GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ڊيجيٽل ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جو ڪارو قانون ۽ ڊجيٽل ميڊيا ونگ ختم ڪيا ويا آهن، اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پيڪا 2016ع تي نظرثاني ڪئي ويندي: مريم اورنگزيب

image
APP56-190422 ISLAMABAD: April 19 – Federal Minister for Information and Broadcasting Marriyum Aurangzeb, addresses Press Conference. APP

اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيجيٽل ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جو ڪارو قانون ۽ ڊجيٽل ميڊيا ونگ ختم ڪيا ويا آهن، اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پيڪا 2016ع تي نظرثاني ڪئي ويندي، رائيٽ آف انفارميشن ايڪٽ 2018ع کي پوري قوت سان لاڳو ڪيو ويندو، جرنلسٽ سيفٽي اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ تي جلد کان جلد عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، اتحادي پارٽيون گڏجي سمورن مسئلن جو حل ڳولينديون، بيروزگاري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي آندي ويندي، ميديا سان لاڳاپيل سمورن مسئلن کي گڏجي ويهي حل ڪيو ويندو، اڳوڻي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي لڳائي جڏهن ته موجوده دور ۾ اهڙي طرح جو ڪجهه نه ٿيندو، اڳوڻي دور ۾ صحافين کي نشانو بڻايو ويو، ٽي وي پروگرامز به بند ڪرايا ويا، ميڊيا حڪومت جي احتساب جي عمل ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ميڊيا تنقيد ضرور ڪري پر اها تنقيد براءِ تنقيد نه هجڻ گهرجي، تنقيد براءِ اصلاح جي آجيان ڪنداسين، انتقام جي سياست تي يقين نه ٿا رکون، ڪنهن بيگناهه کي جيل ۾ نه وڌو ويندو، انتقامي سياست جو ڪو حربو استعمال نه ڪيو ويندو جڏهن ته قانون پنهنجو رستو ضرور ٺاهيندو، حڪومتي ناڪامين جو ملبو صحافين تي نه ٿو وجهي سگهجي، اطلاعات واري وزارت جي اهم ذميواري تي پنهنجي پارٽي جي ٿورائتي آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته پي آءِ ڊي جي پليٽ فارم تان انهن جي چئن سالن کانپوءِ ميڊيا سان ملاقات ٿي رهي آهي. هن چيو ته منهنجي پارٽي مون تي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ مون کي اطلاعات واري وزارت جي اهم ذميواري ڏني ان تي پنهنجي پارٽي جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته حڪومتي رياستي پاليسي ۾ اطلاعات واري وزارت جو اهم ڪردار آهي، گذريل چار سالن دوران ميڊيا سينسرشپ ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي کي منهن ڏنو، ميڊيا انڊسٽري ۾ ڪيترن ئي ميڊيا ورڪرز کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو، ميڊيا انڊسٽري تي اظهار راءِ جي پابندي، سينسرسپ ۽ ميڊيا ورڪرز سان اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو ويو، ٻارڙين کي اسڪولن مان اغوا جا واقعا ٿيا، سينيئر صحافين ابصار عالم، مطيع الله جان، حامد مير ۽ اسد طور تي فائرنگ جا واقعا ٿيا، ڪيترن ئي صحافين جا ٽي وي چينلز تي پروگرام بند ڪرايا ويا، آئون اهڙن سمورن صحافين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت صحافين جي حقن جو تحفظ ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معاشري جي اندر اظهار راءِ جي آزادي رهندي ته حڪومت کي سگهه ملندي، ميديا حڪومتن جي احتساب جي عمل کي ممڪن بڻائي ٿي، ان سان حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ پي ايم ڊي اي جو ڪارو قانون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، اسان ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان ان قانون جي خلاف تمام گهڻو احتجاج ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي هر شخص جو بنيادي حق آهي، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان گڏجي ميڊيا سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪنداسين، فيڪ نيوز تي به ڌرين سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. هن چيو ته پيمرا جي هوندي ڪنهن ميڊيا اٿارٽي جي ضرورت نه آهي، ميڊيا سان لاڳاپيل اهم مسئلن کي گڏجي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ پيڪا لاء آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، اهو به رد ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اسان پيڪا آرڊيننس 2016ع تي سمورين ڌرين سان گڏجي نظرثاني جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت پيڪا قانون جو غلط استعمال ڪندي صحافي محسن بيگ کي گرفتار ڪيو، ان تي تشدد ڪيو ويو. هن چيو ته هن قانون ۾ بهتري جي لاءِ اسان گڏجي ويهي ڳالهه ڪنداسين. هن چيو ته گذريل چار سالن دوران پاڪستان جي عوام ڌوئنس ڌمڪين، غنڊه گردي ۽ بدمعاشڊي ڏٺي، اسان گذريل چار سال معاشري جي اندر گهُٽن ڏٺي آهي، پارليامينٽ جا دروازا بند ڪري آرڊيننس جي ذريعي قانون سازي ڪئي وئي، ميڊيا جي زبان بندي ڪئي وئي. هن چيو ته موجوده دور نئين دور جي شروعات آهي، انتشار، گارين ۽ ڌوئنس ڌمڪيون بند ٿيڻ گهرجن، ڌوئنس ڌمڪين جي سياست نه هلندي. هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي معاشري کي افراتفري جهڙي صورتحال مان ٻاهر ڪڍڻو پوندو، اهو اسان جو اولين فرض آهي. هن چيو ته ڪنهن بيگناهه کي جيل ۾ نه وڌو ويندو، اسان ڪنهن سياسي مخالف جي خلاف بدبودار احتساب جي روايت نه وجهنداسين، جن ماڻهن پاڪستان جي عوام کي بنيادي ضرورتن کان محروم رکيو ۽ اختيارن جو غلط استعمال ڪيو، انهن جي لاءِ قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. هن چيو ته رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ اسان جي گذريل دور ۾ منظور ٿيو هو، ان کي ڀرپور طريقي سان لاڳو ڪيو ويندو. مريم اورنگزيب چيو ته جنهن وقت نواز شريف وزيراعظم هو، ان وقت پاناما ليڪس جي حوالي سان ٽاڪ شوز ٿيندا هئا، پيمرا ڪنهن کي هڪ به نوٽيس جاري نه ڪيو هو، 10 سال شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير رهيو، ميڊيا تي ڪا پابندي نه لڳائي وئي. هن چيو ته اها تنقيد جيڪا اسان جي رهنمائي جي لاءِ هجي، اسان ميڊيا جي رهنمائي سان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ادارن جي خلاف مهم تي ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي، روبوٽڪ ٽوئيٽس جي ذريعي قومي ادارن جي خلاف مهم هلائي وئي، ادارن ۽ سينيئر صحافين جي خلاف سوشل ميديا تي مهم کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم آءِ جي صاحب کي هدايت ڪئي آهي ته صحافين کي هر ممڪن تحفظ فراهم ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي غلط ڪم ڪيو آهي، و قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پاڪستان جي عوام ڏسي رهي آهي ته پنجاب ۾ آئيني عهدي جو ڪهڙي طرح سياسي استعمال ڪيو پيو وڃي، پنجاب جي گورنر ۾ حوصلو ئي نه آهي ته هو حمزه شهباز شريف کان حلف وٺي سگهي، پنجاب جي گورنر کي آئيني طريقي سان عهدي تان هٽايو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته صدر پاڪستان وساري چڪو آهي ته هو تحريڪ انصاف جو صدر نه آهي پر پاڪستان جو صدر آهي، صدر پاڪستان پنهنجي حلف جي پاسداري نه ٿو ڪري سگهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. اڳوڻي دور ۾ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته اختيارن جي ناجائز استعمال، عيرقانوني مقررين ۽ منصوبن تي ايڪشن ورتو ويندو، اڳوڻي دور ۾ قائم ڪيل ڊيجيٽل ميڊيا ونگ کي ختم ڪيو ويو آهي، ڊجيٽل ميڊيا ونگ جي ذريعي ادارن، صحافين ۽ اپوزيشن جي خلاف وٽ ٽوئيٽس ڪيا ويندا هئا، اطلاعات واري وزارت ۾ سائبر ونگ موجود آهي جيڪو قانون موجب ڪم ڪري رهيو آهي، اڳوڻي حڪومت ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۾ پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو، جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته هتان ماڻهو ڀچي ويا، هڪ ٻه ماڻهو جيڪي ريگيولر هئا، اهي سائبر ونگ ۾ واپس هليا ويا آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته چونڊون پاڪستان جي عوام جو جمهوري حق ۽ جمهوريت جي روح آهن، 2018ع جي چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو نتيجو پاڪستان جي عوام کي ڀوڳڻو پيو. هن چيو ته هن وقت حڪومت ۾ جيڪي اتحادي پارٽيون شامل آهن، ملڪ جي لاءِ انهن جون اڻٿڪ خدمتون آهن، پاڪستان جي عوام چار سال جنهن عذاب مان گذري آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته انهن کي ريليف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته چار سال ناڪام رهندڙن سدائين ڪوڙ ڳالهايو، بدبودار احتساب ۽ انتقام ورتو، اڄ اهي سازش جي ڳالهه ان لاءِ ڪري رهيا آهن ته عوام انهن کان هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو سوال نه ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي عوام سوال به ڪندي ۽ انهن کي جواب به ڏيڻو پوندو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن