GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

موسمياتي تبديلي سڀ کان وڏو چئلينج آهي: احسن اقبال

image

اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي)رٿابندي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته موسمياتي تبديلي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڻي انساني زندگي، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو، موسمياتي تبديلي ۽ وڌندڙ شهري آباديءَ پاڻي جي مسئلن جي وسيلن تي دٻاءُ وڌو آهي ۽ پاڪستان ۾ پاڻي جي دستيابي ڳڻتي جوڳي حد تائين گهٽ ٿي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه موسمياتي تبديلي ۽ پاڻيءَ جي اهميت جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جي آبپاشي نظام کي دنيا جي وڏي نظامن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻن وڏن اسٽوريج ڊيمز جي تعمير جاري آهي ته جيئن پاڻي جي ذخيرن کي بهتر ڪري سگهجي. هن چيو ته زراعت ملڪ جي 40 سيڪڙو آباديءَ کي روزگار فراهم ڪري ٿي ۽ پاڻي ۽ غذائي تحفظ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته دنيا ۾ 2.2 بلين ماڻهن کي صاف پاڻي ناهي ملي رهيو ۽ پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي سطح 100 ڪيوبڪ ميٽر تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته قبول جوڳي حد 2 هزار ڪيوبڪ ميٽر آهي. عالمي ڪاربن جي نيڪال ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي پر ملڪ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي هڪ نئين ٽيڪنو اڪانامي انقلاب طرف وڌڻو پوندو ۽ سياسي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻو پوندو ته جيئن پاڻي ۽ غذائي تحفظ جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي جي ذخيرن لاءِ ٻه ميگا اسٽوريج ڊيمز جي تعمير شروع ٿي وئي آهي، پاڪستان جي آبادي ۾ واڌ ۽ موسمياتي اثرن جا غير معمولي چئلينجز سامهون آهن. 30 عالمي ۽ 50 آن لائن آبي ماهر شرڪت ڪري رهيا آهن، ڪانفرنس سان دنيا کي اجتماعي مستقبل جي جوڙجڪ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. پاڪستان ماحولياتي لحاظ کان دنيا جو ستون غير محفوظ ملڪ آهي، عالمي ڪاربن جي نيڪال ۾ پاڪستان جو حصو گهٽ آهي پر پاڪستاني عوام قيمت ادا ڪري رهيو آهي، 2022ع ۾ موسمياتي آفتن سبب متاثر ٿيڻ جي قيمت غريبن ادا ڪئي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هاڻي عمل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، اسان جي ٻارن جو مستقبل اڄ جي قدمن تي ڀاڙي ٿو. 90 سيڪڙو پاڻي زراعت ۾ استعمال ٿئي ٿو، ناڪاره زراعت هڪ مسئلو آهي. قومي آبي پاليسي 2018ع ۾ شروع ڪئي وئي جنهن جٽادار حل فراهم ڪيا، پي ايس ڊي پي جو 2.2 سيڪڙو آبي وسيلن لاءِ وقف آهي. هن چيو ته قومي اقتصادي تبديليءَ جي منصوبن ۾ پاڻي ۽ سلامتي تي ڌيان ڏنو ويو آهي. پاڪستان پاڻ ڀرو ٿيڻ وارن قدمن طرف وڌي رهيو آهي، 2017ع ۾ منظور ٿيل قومي ٻوڏ منصوبي تي 4 ارب ڊالر لاڳت آئي، سوڪهڙي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جو اثر خوراڪ جي قيمتن تي پوي ٿو، عالمي بُک انڊيڪس ۾ پاڪستان 127 ملڪن مان 109هين نمبر تي آهي. نيشنل زيرو هنگر پروگرام سان ايندڙ ٻن سالن ۾ بُک ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي جو هدف آهي. اسان هڪ نئين ٽيڪنو اڪانامي انقلاب طرف وڌي رهيا آهيون، پاڻي ۽ غذائي تحفظ لاءِ سياسي استحڪام ۽ پاليسي جو تسلسل ضروري آهي. 2018ع کانپوءِ ملڪي مفاد لاءِ استحڪام جي بحاليءَ جو عزم ڪيو، اسان کي پاڻي ۽ خوراڪ جي بحران کان محفوظ پاڪستان جو بنياد رکڻ گهرجي، مستقبل اسان جي جرائتمداڻن فيصلن تي ڀاڙي ٿو.

مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ