GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

اڳوڻي دور جي بدترين پاليسين ملڪي معيشت تباهه ڪئي، اڄ قوم انهن پاليسين جو نتيجو ڀوڳي رهي آهي: چوڌري فواد حسين

image
APP43-051121 ISLAMABAD: November 05 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain and Federal Minister for National Food Security and Research, Syed Fakhar Imam address press conference at Pak China Friendship Center. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڳوڻي دور جي بدترين پاليسين ملڪي معيشت تباهه ڪئي، اڄ قوم انهن پاليسين جو نتيجو ڀوڳي رهي آهي، عالمي منڊي ۾ بحران جي ڪري تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو جنهن جو اثر هتي به پيو، سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون وڌيڪ آهن، سنڌ ۾ اڪثر شگر ملز آصف علي زرداري ۽ پنجاب ۾ شريف خاندان هلائين ٿا، سنڌ کي پهرين نومبر کان ڪمند جي پيڙهائي شروع ڪرڻي هئي پر ان ۾ دير ڪئي پئي وڃي، حڪومت کنڊ جي قيمت 90 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي جنهن جي خلاف شگر ملز منع نامو حاصل ڪري ورتو، حڪومت وٽ 22 ڏينهن جي لاءِ کنڊ جو ذخيرو موجود آهي، پنجاب ۾ 15 ڏينهن ۾ ڪريشنگ شروع ٿي ويندي ته صورتحال بهتر ٿي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير فخر امام سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام (ن) ليگ جي ڳالهين ۾ اچڻ واري نه آهي، اڄ جيڪي اسان کي حل ٻڌائي رهيا آهن اهي مسئلا به انهن ئي ماڻهن جي ڪري آهن. انهن ماڻهن جي ڪري ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو، انهن پاڪستان کي ڊي انڊسٽرلائيز ڪيو، 2010ع کان 2018ع تائين بدترين سال گذريو جنهن دوران پاڪستان جو قرض 6 هزار ارب رپين مان 23 هزار ارب رپين تائين پهتو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن سال اسان کي 10 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي، ايندڙ سال اسان کي 12 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي، انهن ماڻهن ايترا وڏا قرض ورتا ۽ واپسي جو سوچيو ئي نه. اهڙي طرح جي غيرذميواراڻي معاشي پاليسين جي ڪري اڄ پوري قوم مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ٽن سالن ۾ انهن ماڻهن جي خراب پاليسين جا اثر ختم ڪرڻ ممڪن نه آهي، اسحاق ڊار جي بدترين پاليسين تي سڀ کان وڌيڪ تنقيد شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل ئي ڪندا هئا ۽ هاڻي اهي انهن پاليسين تي وضاحتون پيش ڪن ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته اسحاق ڊار جهڙي طريقي سان ملڪي معيشت تباهه ڪئي، هو ان جو ذميوار آهي، هن ڊالر کي سئو رپين تائين محدود رکيو. کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جون خبرون ڪراچي مان اچي رهيون آهن، ڪراچي ۾ ٻين شين جون قيمتون به ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن، هن وقت ڪڻڪ جي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ڪراچي ۾ پنجاب جي ڀيٽ ۾ 380 رپيا وڌيڪ آهي. چوڌري فواد هسين چيو ته سنڌ حڪومت کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي، اڳ ۾ انهن ڪڻڪ جي ريليز ۾ دير ڪئي ۽ هاڻي کنڊ جي ڪريشنگ ۾ دير ڪئي پئي وڃي. سنڌ حڪومت جي ڪري ئي سنڌ جا ماڻهو مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي وڊيوز اچي رهيون آهن، سنڌ ۾ ڏينهن ڏٺي ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، ڪٿي شڪار جي وڊيوز ٺاهڻ تي قتل ٿي رهيا آهن ۽ ڪنهن جڳهه تي عورتون قتل ٿي رهيون آهن، ائين لڳي ٿو سنڌ ۾ پوليس نالي جي ڪا شيءَ ئي نه آهي. هن چيو ته ميڊيا کي به ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي ته اها اهڙي واقعن جي آزاداڻي جاچ ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته کنڊ جي ڏهاڙي کپت 15 هزار ٽن آهي، ان مان 6 هزار ٽن ڊوميسٽڪ صارفين استعمال ڪن ٿا، 9 هزار ٽن صنعتي صارفين ڏانهن وڃي ٿي. حڪومت وٽ هڪ لک 30 هزار ٽن کنڊ موجود آهي تنهن ڪري ڪنهن قسم جو ڪو پريشر نه آهي، 22 ڏينهن جي لاءِ اها کنڊ ڪافي آهي، 15 ڏينهن ۾ پنجاب ۾ ڪريشنگ شروع ٿي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو سٽي جي نتيجي ۾ ٿيو، سنڌ ۾ اڪثر شگر ملز آصف علي زرداري هلائي رهيو آهي جڏهن ته پنجاب م شريف فيملي، 15 ڏينهن اڳ جيڪا ڪريشنگ شروع ٿي، انهن پنهنجي شگر ملز جو اسٽاڪ روڪي ورتو جنهن جي ڪري کنڊ جون قيمتون وڌي ويون. هن چيو ته حڪومت کنڊ جي قيمت 90 رپيا مقرر ڪئي، ان ۾ شگر ملز جو 16 رپيا منافعو به شامل آهي، جڏهن اسان ان کي ريليز ڪرائڻ وياسين ته انهن عدالت کان منع نامو حاصل ڪري ورتو. هن چيو ته ملڪ ۾ کنڊ جو بحران پرائيويٽ شگر ملز جي ڪري آهي، اسان جي عدليه کي اپيل آهي ته منعو نامو ختم ٿيڻ گهرجي ته جيئن حڪومت ماڻهن کي کنڊ 90 رپيا في ڪلو فراهم ڪري سگهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي پهرين نومبر کان ڪريشنگ شروع ڪرڻي هئي پر سنڌ نه ڪئي، پنجاب ۾ اهو سلسلو شروع ٿي ويندو ته صورتحال بهتر ٿي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي حوالي سان بحران واري صورتحال آهي، حڪومت (ن) ليگ جي دور جي ٽيڪسن کي برقرار رکي ها ته اڄ پيٽرول جي قيمت 180 رپيا في ليٽر کان وڌيڪ هجي ها، حڪومت ان مد ۾ ساڍا 4 سئو ارب رپيا ڪمائي چڪي هجي ها. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان ٽيڪسن کي هن وقت سڀ کان گهٽ ترين سطح تي رکيو آهي، حڪومت پيٽرليم مصنوعات جي مد ۾ 50 ارب رپيا ڪمائي رهي آهي جيڪي 450 ارب کان 500 ارب رپيا هجڻ گهرجن ها. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن به چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ خوراڪ جون قيمتون 10 سالن جي بلند ترين سطح تي آهن. اهڙي طرح سڄي دنيا ۾ توانائي جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ غربت جي شرح به وڌيڪ آهي، اتي تيل جون قيمتون پاڪستان جي ڀيٽ ۾ 50 رپين کان 60 رپيا وڌيڪ آهن جڏهن ته اتي مخالف ڌر به تنقيد ڪري رهي آهي ته پاڪستان تيل تي ٽيڪسن جي شڊرح گهٽ ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي، هو ريليف ڇو نه ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام جو اعلان ڪيو، 31 هزار رپيا ماهوار ڪمائيندڙ هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن کي اٽي، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏني ويندي. هن چيو ته مهانگائي ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اسان 31 هزار رپين کان گهٽ ڪمائيندڙن کي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏني آهي. هنچ يو ته مڊل ڪلاس طبقي جي لاءِ صحت ڪارڊ آندو ويو، 10 لک رپين تائين انهن جو علاج مفت ٿي سگهندو، ان ۾ اسلام آباد، خيبرپختونخواهه جا سمورا شهري شامل آهن، پهرين جنوري تائين پنجاب جا شهري به ان پروگرام ۾ شامل ٿي ويندا. هن چيو ته اسان سنڌ کي به ان پروگرام ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ چيو آهي، بلوچستان ان پروگرام ۾ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تيل ۽ ايل اين جي جو بحران عالمي بحران آهي، تيل ۽ ايل اين جي جي هتي پيداوار نه ٿي ٿئي، اسان اهي شيون درآمد ڪريون ٿا. هن چيو ته برطانيا، آمريڪا، ڀارت، بنگلاديش ۾ به اهو الزام لڳي رهيو آهي ته اهي انهن شين جون قيمتون مئنيج نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته کنڊ جي قيمت جو جيستائين تعلق آهي بلوچستان ۽ سنڌ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 145 کان 150 رپين تائين ملي رهي آهي، سنڌ ۾ پيڙهائي ۾ دير جي ڪري مجموعي طور تي اها صورتحال پيدا ٿي.

مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس
متعلقہ مضامین
مزید خبریں