GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ڪجهه ماڻهن وزيراعظم جي چين جي دوري تي تنقيد ڪئي، بدقسمتي سان انهن کي گڏيل ۽ گهڻ رخي دورن جي هيجي تائين خبر نه آهي ۽ اهي پرڏيهي معاملن جا ماهر بڻجي ويٺل آهن: چوڌري فواد حسين

image

راولپنڊي – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن وزيراعظم جي چين جي دوري تي تنقيد ڪئي، بدقسمتي سان انهن کي گڏيل ۽ گهڻ رخي دورن جي هيجي تائين خبر نه آهي ۽ اهي پرڏيهي معاملن جا ماهر بڻجي ويٺل آهن، عمران خان جي خلاف ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي، مخالف ڌر ڪالهه ٻه ڪلاڪ غور فڪر ڪيو، اهي ڪيترا به ڏينهن غور فڪر ڪن، ناڪامي انهن جو مقدر آهي، ڪالهه جي محفل ۾ شهباز شريف ۽ بلاول صاحب ماتم ڪري رهيا هئا، مريم نواز به ان محفل ۾ شامل ٿي ۽ هم پانڇ جي سيريز هلي، انهن جون چيخون آسمان تي ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون ته وزيراعظم جو چين جو دورو ڪيترو ڪامياب ٿيو آهي، مخالف ڌر 5 فيبروري کي ”چور يڪجهتي ڏهاڙو“ ڊڪليئر ڪيو، انهن کي تمام جلد وڌيڪ دوائن جي ضرورت پوندي، بلاول ڀٽو لانگ مارچ ته پري شارٽ مارچ به نه ٿو ڪري سگهي، لانگ جي لفظ ۾ جيتري هيجي آهي ايترا انهن وٽ ماڻهو به نه آهن جو اهي مارچ ڪري سگهن، وزيراعظم جو چين جو دورو ڪامياب رهيو، ان دوري جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام ايندو، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مستحڪم ٿي رهيا آهن جيڪي پاڪستان جي معيشت کي به بدلائي رهيا آهن. چين جي دوري تان وطن واپسي تي نور خان ايئر بيس تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، جيڪا محبت ۽ گرمجوشي چين جي قيادت ۽ عوام پاڪستان جي لاءِ ڏيکاري آهي اها بي مثال هئي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن ان دوري تي اجائي تنقيد ڪئي، اهڙن ماڻهن کي گڏيل دورن ۽ گهڻ رخي دورن جي هيجي تائين نه ٿي اچي بدقسمتي سان اڄ اهي پرڏيهي معاملن جا ماهر بڻجي ويٺل آهن. هن چيو ته 20 کان وڌيڪ ملڪي سربراهه چين ۾ آيل هئا، جهڙي طرح وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو ويو اهڙي طرح ٻين ملڪي سربراهن جو به استقبال ٿيو. هن چيو ته سرمائي اولمپڪس جي افتتاحي تقريب ۾ چين جي ماڻهن پاڪستان ٽيم جي لاءِ جيڪا محبت ڏيکاري اها شايد ئي ڪنهن ٻي ٽيم جي لاءِ ڏيکاري وئي هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ سرمائي راندين تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جا اتريان علائقا سوئيٽزرلينڊ کان وڏا آهن، هتي سرمائي راندين جي لاءِ موقعا موجود آهن. هن چيو ته چين به سرمائي راندين ۾ اسان جي مدد ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي دوري تي ڪجهه ماڻهن کي تڪليف آهي، گذريل ڏينهن لاهور ۾ هڪ محفل ٿي جنهن ۾ شهباز شريف ۽ بلاول صاحب ماتم ڪري رهيا هئا، مريم نواز به اتي پهچي وئي ۽ هم پانڇ جي ڊراما سيريز هلي، انهن جون چيخون آسمان تي ٻڌجي رهيون هيون، انهن جي چيخن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وزيراعظم جو چين جو دورو ڪيترو ڪامياب رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري قوم 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو جڏهن ته مخالف ڌر ”چور يڪجهتي ڏهاڙو“ ملهايو. هن چيو ته مخالف ڌر پنهنجي چورين تي پڙدو وجهڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، اهي علائقائي پارٽيون آهن، قومي سياست ۾ انهن جو ڪو ڪردار نه آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته بلاول ڀٽو لانگ مارچ ته پري شارٽ مارچ به نه ٿو ڪري سگهي، لانگ جي لفظ ۾ جيتري هيجي آهي ايترا انهن وٽ ماڻهو به نه آهن جو اهي مارچ ڪري سگهن. هن چيو ته مخالف ڌر 13 هون ڀيرو لانگ مارچ جي ڪال ڏني آهي، جڏهن اهي پٺتي مُڙي ڏسن ٿا ته خبر پوي ٿي ته ڊرائيور ۽ گارڊز کانسواءِ ڪو ٻيو شخص لانگ مارچ ۾ موجود ئي ناهي هوندو. هن چيو ته هن ڀيري اسان ڪوشش ڪنداسين ته انهن کي ڪجهه ماڻهو به فراهم ڪيون ته جيئن انهن کي لانگ مارچ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽي شهباز شريف جي گهر وڃي پنهنجو سرنڊر ڊاڪيومينٽ سائن ڪيو آهي ته پيپلزپارٽي جو پنجاب ۾ ڪو سياسي ڪردار نه هوندو، اهڙي طرح شريف فيملي فيصلو ڪيو آهي ته انهن جو سنڌ ۾ ڪو سياسي ڪردار نه هوندو. هن چيو ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن جي مستقبل جي سياست ڪيتري قدر اونداهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽس ۾ پئسن ۽ شهباز شريف جي ٻين اڪائونٽس جا تفصيل سامهون آيا ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پاڻ ۾ محبت وڌي وئي آهي. هن چيو ته شهباز شريف اينڊ ڪمپني جي اڪائونٽس مان ٿيندڙ مني لانڊرنگ ۾ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو ويو جيڪو زرداري اومني گروپ جي ذريعي اختيار ڪيو هو، جڏهن چوري جا سمورا راز هڪ جهڙا هوندا ته انهن جون ملاقاتون به ٿينديون. هن چيو ته عمران خان ۽ پاڪستان کي الله تعاليٰ عزت ڏني آهي، چين جي صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ سڌارن جي عمل کي ساراهيو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن کي چين جي ڪامياب دوري تي تڪليف آهي ڇو ته انهن کي خبر آهي ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت رهي ته انهن جي چوري جا پئسا ٻاهر نه رهي سگهندا، انهن جي تڪليف سامهون نظر ايندي، اهي پنهنجي تڪليف جو اظهار ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، ان جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام ايندو، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مستحڪم ٿي رهيا آهن جيڪي پاڪستان جي معيشت کي به بدلائي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي ازبڪستان جي صدر سان به ملاقات ٿي آهي، ازبڪستان جو صدر مارچ ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪا به سازش عمران خان جي خلاف ڪامياب نه ٿيندي، ڪالهه مخالف ڌر ٻه ڪلاڪ غور فڪر ڪيو، اهي ڪيترا به ڏينهن غور فڪر ڪن ناڪامي انهن جو مقدر رهندي. هن چيو ته مخالف ڌر سينيٽ ۾ اڪثريت ثابت نه ڪري سگهي، قومي اسيمبلي ۾ اهي تمام گهڻو پٺتي آهن، اهي ڪجهه به نه ڪري سگهندا، انهن جي حالت پتلي آهي، انهن کي وڌيڪ دوائن جي ضرورت پوندي. هڪ سوال تي هن چيو ته چين جي دوري تي ايم ايل ون منصوبي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ان کانسواءِ آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، چانور جي روانگي واپار سميت سيمي ڪنڊڪٽر انڊسٽري قائم ڪرڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. مجموعي طور تي 21 ڪلسٽرز تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. چين جي صدر ۽ وزيراعظم کي هڪ پيج بُڪ تيار ڪري ڏنو آهي، ان تي سيڪٽورل فريم ورڪ بڻجي ويو آهي، انشاءَ الله ان تي تيزي سان اڳڀرائي ٿيندي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين پاران پاڪستان مان هڪ ملين ٽن چانور ۽ سيمنٽ ڪنڪر جي خريداري سان پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر واپار ذريعي حاصل ٿي سگهن ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته گوادر پورٽ تيار ٿي، ان کانپوءِ رستا تيار ٿيا، پاور پراجيڪٽ ٺاهيا ويا، هاڻي جيڪا ڪنيڪٽيويٽي تيار ڪئي آهي ان جي ساڄي کاٻي انڊسٽريون لڳڻيون آهن جيڪو هڪ مشڪل ۽ ڊگهو مرحلو آهي. هن چيو ته چين کي پاڪستان جي قيادت ۽ پاڪستان جي قيادت کي چين تي مڪمل اعتماد آهي، ٻنهي طرفن کان نجي شعبي کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن.

مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز