رپورٽ: ڪريم ڏنو راهمون
نگران ايڊيٽر: شوڪت علي چانڊيو
سنڌ جي سڀ کان وڏو ضلعو ٿرپارڪر جيڪو سدائين غربت، بُک ۽ بدحالي، صحت ۽ تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ جي جيئري جاڳندي تصوير آهي، جيتوڻيڪ قدرت هن علائقي کي ڪوئلي، گرينائٽ ۽ لوڻ جهڙن وڏن زخيرن سان سان نوازيو آهي، ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي وانگر لوڻ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، سوين ايڪڙن تي پکڙيل لُوڻ کاڻين مان روزانو هزارين ٽن لُوڻ ڏيهه توڙي پرڏيهه موڪليو وڃي ٿو، ملڪ کي قيمتي پرڏيهي ناڻو فراهم ڪندڙ لوڻ جي ڪاروبار کي صنعت جو درجو نه ملڻ جي ڪري اهي ذخيرا ماڻهُن لاءِ لاڀائتا ثابت ناهن ٿي سگهيا، ٿر جو لوڻ ڏيساور وڃڻ باوجود مزدوري ڪندڙن جي حالت بهتر ناهي ٿي سگهي، مواصلاتي رابطن کان ڪٽيل هُجڻ سبب مزدور پنهنجي حقيقي اجرت کان به بي خبر ٿي چند روپين تي مزدوري ڪرڻ ۽ پنهنجي لاءِ مختلف قسم جُون بيماريُون آهن، اي پي پي جي تحقيقاتي رپورٽ موجب لوڻ جي کاڻين تي مزدوري ڪندڙ مزدورن ۽ مختلف ذريعن جي انگن اکرن موجب ٿرپارڪر ۾ هڪ سو کان وڌيڪ لوڻ جون کاڻيون موجود آهن، جنهن ۾ سارڻ، سڌوئي، ڊاگو، گڀڻ، هٿڻي، ٽوڀو، هٿرائي، گجيواري، گڙهو، سينگالو، جکنور، ٽيپاريو، موکائي، دونهائي، ڪونرل ۽ ٻيون لوڻ جُون کاڻيون شامل آهن،
جتي لوڻ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جتان روزانو هزارين ٽن کان وڌيڪ لوڻ پاڪستان سميت ڏيساور جي ملڪن ڏانهن وڃي ٿو، لوڻ جي کاڻين تي هزارن جي تعداد ۾ ٿر سميت پوري ملڪ جا مزدور ڪم ڪن ٿا، ٿرپارڪر ۾ موجود لوڻ کاڻين جو لوڻ به بهترين معيار جو آهي جيڪو دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ٿئي ٿو، روزانه هزارين ٽن کان وڌيڪ لوڻ ٿرپارڪر مان پوري ملڪ ڏانهن ٽرالرن وسيلي وڃي ٿو، ٿر جو لوڻ معياري هُجڻ جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهي، ٿرپارڪر ۾ برساتُون پوڻ کانپوءِ انهن لوڻ کاڻين ۾ پاڻي گڏ ٿئي ٿو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ قدرتي لوڻ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، لوڻ کاڻين واري زمين ڪلراٺي هُجڻ جي ڪري پاڻي لوڻ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، لوڻ کاڻين جي ليز سنڌ حڪومت جو مائنز ۽ منرل کاتو جاري ڪندو آهي، ليز وٺندڙ هر سال ايراضي جي لحاظ کان مقرر رقم رائلٽي طور مائنز ۽ منرل کاتي وٽ جمع ڪرائيندا آهن، جڏهن ته لوڻ جي ڪاروبار کي صنعت جو درجو نه ملڻ ۽ ان کي منافع بخش ڪاروبار نه سمجهڻ جي ڪري ان طرف ڪوبه ڌيان نه ڏسڻ سبب مزدور مشڪلاتن جو شڪار آهن، جڏهن ته روز هزارين ٽن لوڻ ڪڍندڙ مزدور مواصلاتي رابطو نه هُجڻ ۽ اڻپڙهيل هُجڻ جي ڪري اڄ به ڪجهه روپين تي مزدوري ڪرڻ تي مجبُور آهن ۽ پنهنجي پورهئي سان پيٽ جي بُک اجهائڻ بدران مختلف بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن، جڏهن ته حڪومتي سطح تي لوڻ جي کاڻين تي صحيح نموني ڌيان ڏيڻ سان ٿر مان بيروزگاري جو وڏي پئماني تي خاتمو اچي سگهي ٿو ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ تبديل ٿي سگهي ٿي.
ايشيا کنڊ جي مشهور لوڻ کاڻ سارڻ جو سن به ٿر ۾ آهي، سارڻ جو سن نالي لوڻ کاڻ ڏيپلو تعلقي کان ڏکڻ طرف ويهه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڳوٺ سارڻ ۾ آهي، جتان ڪافي سالن کان لوڻ نڪري رهيو آهي، ٿر ۾ سڀ کان پهرين لوڻ سارڻ جي سن مان نڪتو هو ۽ اها ٿر جي قديم کاڻين مان آهي، جيڪا 100 ايڪڙن تي پکڙيل آهي، سارڻ جي سن جو لوڻ اڄ به پوري ملڪ ۾ مشهور آهي، سارڻ جي سن جو لوڻ صاف سٿرو هجڻ سان گڏ اعليٰ معيار جو هجڻ جي ڪري مشهور آهي، جنهن جي ملڪي سطح تي وڏي گهرج آهي، سڄي ملڪ جا واپاري ۽ فيڪٽري مالڪ اڪثر ان لوڻ جي گُهر ڪندا آهن. ٿرپارڪر ۾ وڏي انگ ۾ موجود لوُڻ کاڻيون ڪيترن ئي ايڪڙن تي پکڙيل آهن جن ۾ موکائي نالي لُوڻ کاڻ 250 ايڪڙن، ڊاگو 150 ايڪڙن، ڊاگو ٽو، 180 ايڪڙن، هتڻي 100 ايڪڙن، ڊاڀڙو 150 ايڪڙن تي پکڙيل آهي، جن مان روزانو هزارين ٽن لوڻ نڪري ٿو ڪنهن پاڪستان جي ڪنهن به به صوبي ۾ ايڏي وڏي مقدار ۾ لُوڻ جا ذخيرا صرف ٿرپارڪر ۾ آهن ۽ انهن تي ڌيان نه ڏيڻ سان مزدور طبقي لاءِ ڪوبه لاڀ حاصل نه سگهيو آهي.
ٿرپارڪر جو لوڻ ملڪ جي ڀاڻ فيڪٽرين ۽ چمڙي جي ڪارخانن سميت دنيا جي سرد ملڪن ڏانهن وڏي مقدار ۾ ايڪسپورٽ ٿئي ٿو، ٿر جو لوڻ ڀاڻ ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو، پاڪستان جي مشهور اينگرو ڀاڻ ڪمپني به لوڻ ٿر مان خريد ڪري ٿي، ان کانسواءِ پوري ملڪ ۾ ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنين کي به لوڻ ٿر مان فراهم ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي لاءِ روزانو سوين وڏا ٽرالر لوڻ سان ڀرجي وڃن ٿا، جڏهن ته کاڌي پيتي لاءِ لوڻ شهرن ۾ دڪانن تي به وڏي مقدار ۾ وڪرو ٿئي ٿو، لوڻ جانورن جي کلن کي هڻڻ جي به ڪم اچي ٿو، جنهن سان جانورن جو کلون بدبوءِ نه ٿيون ڪن، ٿر سميت پوري ملڪ ۾ چمڙو وٺندڙ دڪاندار چمڙي کي لوڻ هڻي رکندا آهن، جنهن سان چمڙو خراب نه ٿيندو آهي ۽ ان کي ڪيئُون ناهي لڳندو، ان کانسواءِ دنيا جا سرد ملڪ برف کي ڳارڻ جي لاءِٿر جو لوڻ استعمال ڪندا آهن، جن کي اهو لوڻ سستو ملي ٿو۔
ٿر ۾ موجود وڏي مقدار ۾ لوڻ جي ڪاروبار کي صنعت جو درجو نه ملڻ جي ڪري لوڻ سستي اگهه تي وڪرو ٿئي ٿو ۽ مزدورن جي مزدوري نه هُجڻ جي برابر آهي، جڏهن ته ميڊيا جي پهچ نه هُجڻ جي ڪري مزدور پنهنجي حقن کان محروم آهن، جڏهن صنعت جو درجو نه ملڻ جي ڪري اربين روپين جي ڪاروبار تي حڪومت کي رائلٽي نه هُجڻ جي برابر ملي ٿي، جنهن سان حڪومت سميت لوڻ ڪڍندڙ مزدورن کان ويندي لوڻ وٺي وڪرو ڪندڙ واپارين کي مناسب اگهه نٿو ملي، اي پي پي سان ڳالهائيندي لوُڻ کاڻين تي مزدوري ڪندڙ مزدورن عمران علي، عرفان علي مريداڻي، جمعون سومرو، عارب سُومرو، يامين، خميسو، موسيٰ راهمُون، ڪرشن ڪولهي، جڳتو ۽ والهو ڪولهي چيو ته اسان کي پنجاهه ڪلو جي ٻوري جا صرف ست کان اٺ روپيا ملن ٿا، هڪ مزدور روزانو چاليهه کان پنجاهه لوڻ جُون ٻوريون مشڪل سان ڪڍي ٿو، جنهن جا کين مشڪل سان 400 روپيا ٺهن ٿا، جڏهن ته لوڻ کاڻ مان ٻوريُون کڻي ٽرالر ۾ لوڊ ڪرڻ تي في ٻوري ٻه کان اڍائي روپيا مزدوري ڏني وڃي ٿي، جڏهن ته 50 ڪلو واري ٻوري فيڪٽرين، دڪانن، ڪارخانن توڙي ٻين هنڌن تي وڏي اگهه ۾ وڪرو ٿئي ٿي، جڏهن ته لوڻ جي واپارين جو چوڻ آهي ته لوڻ کي صنعت جو درجو ملي وڃي ته سڀ کان وڌيڪ فائدو مزدورن کي ملندو. ٿرپارڪر جي لوڻ کاڻين تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي ڪا به سهولت مهيسر نه هُجڻ جي ڪري اهي مزدور ڪيترين ئي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، لوڻ جي کاڻين تي ڪم ڪندڙ مزدور اڪثر ڪري چمڙي جي بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا، مزدورن جا هٿ ۽ پير لوڻ جي ڪري زخمي ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جا ڦٽ ناسور بڻجي وڃن ٿا جنهن جي ڪري ڪجهه وقت کانپوءِ اهي مزدور ڪم ڪرڻ جي قابل نٿا رهن، اي پي پي سان ڳالهائيندي لوُڻ کاڻين تي مزدوري ڪندڙ مزدورن اشرف علي بجير ۽ محمد ايوب پاڙهو چيو ته ٿرپارڪر ۾ هڪ سو کان وڌيڪ لوڻ جي کاڻين تي ڪٿي به صحت جي سهولت نه آهي ۽ نه ڪا ليبر کاتي پاران ڪا اسپتال قائم ٿيل آهي، جڏهن ته انهن مزدورن جي لاءِ ٻارن جي تعليم پڻ وڏو مسئلو آهي، ۽ انهن جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ حڪومت پاران ڪوبه اسڪول قائم ٿيل نه آهي، جنهن جي ڪري انهن جا ٻار ننڍپڻ ۾ ئي لوڻ ڪڍڻ جي ڪم کي لڳي وڃن ٿا ۽ انهن لاءِ زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جا ڪي به موقعا ميسر نه آهن۔
ٿرپارڪر ۾ موجود لوڻ جي کاڻين مان مختلف طريقن سان لوڻ ڪڍيو وڃي ٿو جنهن ۾ مزدورن پاران هٿن کانسواءِ ٽريڪٽرن سان به لوڻ گڏ ڪيو وڃي ٿو، مزدورن جي وڏي انگ ۾ بيمار ٿيڻ جي ڪري ڪجهه وقت کان هاڻي ٽريڪٽرن جي وسيلي لوڻ گڏ ڪيو وڃي ٿو، ان کان علاوه لوڻ کڻڻ لاءِ ڪرين مشين ۽ ٽريڪٽر ٽرالي جو به استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان لوڻ کي هڪ هنڌ وڏي تعداد ۾ جمع ڪري پوءِ صاف ڪيو وڃي ٿو، صاف ٿيڻ کانپوءِ لوڻ کي ٻورين ۽ ٽرالرن ۾ ڀري موڪليو وڃي ٿو.
سنڌ جي زرعي ماهرن موجب ٿرپارڪر ۾ لوڻ جون فيڪٽريون لڳائڻ سان ٿر مان بيروزگاري جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، ٿر جي لوڻ کاڻين مان نڪرندڙ لوڻ کي صاف ڪرڻ سان گڏوگڏ فلٽر ڪرڻ ۽ پيڪنگ ڪرڻ جون فيڪٽريون ٿر ۾ لڳائڻ سان ٿر جا هزارين بي روزگار ماڻهو روزگار ڪمائي سگهن ٿا، هن وقت ٿر ۾ ڪراچي جي هڪ نجي ڪمپني جا ٻه کان وٺي ٽي اهڙا ننڍا پلانٽ لڳل آهن جتي لوڻ ڪڍڻ کانپوءِ صاف ڪرڻ ۽ پيسائي ڪرڻ تائين جو ڪم ڪيو وڃي ٿو، انهن پلانٽن تي سوين مزدور ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي مزدور پندرهن هزار کان ويهه هزار تائين في مهينو پگهار کڻن ٿا، ٿرپارڪر ۾ هڪ سو کان وڌيڪ ننڍيون ۽ وڏيون لوڻ جون کاڻيون موجود آهن، جيڪڏهن انهن مان نڪرندڙ لوڻ کي صاف ۽ فلٽر ڪرڻ لاءِ ٿر ۾ ئي فيڪٽريون لڳايون وڃن ته ٿرپارڪر جا هزارين خاندان خوشحال زندگي گذاري سگهن ٿا۔
سنڌ جي زرعي ماهرن چيو آهي ته ٿر جي لوڻ تي تحقيقات ٿيڻ گهرجي، لوڻ کاڌي پيتي کانسواءِ زندگي جي مختلف شين ۾ ڪم اچي ٿو، دوائن جي تياري ۾ به لوڻ استعمال ٿئي ٿو
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي زرعي تعليم ۽ توسيع ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ليمن جي پوکيءَ لاءِ سوڊيم جي کوٽ پوري ڪرڻ جي لاءِ وٿاڻ جي ڀاڻ سان گڏ لوڻ کي ملائي استعمال ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته زرعي يونيورسٽي ٿرپارڪر ۾ موجود لوڻ جي کاڻين تي تحقيقات ڪري سگهي ٿي ۽ ان کانسواءِ اين اي ڊي يونيورسٽي جي ڪئمپس ۽ ٿر فائونڊيشن وارن کي به ان حوالي سان تحقيقات ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر ڪنڀر چيو ته لوڻ نه رڳو کاڌي پر دوائن ۾ به استعمال ٿئي ٿو. ٿرپارڪر ۾ لوڻ جا وڏا ذخيرا آهن جنهن جي بهتر استعمال جي لاءِ حڪومت کي ڪوششون وٺڻ گهرجن. لوڻ کي اينگرو، فوجي فرٽيلائيزر سميت ڀاڻ جون وڏيون فيڪٽريون استعمال ڪن ٿيون. هن چيو ته اڇري ٿر ۾ پڻ لوڻ جون کاڻيون آهن، ان کي صنعت جو درجو وٺرائڻ گهرجي
جڏهن ته زرعي يونيورسٽي جي سوائل سائنس ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر چيو ته لوڻ ڀاڻ ٺاهڻ جي استعمال نه ٿو ٿئي، ٿي سگهي ٿو ٿورو گهڻو استعمال ٿيندو هجي پر لوڻ ته زمين لاءِ خطرناڪ آهي، باقي پوٽاش جي تياري ۾ ٿي سگهي ٿو ته ان جو ڪجهه مقدار استعمال ٿيندو هجي. سوڊيم ڪلورائيڊ ۾ به لوڻ جو استعمال ٿيندو آهي. هن چيو ته ٿڌن ملڪن ڏانهن لوڻ ان جي لاءِ گهڻي مقدار ۾ وڃي ٿو جو اتي ان جي کوٽ آهي. هن چيو ته اسان وٽ لوڻ جو گهڻو استعمال کاڌي پيتي جي حوالي سان آهي، جڏهن ته زراعت جي حوالي سان ان جو ايترو استعمال نه آهي.