GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

عمران نيازي آرمي چيف جي مقرري جي لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، قانون ۽ آئين تحت آرمي چيف جي مقرري شهباز شريف جو حق آهي، نواز شريف ڇهه آرمي چيف مقرر ڪيا: مريم اورنگزيب

image
APP37-171022 ISLAMABAD: October 17 - Federal Minister for Information and Broadcasting Marriyum Aurangzeb addressing a Press Conference. APP/IQJ/FHA

اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران نيازي آرمي چيف جي مقرري جي لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، قانون ۽ آئين تحت آرمي چيف جي مقرري شهباز شريف جو حق آهي، نواز شريف ڇهه آرمي چيف مقرر ڪيا، جيڪڏهن عمران نيازي کي مقرري جو ايترو شوق آهي ته هو پارليامينٽ ۾ 176 نمبر پورا ڪري اچي، ضمني چونڊن کانپوءِ شهباز شريف وٽ پارليامينٽ جي اندر 176 سيٽون آهن، عمران نيازي 8 سيٽن تي اليڪشن وڙهي پنهنجون 8 سيٽون گهٽ ڪيون آهن. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن فنڊيڊ فتني عمران خان جي ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ کانپوءِ يقين ٿي ويو آهي ته هو سياسي ايگزيما ۾ مبتلا آهي، عمران خان ملڪ ۾ انتشار، سياسي عدم استحڪام ۽ افراتفري مچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هو چار سال پاڪستان جي عوام تي مڙهيل رهيو جنهن ملڪ جو معآسي قتل ڪيو، ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو پهچايو، ڪشمير جو سودو ڪيو، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جا داستان لکيا. اطلاعات واري وفاقي وزير عمران نيازي اقتدار جي هوس ۽ لالچ ۾ انڌو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ 7 سيٽون پي ٽي آءِ جون هيون جن مان عمران نيازي کي پنهنجي کي ٻن سيٽن تي شڪست ٿي آهي. هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ 8 مان 6 سيٽون کٽڻ جو اهو مطلب نه آهي ته کيس وفاق تي يلغار جو لائيسنس ملي ويو هجي ۽ هو ڌوئنس ڌمڪي سان اليڪشن جو مطالبو ڪري. هن چيو ته ڪراچي ۽ ملتان جي ضمني چونڊن ۾ عمران نيازي کي شڪست ان جي خلاف ريفرنڊم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ضمني چونڊون ٿي ويون، عمران نيازي 6 سيٽون کٽيون آهن هاڻي هو چوي ته اليڪشن ڪميشن جانبدار آهي، هي چونڊُون شفاف نه آهن. هن چيو ته عمران نيازي جڏهن اليڪشن کٽي وڃي ته خاموش ۽ هارائي وڃي ته ادارن جي توهين ڪري ٿو، اڄ هو اليڪشن ڪميشن جي توهين ڇو نه ڪري رهيو آهي؟ اڄ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ايڪس وائي زيڊ جو نالو ڇو نه ورتو؟ مريم اورنگزيب چيو ته عمران نيازي ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو قرض ورتو، ملڪي قرضن کي 45 هزار ارب رپين تائين پهچايو، 75 سالا تاريخ ۾ سمورين حڪومتن ايترو قرض نه ورتو جيترو عمران نيازي پنهنجي چار سالن ۾ ورتو. هن چيو ته عمران نيازي ماڻهن جو ٽيڪس ڊرائيور بڻيل رهيو، پنهنجي دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، جڳهه جڳهه تي ڪشڪول کڻي ويو ۽ ملڪ کي مقروض ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عمران نيازي کي سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاري تي ڳڻتي ٿي رهي آهي پر هن پنهنجي چار سالا حڪومت جي دور ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو، ان تي ڇو ڳڻتي نه آهي. ان وقت هن هيومن رائيٽس واچ ۽ عالمي تنظيمن کي خط ڇو نه لکيا؟ عمران نيازي پنهنجي دور ۾ اپوزيشن ليڊر کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو، خواجه آصف، سعد رفيق، سلمان رفيق، شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، حنيف عباسي، حمزه شهباز کي گرفتار ڪيو، ماڻهن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي هٿڪڙيون هنيون، ان وقت هيومن رائيٽس جا فتويٰ ڪٿي هئا؟ هي اڄ انساني حقن جا ڀاشن ڏئي رهيو آهي ته پنهنجي دور ۾ راڻا ثناءُ الله تي 20 ڪلو هيروئن وجهي ڇڏي، جاويد لطيف جي 90 سالا والده کي گرفتار ڪيو، ان وقت هيومن رائيٽس جو سبق ڪٿي هو؟ هن چيو ته عمران نيازي پاڪ فوج جي خلاف مهم هلائي، پاڪ فوج جي اندر بغاوت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هيليڪاپٽر سانحي تي سوشل ميڊيا تي مهم هلائي. هن چيو ته عمران نيازي کي آرمي چيف جي مقرري تي تڪليف ٿي رهي آهي. هن چيو ته نواز شريف پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور ۾ آئين ۽ قانون تحت ڇهه آرمي چيفس جي مقرري ڪئي، جيڪڏهن عمران نيازي کي مقرري ڪرڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته هو پارليامينٽ ۾ 176 نمبر پورا ڪري ۽ آئيني طريقي سان پنهنجي حڪومت آڻي. هن چيو ته نواز شريف آئين ۽ قانون تحت حق رکندو هو ته آرمي چيف جي مقرري ڪري، عمران نيازي جهڙو سازشي ۽ فراڊ ڪنهن قسم جي مقرري جو اهل نه آهي. هن چيو ته ضمني اليڪشن کانپوءِ اڄ شهباز شريف وٽ پارليامينٽ جي اندر 176 سيٽون آهن. هن چيو ته عمران نيازي کي حڪومت آڻڻي آهي ته ڇهه سيٽن سان يلغار ڪرڻ سان نه ايندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران نيازي ڪجهه هيرن، ڪجهه ٽڪرا زمين، مقررين ۽ ٽرانسفرز تي ملڪي مفادن جو سودو ڪيو، هو پنهنجي ڀيٽ نواز شريف سان ڪري ٿو ته نواز شريف ملڪ کي موٽروي ڏني جنهن تي اڄ هو سفر ڪري ٿو، نواز شريف ملڪ جي سالميت ۽ بقاءَ تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪيو، نوجوانن کي روزگار، سي پيڪ ڏنو، 14 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهي، عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏياريو، ملڪي ترقي کي 6.3 سيڪڙو تي پهچايو، مهانگائي کي 2.6 سيڪڙو تي رکيو جڏهن ته عمران نيازي مني لانڊرر ۽ فراڊ آهي جنهن ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو پر الله جي فضل ۽ ڪرم سان شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو. هن چيو ته عوام کي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته ڪير مخلص ۽ خدمت ڪندڙ ۽ ڪير چالباز، فراڊ ۽ ڪوڙو آهي. هن چيو ته عمران نيازي 10 سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ڪري رهيو آهي، هڪ اسپتال يا يونيورسٽي ڏيکاري جيڪا اتي قائم ڪئي هجي، عمران نيازي منصوبن تي تختيون لڳائڻ کانسواءِ ڪو ڪم نه ڪيو، هي ڪوڙ ڳالهائي شهباز شريف سان مقابلو ڪري ٿو ته پنجاب جهڙي هڪ اسپتال ڏيکاري جيڪا خيبرپختونخواهه ۾ ٺاهي هجي يا پنهنجي چار سالن ۾ پنجاب ۾ ڪا اهڙي اسپتال ٺاهي هجي. هن چيو ته عمران نيازي کي ٽي سئو ڊيم ٺاهڻا هئا جڏهن ته نواز شريف اسڪول، يونيورسٽيون، رستا ٺاهيا، پبلڪ ٽرانسپورٽ، بيڪس هيلٿ يونٽس ۽ بجلي گهر عوام کي ڏئي ويو، اڄ به عوام ان مان فائدو کڻي رهي آهي. هن چيو ته عمران نيازي چئي رهيو آهي ته هن آرمي چيف جي خلاف ڪهڙي ڳالهه ڪئي، عمران نيازي آرمي چيف جي خلاف ڪوڙ ڳالهايو، پنهنجي چيلن سان آرمي جي اندر بغاوت جا اعلان ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، شهيدن جي خلاف مهم هلايون. هن چيو ته عمران نيازي چار سالن تائين حڪومت ۾ هو، هن ادارن کي يرغمال بڻايو ۽ بليڪ ميل ڪيو، طيبه گل کي وزيراعظم هائوس ۾ بند ڪيو، وزيراعظم هائوس کي پنهنجي گندي سياست جي لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته عمران نيازي عمران رياض جو حوالو ڏي ٿو جيڪو هڪ صحافي نه پر پي ٽي آءِ جو ڪارڪن آهي، عمران نيازي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ ڇڏي ڏي. هن چيو ته هڪ شخص جي ڪري عمران نيازي صحافت کي تباهه ۽ برباد نه ڪري. هن چيو ته عمران نيازي پنهنجي دور ۾ عرفان صديقي کي رات جي اونداهي ۾ ڌڪا ڏئي گرفتار ڪرايو، ان جي اندر ايتري اخلاقي جرئت نه هئي جو جڏهن عرفان صديقي جي ضمانت ٿي ته کيس جيل جي پوئين دروازي مان آزاد ڪيو. هن چيو ته عمران نيازي پنهنجي دور ۾ طلعت حسين، مرتضيٰ سولنگي جا پروگرام بند ڪيا، ابصار عالم جي پيٽ ۾ گوليون هنيون، محسن بيگ جي نڪ جي هڏي ٽوڙي، عاصمه شيرازي، غريده فاروقي، عنبر شمسي، نصرت جاويد، حامد مير، نجم سيٺي جي خلاف ڪارروايون ڪيون، مير شڪيل الرحمان کي گرفتار ڪري ميڊيا کي سڀ کان وڏو پيغام ڏنو ويو، مطيع الله جان کي سندس ٻارڙي جي اسڪول جي ٻاهران اغوا ڪيو ويو. هن چيو ته عمران نيازي کي هيومن رائيٽس واچ ۽ عالمي تنظيمن پريڊيٽر چيو. هن پنهنجي دور ۾ ڀينرن ۽ ڌيئرن کي هٿڪڙيون هنيون، فريال ٽالپر کي عيد جي رات گرفتار ڪيو، مريم نواز شريف کي والد جي آڏو هٿڪڙيون هنيون. هن چيو ته عمران نيازي جي نظر ۾ ٻين جي ڌيئرن جي ڪا عزت نه آهي. هن چيو ته جڏهن هيومن رائيٽس وارن کي اهي خط لکندو ته انهن سوالن جا جواب به ان کي ڏيڻا پوندا، اهي سڀ ان جا اعمال آهن جن تان نظرون هٽائي نه ٿيون سگهجن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سعد رفيق جي ڪيس ۾ عدالت لکيو ته انساني حقن جي خلاف ورزي ٿي آهي ۽ نيب کي پوليٽيڪل انجنيئرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري قانون موجب وزيراعظم شهباز شريف کي ڪرڻي آهي جنهن جو قانون جي اندر طريقيڪار آهي. هن چيو ته عمران نيازي اقتدار جي هوس ۾ مبتلا شخص آهي جنهن ملڪي مفادن سان راند کيڏي ۽ هاڻي سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري ملڪ جي اندر انارڪي ڦهلائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمران نيازي کي ايتري تڪليف آهي ته هو پارليامينٽ ۾ 176 ووٽ کڻي اچي. هن چيو ته تازي ضمني چونڊن کانپوءِ حڪومت پارليامينٽ ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي، هن وقت شهباز شريف وٽ 176 ووٽ آهن. هن چيو ته عمران نيازي هڪ فراڊ ۽ ڍونگ آهي جيڪو رڳو ڪوڙ ڳالهائي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ضمني اليڪشن ۾ عمران خان جو مقصد جمهوريت يا پارليامينٽ نه هو پر هو ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ چاهيندو هو. هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ ملتان ۽ ڪراچي جي ماڻهن عمران خان جي خلاف ريفرنڊم ڏنو آهي. عمران نيازي ان ضمني چونڊن ۾ 8 سيٽون پارليامينٽ ۾ گهٽ ڪيون آهن، ان ۾ اناءَ ۽ تڪبر آهي، هي پنهنجي نڪ کان اڳتي نه ٿو ڏسي سگهي، ان ۾ ايترو حوصلو نه آهي ته هو پارٽي ۾ ڪنهن ٻئي کي ٽڪي ڏئي سگهي. هن چيو ته عمران نيازي رڳو انهي صورت ۾ ڳالهين جو مطالبو ڪري سگهي ٿو جڏهن ان وٽ پارليامينٽ ۾ 176 سيٽن جي اڪثريت هجي. هن سوال ڪيو ته ڇا ايندڙ عام چونڊن ۾ عمران نيازي سڀني سيٽن تي پاڻ ئي اليڪشن وڙهندو، عمران نيازي حوصلو رکي ۽ پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏي. هن چيو ته عمران نيازي کي جيڪڏهن اليڪشن ڪرائڻي هجي ته هي 8 مارچ تي ڪرائي ها، هاڻي اليڪشن موجوده حڪومت جي فيصلي ۽ آئين تحت ٿيندي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران نيازي پاڻ چئي رهيو آهي ته هو بيڪ ڊور ڳالهيون ڪري رهيو آهي ان ۾ ايتري جرئت نه آهي ته هو عوام آڏو ڳالهين جي ڳالهه ڪري سگهي، هِن جون ڳالهيون صرف اهي آهن ته منهنجي ڪرسيءَ مون کي واپس ڪريو، ان کانسواءِ ڪي ڳالهيون نه آهن. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان قانون جي اندر طريقيڪار موجود آهي، اهو وزيراعظم جو استحقاق آهي پر ان حوالي سان عمران نيازي کي تڪليف ٿي رهي آهي. اڄ عمران نيازي چيو ته بلاول ڀٽو ملڪ کان ٻاهر آهي ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ آهي جڏهن ته عمران نيازي هڪ ڏينهن ٻوڏ سٽيلن جي دادرسيءَ جي لاءِ نه ويو. هن چيو ته شهباز شريف ٽانڪ، خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هڪ سئو گهر ٺهرائي رهيو آهي، ماڻهن کي ريليف ڏئي رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف عمران نيازي ٻوڏ سٽيلن جي پئسي سان هيليڪاپٽر هلائي رهيو آهي. هي اقتدار جي هوس ۾ ان حد تائين هيٺ ڪري چڪو آهي. هن چيو ته اقتدار جي لاءِ 176 نمبر گهرجن، عمران نيازي 176 نمبر کڻي اچي، ٻي صورت ۾ هو روڄ راڙو ڪري، رڙيُون ڪري، پٽي، پارليامينٽ ۾ شهباز شريف وٽ هِنن ضمني چونڊن کانپوءِ 176 ووٽ ٿي چڪا آهن.

مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری