GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

image

اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، دنيا ۾ منظم طريقي سان مسلمانن جي خلاف نفرت ڦهلائي پئي وڃي، دنيا ۾ نئين فاشسٽ پاليسين سان مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، حجاب جهڙن معاملن کي سياست ۾ آڻڻ جو مقصد اسلام کي نشانو بڻائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي يادگاري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڪاسابا ڪوروسي کانسواءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ۽ گڏيل قومن جي تهذيب (يو اين اي او سي) بابت اتحاد جي اعليٰ نمائندي ميگوئل موراتينوس پڻ شرڪت ڪئي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ وڊيو لنڪ ذريعي تقريب کي خطاب ڪيو. هي اجلاس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي آفيس ۽ پاڪستان سلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان گڏيل طور تي گهرايو ويو هو. گذريل سال جنرل اسيمبلي قرارداد 76/254 منظور ڪئي هئي جنهن ۾ 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو هو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هال ۾ نمائندن کي خطاب ڪندي چيو ته هن ڏينهن کي ملهائڻ سان اسلامو فوبيا جي ڪڌي رجحان بابت شعور اجاگر ڪرڻ، گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم کي اڳتي وڌائڻ ۽ ٺوس قدم کڻڻ جي لاءِ اسان جي گڏيل عزم کي سگهه ملي ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته اسلامو فوبيا اڄ جي دور جو هڪ اهم مسئلو آهي، اسلام امن ۽ رواداري جو دين آهي، دهشتگردي جو ڪنهن به مذهب سان ڪو تعلق نه آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مسلمانن کي مذهب جي ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته نائن اليون کانپوءِ کان پوري دنيا ۾ مسلمانن ۽ اسلام جي خلاف عداوت ۽ اداراجاتي شڪ وڌي ويا، مسلمانن جي قتل عام کي فاشسٽ پاليسين ۽ نظرين سان مڪمل ڇوٽ سان گڏ اتساهيو ويو آهي، مسلمانن جي خودمختياري جي حق کان انڪار ڪندڙن جون پاليسيون ۽ پرتشدد قدم اڄ اسلامو فوبيا جي بدترين مظهر جي نمائندگي ڪن ٿا. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو او آءِ سي ملڪن سان گڏجي اسلامو فوبيا کي روڪڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ هڪ ”ايڪشن پلان“ جوڙين. هن چيو ته اهڙي طرح جي ايڪشن پلان ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي جي مقرري، مقدس جاين بشمول هزارن مسجدن ۽ مقبرن جي حفاظت جي لاءِ قدم کڻڻ، نفرت انگيز تقريرن، قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ مسلمانن سميت ٻين ڪميونٽيز جي خلاف امتيازي سلوڪ ۽ تشدد کي غيرقانوني بڻائڻ جي لاءِ قومي ۽ عالميسطح تي قانونن کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ان سان گڏوگڏ اهڙن اسلامو فوبڪ قدمن جو نشانو بڻجندڙن کي قانوني مدد ۽ مناسب معاوضي جي فراهمي ۽ اسلامو فوبيا جي ڪاررواين جي ذميوارن کي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي عدالتي مڪينزم ۽ قانونن کي وضع ڪرڻ شامل ٿي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته اسلامو فوبيا جو وائرس وڌيڪ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، اڄ اسان کي هڪ ٺوس معاشري جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد ڪرڻ گهرجي، يپغمبر اسلام ﷺ مسلمانن کي نسل، ثقافت، جنس يا مذهب کان هٽي ڪري هر ڪنهن سان عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ جو درس ڏنو. هن چيو ته اسلام ۽ ان جي پيروڪارن بابت بي بنياد فوبيا هڪ افسوسناڪ حقيقت آهي، اسلامو فوبڪ بيانيو رڳو هڪ انتهاپسند معمولي پروپئگنڊه تائين ئي محدود نه آهي پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ان کي مرڪزي ڌارا جي ميڊيا ذريعن، تعليمي ادارن، پاليسي سازن ۽ رياستي مشينري جي سيڪشن قبول ڪيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڪاسابا ڪوروسي چيو ته امن جي فروغ جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، شدت پسندي جو مذهب سان ڪو تعلق نه آهي، مذهب جي بنياد تي ڪنهن کي نشانو نه بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن سان رنگ ۽ نسل جي بنياد تي امتيازي سلوڪ نه ٿيڻ گهرجي. جنرل اسيمبلي جي صدر چيو ته اسان کي نفرت ڦهلائيندڙ تقريرن جي حوصلا شڪني ڪرڻي پوندي، گڏيل احترام سان ئي ڪنهن جي دل ۾ جڳهه ٺاهي سگهجي ٿي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مسلمانن کي سڄي دنيا ۾ امتيازي سلوڪ درپيش آهي، اقليتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته مذهبي جي بنياد تي ڪنهن جي خلاف پاليسيون نه ٺهڻ گهرجن، عالمي دنيا کي انساني حقن جي تحفظ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم پنهنجي وڊيو خطاب ۾ چيو ته مسلمانن کي سڄي دنيا ۾ امتيازي سلوڪ درپيش آهي. هن چيو ته نفرت ئي ڪنهن به واقعي ۾ دهشتگردي جو بنياد بڻجي ٿي.

مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر