اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت حج 2025ع لاءِ درخواستن جي وصولي شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪا 3 ڊسمبر تائين جاري رهندي. جڏهن ته قرعه اندازي 6 ڊسمبر تي ٿيندي. وزارت مان جاري پڌرائي مطابق حج درخواستن جي وصولي 18 نومبر کان شروع ڪئي وئي، جيڪا 3 ڊسمبر 2024ع تائين جاري رهندي، ريگيولر اسڪيم ۾ پهريون ڀيرو حج درخواست ڏيندڙ ماڻهن کي قرعه اندازي ۾ ترجيح ڏني ويندي، اسپانسر شپ اسڪيم لاءِ 5 هزار سيٽون رکيون ويون آهن. پرڏيهه ۾ر هندڙ پاڪستاني پنهنجي يا پنهنجي پيارن لاءِ پهرين اچو ۽ پهرين حاصل ڪيو جي بنياد تي اسپانسرشپ اسڪيم ذريعي ڪنهن نامزد بئنڪ ۾ ڊالرز جي صورت ۾ رقم موڪلي سگهندا. 6 ڊسمبر 2025ع تائين ڪارآمد پاڪستاني پاسپورٽ ۽ 12 فيبروري 2013ع کان اڳ پيدا ٿيل مسلمان درخواست ڏيڻ جا اهل آهن، سعودي هدايتن مطابق حج تي روانگي گهربل جسماني صحت سان مشروط آهي، جڏهن ته ميڊيڪل فٽنيس سرٽيفڪيٽ حج فارم جو حصو آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ درخواست گذار ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ويب سائيٽ دان ڊائون لوڊ ڪري گهربل دستاويزن سان بئنڪ ۾ موڪلي هڪ گروپ جي سمورن ماڻهن لاءِ هڪ جهڙو حق پئڪيج (لانگ يا شارٽ) جي چونڊ ڪرڻ لازمي آهي، قرعه اندازي بعد پئڪيج ۾ تبديلي قبولڻ جوڳي نه هوندي، بنيادي حج پئڪيج ۾ محرم عزيزن تي ٻڌل 4 کان 6 ماڻهن لاءِ فئملي روم جي سهولت موجود هوندي، حج درخواست فارم ۾ ڪٽنب جي چونڊ ڪرڻي پوندي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن جي روشني ۾ عورتون حلف نامو ڏيڻ تي قابل اعتماد عورتن جي گروپ سان بنا محرم جي حج درخواست ڏئي سگهن ٿيون. پاڪستاني پاسپورٽ (يا ٽوڪن)، شناختي ڪارڊ، بي فارم جون فوٽو ڪاپيون، نيري بيڪ گرائونڊ واريون پاسپورٽ سائيز تصوير سان بئنڪ سان رابطو ڪن. فارم جمع ڪرائڻ وقت تفصيلي شرط ۽ ضابطا غور سان پڙهن، درخواست پراسيس ڪرائي ڪمپيوٽرائيزڊ رسيد ۽ حج درخواست نمبر ضرور حاصل ڪن. درخواست گذار وزارت جي ويب سائيٽ، واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽ ضرور فالو ڪن ته جيئن سموري ڄاڻ وقت سر حاصل ڪري سگهن. ريگيولر حج اسڪيم جا درخواست گذار گهر ويٺي وزارت جي ويب سائيٽ ذريعي آن لائين حج درخواستن ۽ بقايائون جمع ڪرائي سگهن ٿا. درخواستن جي وصولي جي آخري تاريخ کان اڳ رقم واپس وٺڻ جي صورت ۾ ڪا به ڪٽوتي نه ٿيندي، جڏهن ته قرعه اندازي جي 10 ڏينهن اندر ٻي قسط جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ 50 هزار روپيا ڪٽوتي ٿيندي جڏهن ته 10 فيبروري تائين ٽين قسط جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ 2 لک روپيا ڪٽوتي ٿيندي. 10 فيبروري کان پوءِ حج تي روانو نه ٿيڻ جي صورت ۾ خرچ ٿيل رقم جي ڪٽوتي کان پوءِ بقايا رقم واپس ڪئي ويندي، درخواست گذار جي فوت ٿيڻ جي صورت ۾ رقم مان ڪٽوتي نه ڪئي ويندي. مذهبي معاملن واري وزارت درخواست گذارن جي رهنمائي لاءِ حج هيلپ لائين به قائم ڪري ڇڏي آهي.درخواستگذار لينڊلائين نمبر9216980-9216981-9216982-9205696-051 تي رابطو ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته مذهبي معاملن واري وزارت جي آفيشل ميڊيا ايڪس، فيس بڪ، يوٽيوب تان به تازي ڄاڻ ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا. حج پانڌيئڙن کي جيڪي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون انهن ۾ حج تربيت، ويڪسينيشن، طبي سهولتون، ٻنهي پاسن جي هوائي ٽڪيٽ، مڪي ۽ مديني شريف ۾ شيئرنگ رهائش (4 کان 6 محرم رشتيدارن جو فيملي روم)، ٽرانسپورٽ، ڪتاب، خوراڪ، 5 ليٽر زم زم، لائيف انشورنس (تڪافل)، لانگ پئڪيج (38 کان 42 ڏينهن) يا شارٽ پئڪيج (20 کان 25 ڏينهن جي چونڊ) شامل آهن. بنيادي ريگيولر حج پئڪيج 10 لک 75 هزار، 11لک 75 هزار جي وچ ۾ ٿيندو. ريگيولر حج اسڪيم جي پهرين قسط جي رقم 2 لک رپيا حج درخواست فارم سان گڏ جمع ٿيندي، ٻي قسط اختياري خرچ (جيڪڏهن هجن) 4 لک روپيا، قرعه اندازي جي 10 ڏينهن اندر جمع ڪرائڻي پوندي، ٽين قسط بقايا رقم تي ٻڌل هوندي، جيڪا 10 فيبروري تائين لازمي جمع ڪرائڻي پوندي. اسپانسرشپ حج اسڪيم تحت 4225 ڊالر نامزد بئنڪ جي فارن اڪائونٽ ۾ پرڏيهه مان امريڪي ڊالرز ۾ هڪ ئي وقت موڪلڻي پوندي، ادائگي جي شيڊيول تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ضابطي مطابق درخواست جي رد ٿيڻ ۽ رقم جي ڪٽوتي لاڳو هوندي. اختياري سهولتن ۾ بنيادي حج پئڪيج کان علاوه هر درخواست گذار تي هيٺ ڏنل اضافي خرچ لاڳو آهن، جن ۾ مڪي شريف ۾ رهائش جي ڪيٽيگري ( ڌار ڪمرو دستياب هوندو ته)، 2 بيڊز لاءِ 2 لک 59 هزار رپيا يا 930 ڊالر، ٽن بيڊن جي صورت ۾ 86 هزار 500 روپيا، 310 ڊالرز جڏهن ته قرباني جا اضافي 55 هزار 500 يا 200 ڊالر ادا ڪرڻا پوندا.