اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي بجلي جي پيداوار ۽ خريد جي لاءِ هڪ انڊيپنڊنٽ ملٽي پليئر مارڪيٽ ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان اداري جي ذريعي پاڪستان ۾ بجلي جي هڪ موثر ۽ شفاف چٽاڀيٽي مارڪيٽ قائم ڪئي ويندي، ان اداري سان گهٽ لاڳت بجلي جي پيداوار ۽ پهچ جي نظام جي لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي توانائي جي شعبي جي سڌارن جي لاءِ وڏا قدم کنيا، بجلي پيداوار ۽ خريد جي لاءِ هڪ انڊيپنڊنٽ ملٽي پليئر مارڪيٽ ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي انڊيپنڊنٽ سسٽم اينڊ مارڪيٽ آپريٽر (آءِ ايس ايم او) جي جوڙجڪ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جي ڪابينا کان توثيق ڪئي ويندي، آءِ ايس ايم او کي ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع تحت ايس اي سي پي سان رجسٽرڊ ڪيو ويندو. آءِ ايس ايم او حڪومت جي ملڪ ۾ بجلي جي واحد خريدار جي ڪردار کي ترتيبوار ختم ڪري بجلي جي مارڪيٽ کي ملٽي پليئر انڊيپنڊنٽ مارڪيٽ ۾ تبديل ڪندو. هن اداري جي ذريعي پاڪستان ۾ بجلي جي هڪ موثر ۽ شفاف چٽاڀيٽي مارڪيٽ قائم ڪئي ويندي. ان نظام سان بجلي جي صارفين کي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کانسواءِ ٻين سپلائرز کان بجلي خريد ڪرڻ جي سهولت فراهم ٿي سگهندي. هن اداري جي گهٽ کان گهٽ لاڳت جي بجلي جي پيداوار ۽ پهچ جي نظام جي لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڪئي ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ ايس ايم او جي قيام سان بجلي جي شعبي ۾ گردشي قرض ۽ بجلي جي اگهن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي. آءِ ايس ايم او جي بورڊ ۾ بجلي جي شعبي ۾ ماهرن جي شموليت يقيني بڻائي ويندي. اجلاس کي بجلي جي شعبي جي گردشي قرضن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بجلي جي شعبي جي سڌارن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي جي شعبي ۾ چوري ۽ نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم تيز ۽ موثر بڻايا وڃن. بجلي چوري ۾ ملوث ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ملازمن جي خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي. بجلي جي شعبي جي سڌارن ۽ چوري جي خاتمي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ، پاور ۽ فنانس واري مملڪتي وزير علي پرويز ۽ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.