GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان ۽ سعودي عرب سلامتي ۽ استحڪام، تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، اتحاد جي فروغ، خطي جي ملڪن جي خودمختياري ۽ انهن جي جاگرافيائي سالميت جي حمايت جي عزم کي ورجايو آهي: گڏيل پڌرنامو

image

جده – پهرين مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب سلامتي ۽ استحڪام، تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، اتحاد جي فروغ، خطي جي ملڪن جي خودمختياري ۽ انهن جي جاگرافيائي سالميت جي حمايت جي عزم کي ورجايو آهي، سعودي عرب پاڪستان ۽ ان جي معيشت جي بهتري لاءِ مسلسل حمايت جاري رکندو، سعودي عرب مرڪزي بئنڪ ۾ جمع ڪرايل 3 ارب ڊالر جي مدي ۾ توسيع ۽ ان ۾ اضافي، پيٽروليم مصنوعات جي فنانسنگ وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان ڳولڻ ۽ معاشي ڍانچي جي سڌارن ۾ مدد ڪندو، ٻنهي ملڪن خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن مسئلن جي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي ملڪن روس ۽ يوڪرائن جي تڪرار جي سياسي حل ۽ بحران جي خاتمي جي اميد ظاهر ڪندي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد موجب يمن بحران جي ٺوس سياسي حل جي قدمن، فلسطين جي مسئلي جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عرب امن قدمن موجب ٺوس ۽ منصفاڻي حل، شام ۾ علائقائي مداخلت کي محدود ڪرڻ ۽ افغانستان جي سرزمين کي دهشتگرد گروپن جي لاءِ محفوظ پناهه طور استعمال کان بچاءُ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وچ ۾ قائم ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جي ڏس ۾ 28 کان 30 اپريل 2022ع تائين سعودي عرب جو دورو ڪيو. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جده ۾ وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ٻنهي طرفن ۾ باضابطا سرڪاري ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قائم تاريخي لاڳاپن ۽ سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي غور ڪيو ويو. ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ ٻنهي طرفن سعودي پاڪستاني سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل ذريعي معاملن کي مضبوط بڻائڻ، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپاري مٽاسٽا کي متنوع بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي حقيقي ۽ عملي حصيداري ۾ تبديل ڪيو وڃي. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب ان عزم کي ورجايو ته هو پاڪستان ۽ ان جي معيشت جي مسلسل حمايت جاري رکندو. ان ڳالهه ٻولهه ۾ مرڪزي بئنڪ ۾ جمع ڪرايل 3 ارب آمريڪي ڊالر جي مدي ۾ توسيع جي ذريعي ان ۾ اضافي، پيٽروليم مصنوعات جي فنانسنگ وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان ڳولڻ، پاڪستان ۽ ان جي عوام جي مفاد ۾ معاشي ڍانچي جي سڌارن جي لاءِ مدد جاري رکڻ شامل هو. پاڪستان ڀرپور مدد ۽ حمايت جاري رکڻ تي سعودي عرب کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي طرفان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاراڻي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، حصيدارين ۾ اضافي ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ گڏجي سيڙپڪاري ڪرڻ جا امڪان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري جو ماحول تيار ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سيڙپڪاري جي ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي بصيرت جي روشني ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ مفاد ۾ صنعت ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافو ڪرڻ آهي. ٻنهي طرفن کان سيڙپڪاري فورمز منعقد ڪرڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪن جا ڪاروباري شعبي ۾ دستياب امڪان سامهون آڻي سگهجن، انهن تي زر ڏنو وڃي ته سيڙپڪاري جي مختلف شعبن ۾ انويسٽمينٽ پارٽنرشپ ڪن، سعودي پاڪستاني بزنس ڪائونسل جي اجلاسن جي ذريعي گڏجي ڪم ڪن ته جيئن انهن مشڪلاتن کي ختم ڪيو وڃي جيڪي سيڙپڪارن کي درپيش اچن ٿيون. ٻنهي طرفن کان آجيان ڪئي وئي ته ٻنهي ملڪن جا سيڙپڪار خوراڪ ۽ زراعت جي صنعتن ۾ گڏجي حصيداريون ڪري رهيا آهن. ٻنهي طرفن کان سعودي عرب جي ويزن 2030ع تحت اڪنامڪ ٽرانسفارميشن پروگرامز جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دستياب امڪانن بابت تعاون ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ ناليوارن پاڪستاني ماهرن جي تجربي ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي معيشتن کي گڏيل طور تي فائدو پهچي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڌرين افغانستان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سلامتي ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ، افغانستان جي سرزمين کي دهشتگرد گروپن پاران محفوظ پناهه طور تي استعمال ٿيڻ کان بچائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ڌرين افغانستان تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي فيصلن تي اڳڀرائي جاري رکڻ ۽ انهن تي عملدرآمد سان اتفاق ڪيو ته جيئن افغان عوام کي انساني امداد جي فراهمي ۽ ان ڏس ۾ حمايت جاري رهي. دوري جي پڄاڻي تي وزيراعظم پاڪستان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ ڊپٽي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود کانسواءِ سعودي عرب جي حڪومت جا پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي گرمجوشي ۽ فراخدلاڻي ميزباني تي ٿورا مڃيا. ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز وزيراعظم پاڪستان ۽ ڀائر ملڪ پاڪستان جي عوام جي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي پرجوش جذبن جو اظهار ڪيو.

مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا