک روپين جي صحت جي سهولت مفت فراهم ڪئي ويندي. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کانسواءِ وفاقي وزير ۽ خصوصي مددگارن سميت اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ تي عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم ۽ صحت واري وفاقي وزارت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اهو تمام وڏو قدم آهي، صحت ڪارڊ جي ذريعي هر خاندان کي 10 لک روپين تائين جي مفت علاج جي سهولت ميسر هوندي. وزيراعظم چيو ته برطانيه جو نيشنل هيلٿ سسٽم ويجهي کان ڏٺو آهي ۽ آئون ان کان تمام گهڻو متاثر هئس پر جيڪو نظام اسان آڻي رهيا آهيون، اهو ان کان به وڌيڪ بهتر آهي. برطانيه ۾ شهرين جي لاءِ صرف سرڪاري اسپتالن ۾ علاج مفت آهي جڏهن ته اسان جيڪو هليٿ ڪارڊ متعارف ڪرايو آهي ان جي ذريعي شهري نه رڳو سرڪاري پر پرائيويٽ اسپتالن مان به مفت علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندا ۽ هيلٿ انشورنس لاءِ ڪو پريميم به نه ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اهو ڪارڊ امير ۽ غريب جي فرق کانسواءِ سڀني جي لاءِ آهي، هن چيو ته مون سرڪاري اسپتالن جي تنزلي جو سفر ڏٺو آهي، پهرين سرڪاري اسپتالون تمام گهڻيون بهتر هيون پر وقت سان گڏ اميرن جي لاءِ پرائيويٽ اسپتالون بڻجي ويون جڏهن ته سرڪاري اسپتال صرف غريبن جي لاءِ رهجي ويون، وزيراعظم چيو ته ڊسٽرڪٽ اسپتالن جي حالت اها ٿي وئي ته انهن ۾ ڊاڪٽرز نه آهن ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ صحت جي سهولت نه هجڻ جي برابر آهي. ميانوالي مان علاج جي لاءِ ماڻهن کي راولپنڊي اچڻو پوندو هو، پورو سسٽم صرف ايلٽ ڪراس کي سهولتون فراهم ڪندو هو ۽ غريب صرف ٺوڪرون کائڻ لاءِ رهجي ويو هو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪنهن مقصد جي لاءِ ٺهيو هو، ڀارت جي مسلمانن پاڪستان جي لاءِ ووٽ ڏنو هو جڏهن کين معلوم به هو ته اهي اتي ئي رهجي ويندا، ماضي ۾ ڪنهن ان ويزن جي باري ۾ ناهي سوچيو جنهن جي تحت پاڪستان ٺهيو هو، وزيراعظم چيو ته جڏهن مون شوڪت خانم اسپتال جي قيام لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته پاڪستان ۾ ڪينسر جو علاج نه هوندو هو جنهن جي ڪري مون کي پنهنجي والده کي برطانيه کڻي وڃڻيو پيو، عام ماڻهو مهانگي علاج جو خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي، ان لاءِ مون ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جو سوچيو، جڏهن اسان اها اسپتال شروع ڪئي ته پهرين چيف ايگزيڪيٽو جنهن جو تعلق ٻاهرين ملڪ سان هو چيو ته جيڪڏهن 5 سيڪڙو کان وڌيڪ مريضن جو مفت علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته 3 مهينن ۾ شوڪت خانم اسپتال بند ٿي ويندي، ٽن مهينن بعد اهو چيف ايگزيڪيٽو ته هليو ويو پر اها ڪينسر اسپتال اڄ به ساليانو 10 ارب روپيا غريبن جي مفت علاج تي خرچ ڪندي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ حڪمران انتظار ڪندا هئا ته خوشحالي ايندي ته پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائينداسين، اسان پاڪستان کي مديني جي رياسات وانگر فلاحي رياست بڻائڻ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، ان مقصد جي لاءِ رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آهي جيڪا تعليمي ادارن ۾ نبي ڪريم ﷺ جي سيرت جي حوالي سان تعليم ۽ آگاهي فراهم ڪندي. هن چيو ته مديني جي رياست ڪمزور طبقي جي ذميداري ورتي ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪئي، پاڪستان ۾ طاقتور جي لاءِ ڌار قانون هو ۽ امير ۽ غريب ۾ فرق وڌندو ويو. اڄ اسان صحت ڪارڊ جو جيڪو تاريخي قدم کنيو آهي، ايندڙ وقت ان جي اهميت ثابت ڪندو. هن چيو ته قومي سلامتي جو تحفظ انهي وقت ممڪن آهي جڏهن عام ماڻهو رياست سان تعلق محسوس ڪري، ماضي ۾ حڪمران پئسو لُٽي ٻاهر کڻي ويا، اهي پنهنجو علاج به ٻاهرين ملڪ ڪرائيندا آهن، کين عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو احساس نه آهي، اسان جيڪي فلاحي قدم کنيا انهن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، هيلٿ انشورنس تي ساڍا چار سئو ارب روپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار جو تعلق هڪ پوئتي پيل علائقي سان آهي ۽ هو عام ماڻهو جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن کان چڱي ريت آگاهه آهي، ان جي خلاف جهڙي مهم هلائي وئي اهڙي ڪنهن وڏي وزير خلاف نه هلائي وئي پر جڏهن سروي جي رپورٽ آئي ته خبر پئي ته هو پهريون نمبر وڏو وزير آهي، الله تعاليٰ کي عاجزي پسند آهي جيڪو پهرين وڏو وزير هو اهو ٽوپيون ۽ بوٽ پائي گهمندو هو ۽ کنگهه جو علاج ڪرائڻ لاءِ به باهر ويندو هو، ان جو سڄو خاندان ٻاهر ويٺو آهي، وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ هڪ پورو هيلٿ سسٽم آهي ان سان صحت جو پورو نظام بهتر ٿيندو، سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتالن ۾ مقابلي جي فضا سان صحت جو پورو نظام بهتر ٿيندو ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ به پرائيويٽ اسپتال ٺهندا ڇو ته ماڻهن وٽ علاج ڪرائڻ لاءِ پئسو موجود هوندو، وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ پنج نيون ماءُ ۽ ٻار جون اسپتالون ٺاهيون پيون وڃن ڇو ته صوبي ۾ ويم دوران موت جي شرح تمام گهڻي آهي، پرائيويٽ اسپتالن کي به مراعتون ڏنيون وينديون ته جئين پوئتي پيل علائقن ۾ به پرائيويٽ اسپتال بڻجي سگهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان فلاحي رياست جي طور تي پوري دنيا جي لاءِ هڪ مثال بڻجندو، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صحت ڪارڊ عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جو خواب آهي، اڄ راولپنڊي ڊويزن جي ضلعن جي عوام کي به صحت ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، 56 اسپتال صحت ڪارڊ جي پينل تي هونديون، پنجاب حڪومت 31 ضلعن جي 11 ڪروڙ عوام کي صحت جي لاءِ 400 ارب روپيا مختص ڪيا آهن، مارچ جي آخر تائين پوري پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي سهولت ميسر هوندي.

مضمون کا ماخذ : پھل اور سات