GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ملڪ ۾ تازي ٻوڏ سبب ريلوي کي سوا پنج سئو ارب رپين جو نقصان پهتو، ريلوي جي سيڪريٽري کان وٺي پورهيت تائين سڀني ٻوڏ جي علائقن ۾ ڪم ڪيو: وفاقي وزير خواجه سعد رفيق

image
APP32-041022 LAHORE: October 04 - Federal Minister for Railways Khawaja Saad Rafique addressing a press conference at Railway Headquarters. APP

لاهور -04 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي، ته ملڪ ۾ هن سال پيل برساتن صديءَ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، ٻوڏ سبب ريلوي کي سوا پنج سئو ارب رپين جو نقصان پهتو آهي، ريلوي جي سيڪريٽري کان وٺي پورهيت تائين ٻوڏ جي علائقن ۾ ڪم ڪيو، اسان پنهنجي ريلوي کي موجوده وسيلن کان ٻيهر هلايو آهي، ريلوي کاتو جڏهن واپس ورتو ته ان وقت خسارو ساڍا ستيتاليهه ارب رپيا هو، ڊيزل جو اگهه وڌڻ سبب 20 کان 36 ارب رپيا تيل جي مد ۾ ادا ڪرڻا پوندا، ريلوي تي تيل جي مد ۾ 16 ارب رپين جو اضافي بار پوندو، ڊالر جي وڌندڙ اگهه سبب ادائگين ۾ وڏو جهٽڪو لڳو آهي، ريلوي جي نقصان جو مقابلو ڪنداسين، پنهنجي آمدني وڌائي ويندي، ريلوي جي زمينن کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ريلوي لائين ڪور بزنس لاءِ مختص هوندي، ان سان اسان کي وڏو جهٽڪو لڳو آهي، ريلوي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن سال ڊيزل جون قيمتون ناقابل يقين حد تائين مٿي ويون، پاڪستان ريلوي جو تيل جيڪو مالي سال 22-21ع ۾ 20 ارب هو، هاڻي مالي سال 23-22ع ۾ 36 ارب ٿي ويو. برساتن سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ريلوي جي نظام کي به نقصان پهتو، عملي جي محنتن عيوض اڄ ريلوي جو نظام ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو آهي. روزانو 23 ڪروڙ رپين جي آمدني جو نقصان پيو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي نقصان جي ازالي لاءِ آمدني وڌائينداسين. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته 2.7 ارب رپيا گذريل سال ڪمايا آهن جيڪڏهن سپريم ڪورٽ بزنس ڪرڻ جي اجازت ڏئي ته ان مان 16 يا 17 ارب رپين تائين ڪمائي سگهجن ٿا. چيف جسٽس کي درخواست ڪندس ته ريلوي ڪيس جلد ٻڌي، بزنس جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته ريلوي جي خالي زمينن کي مڊ ٽرم تي ڏيڻو پوندو ته جيئن منافعو کاتي کي اچي سگهي.هن چيو ته شارٽ يا مڊ ٽرم لاءِ ليز ڪرڻ سان ريلوي کي منافعو ٿيندو. خواجه سعد رفيق چيو ته چند ڏوڪڙن عيوض خانگي هائوسنگ سوسائٽيز کي پل ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي هئي هاڻي اهي 10 ڪروڙ رپيا جمع ڪرائيندا تڏهن کين اجازت ملندي. وفاقي وزير چيو ته مال بردار آپريشن ۾ ريلوي جا ڀاڙا ٻي ٽرانسپورٽ کان گهٽ آهن، سوا لک پينشنر ۽ ريلوي جا ملازم آهن، ڦيٿو هلندو ته انهن جا چلها به ٻرندا، ريل گاڏين جي ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته ان کان بنا گذارو ناهي. ريلوي ڪمرشل تي ڌيان ڏئي ته 50 ڪروڙ رپيا ڪمائي سگهجن ٿا. تافتان کان ڪوئٽاتائين ريلوي آپريشنل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڪوئٽا ۾ سيڪيورٽي جا مسئلا آهن اتي فوج جي آفيسرن سان ڳالهيون ٿيون آهن ڪجهه مهينن ۾ ريلوي کي هلائينداسين. خواجه سعد رفيق جو چوڻ هو ته آپٽڪ فائيبر جون مختلف ڪمپنيون ريلوي سان رابطو ڪري رهيون آهن ته جيئن ڪرايو وٺي کين تارون وڇائڻ جي اجازت ڏني وڃي. آپٽڪ فائبر ڪمپنيون وڌيڪ پئسا ڏينديون ته کين ٺيڪو ڏنو ويندو، ايم آءِ ايس سسٽم پورو ڪرڻ جي پهرين به ڪوشش ڪئي. هن چيو ته 10 ڪروڙ واري پاليسي طاقتور ماڻهن کان گهري رهيا آهيون، جيڪڏهن ڪنهن هائوسنگ سوسائٽي کي پل تعمير ڪرڻي آهي ته پئسا ڏين. اڪنامي ڪلاس بجاءِ بزنس ڪلاس تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ريلوي کي تقريبن 20 سال ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳندا. مون وٽ علادين وارو چراغ ناهي ته فوري طور ريلوي کي ٺيڪ ڪيان. خواجه سعد رفيق چيو ته ايم ايل ون جو منصوبو جڏهن ٺاهيو ته 6 سال ۾ مڪمل ٿيڻو هو، جنهن تي 6.2 بلين ڊالر خرچ اچڻو هو هاڻي هو 10 بلين ڊالر تائين پهچي ويو، ايم ايل ون جو دورانيو گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هڪ رستو چين کي راضي ڪري شروع ڪرائينداسين. هن پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته وزيراعظم جو چين جو دورو ايم ايل ون لاءِ هوندو، تياري ڪري رهيا آهيون، ڪراچي سرڪلر ريلوي هلائڻ تمام وڏي غلطي هئي، ريلوي ڪٿي ميٽرو ٽرين هلائيندي آهي، سنڌ حڪومت سرڪلر ريلوي جو بار کڻڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ سرڪيولر ڊيڊ وڌي ويو، ٿرڪول تي ريلوي وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڪلوز ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڄامشورو پاور پلانٽ افغان ڪول جي ذميواري کڻندا، درخواست آهي ته پاڪستان جي ادارن کي تجربي گاهه نه بنايو وڃي، ملڪي پاليسين کي سنجيدگي سان ورتو وڃي ائين نه ٿئي ته پهرين حڪومت جي ماڻهن کي ٻيهر اڇلائي ڇڏيو.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن