GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪ فوج ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي خطرن کان پوريءَ ريت آگاهه آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار جي پريس ڪانفرنس

image

راولپنڊي-05 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي خطرن کان پوريءَ ريت آگاهه آهي ۽ انهن جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ڪالعدم ٽي ٽي پي خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي، افغانستان جي عبوري حڪومت کي چيو هو ته پنهنجي سرزمين ٽي ٽي پي کي پاڪستان خلاف استعمال نه ڪرڻ نه ڏني وڃي، ملڪ مان ڪيترين ئي دهشتگرد تنظيمن کي ختم ڪيو ويو آهي، افغانستان جي سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو ڪم بروقت مڪمل ڪيو ويندو، نيشنل ايڪشن پلان تحت 78 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمن خلاف ڀرپور ڪارروايون ڪيون ويون آهن. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد خطي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. لائن آف ڪنٽرول تي پورو سال امن رهيو، ايل او سي جي طرف آباديءَ جي حالتن ۾ بهتري آئي آهي، ڀارت اندروني طور تي مذهبي انتهاپسنديءَ جو شڪار آهي. هن چيو ته ڪنهن به هٿياربند گروهه کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، ملڪ دشمن عنصر ناڪام مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت، عوام، پاڪستان جي فوج ۽ ادارن وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، ڪُوڙي ۽ هٿٺوڪي پروپيگنڊا ذريعي ناپاڪ اِرادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن سمورن ناپاڪ ڪوششن کي ناڪام بڻايو ويندو. هن چيو ته ڀارتي فوج قيادت طرفان پاڪستان خلاف ناڪاري ۽ ڪُوڙي پروپيگنڊا ڪئي وئي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني تاريخ جو بدترين گهيراءُ جاري آهي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي بازار گرم ڪري رکي آهي. ڀارت جينوا ۽ عالمي معاهدن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. بابر افتخار چيو ته يومِ حقِ خوداراديت تي ڪشميرين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسيءَ جا اثر پاڪستان تي به پيا، ڇاڪاڻ ته افغانستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو خال پيدا ٿي ويو. اميد آهي ته صورتحال ۾ جلد بهتري اچي ويندي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪ- افغان سرحد تي لڳايل ڪنڊيدار تارون ٻنهي طرفن جي عوام کي تحفظ ڏئي رهيون آهن ۽ طئي ٿيل طريقيڪار موجب آمدورفت جاري آهي. پاڪ- افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو ڪم 94 سيڪڙو، جڏهن ته پاڪ- ايران سرحد تي 71 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي. ڪنڊيدار تارون لڳائڻ ۾ اسان جي شهيدن جو رت شامل آهي، امن جي مقصد لاءِ مسئلا بردباري ۽ احتياط سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. پاڪستان افغانستان ۾ مڪمل هم آهنگي ڏسي ٿو. پاڪ- افغان سرحد تي پاڪستان جون 12 هزار کان وڌيڪ بارڊر پوسٽون آهن، بارڊر سيڪيورٽيءَ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ايف سي لاءِ 67 نئين ونگ قائم ڪئي آهي. اسمگلنگ، منشيات جي چُرپُر تي ضابطي آڻڻ ۾ ڪاميابي ملي آهي. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال سنگين انساني الميي کي جنم ڏئي سگهي ٿي، ان جا پاڪستان ۽ خطي جي سيڪيورٽيءَ تي سڌيءَ ريت اثر پوندا. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا مختلف اجلاسن ۽ ملاقاتن دوران افغانستان جي صورتحال جو معاملو اُٿاريو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن ردالفساد انتهائي منفرد نوعيت جو هو. ڳجهن اطلاعن جي بنياد تي 60 هزار آپريشن ڪيا ويا، انهن ڪاررواين ۾ فوجي، سول ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن اهم ڪردار ادا ڪيو. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف آپريشن سان انهن جي بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪيو، 890 سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪري دهشتگرديءَ جي 70 سيڪڙو واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملي. دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ ملوث مجرمن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي بينقاب ڪيو ويو. قبائلي علائقن مان 70 هزار کان وڌيڪ بارودي سرنگن کي تباهه ڪيو ويو، ان دوران سيڪيورٽي فورسز جا ڪيترائي جوان شهيد ۽ زخمي ٿيا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 2014ع جي ڀيٽ ۾ 2021ع ۾ ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال تمام بهتر رهي آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. سال 2014ع ۾ ڪراچي وائلڊ ڪرائيم انڊيڪس ۾ ڇهين نمبر تي هو، هاڻي 129 نمبر تي اچي ويو آهي. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته 2021ع ۾ 248 آفيسرن ۽ جوانن دفاع لاءِ پنهنجي حياتين جا نذرانا پيش ڪيا، اسان انهن شهيدن جي وارثن کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. شهيدن جي قربانين عيوض ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي صلاحيتن ۾ اضافي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. ليويز ۽ـ خاصه دار فورس جي 18 هزار نوجوانن کي تربيت ڏني وئي، وڌيڪ 4 هزار کي تربيت ڏني پئي وڃي. انهن تربيت يافته اهلڪارن کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيل قبائلي علائقن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت 78 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمن خلاف ڀرپور ڪارروايون ڪيون ويون. دهشتگردن جي بيانيي کي اثرائتي طريقي سان ناڪام بڻايو ويو آهي، ان ۾ عالمن، ميڊيا ۽ عوام ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قانون جي بالادستيءَ سان معاشرو ترقي ڪندو آهي، طاقت جو استعمال رياست جو استحقاق آهي. هن چيو ته دفاعي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا. دفاعي پيداوار جي ادارن جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. دفاعي ساز و سامان جي ايڪسپورٽ مان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته جن علائقن ۾ آپريشن ڪيا ويا اتي زندگي معمول تي اچي چڪي آهي. انهن علائقن ۾ عوام جي ڀلائيءَ جا مختلف قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته قبائلي علائقن ۾ 31 ارب رپين جي لاڳت سان 831 ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا، ڪيترائي منصوبا تڪميل تائين پهچي ويا آهن. انهن منصوبن ۾ مارڪيٽس، تعليمي ادارا ۽ اسپتالون شامل آهن. هن چيو ته سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ جي سمورين ڪوششن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. ان منصوبي کي وقت سر تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز تمام گهڻيون قربانيون ڏئي رهي آهي. بلوچستان ۾ 199 ترقياتي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته چئلينجز باوجود پوليو جي خاتمي واري مهم ڪاميابي سان جاري آهي، پوليو ورڪر کي ڀرپور تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي. پاڪ فوج ڪورونا تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي، عوام ۽ ميڊيا به ڪورونا خلاف اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪورونا ڪيسن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي. اين سي او سي طرفان جاري ڪيل هدايت جي تناظر ۾ احتياطي تدبيرن تي عمل سان ئي ان وبا کان بچي سگهجي ٿو. هن چيو ته جعلي خبرن ذريعي ادارن کي بدنام ڪرڻ جون ناڪام سازشون ڪيون ويون آهن، ائين ڪندڙ پهريان به ناڪام ٿيا ۽ اڳتي به ناڪام ئي ٿيندا. قوم طور اسان سمورين چئلينجز جو ڀرپور نموني مقابلو ڪيو. هن چيو ته هٿياربند فوج روس، آمريڪا ۽ چين سميت مختلف ملڪن ۾ فوجي مشقن ۾ حصو ورتو، پاڪستان ۾ ورلڊ ملٽري شوٽنگ چيمپئن شپ جا مقابلا ٿيا، جنهن ۾ پرڏيهه مان رانديگرن پڻ حصو ورتو. بعد ۾ صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سول ملٽري ناتن ۾ ڪو مسئلو ناهي، ڪجهه عنصرن طرفان ملڪ جي مختلف ادارن خلاف منظم مهم هلائي پئي وڃي، ملڪ دشمن عنصر ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت، عوام، پاڪ فوج ۽ ادارن وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. انهن سرگرمين ۽ انهن جي تعلق کان آگاهه آهيون. هن چيو ته 2022ع پاڪستان جي آزاديءَ جي 75 سالن واري تقريب جو سال آهي، اسان کي پنهنجي ملڪ کي محفوظ ۽ پُرامن بڻائڻ لاءِ پنهنجو انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪو غير روايتي عدم توازن خطي لاءِ خطرناڪ آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج مڪمل تيار آهي ۽ هر خطري کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽي ٽي پي سان 9 ڊسمبر تي جنگبندي ختم ٿي چڪي آهي، ٽي ٽي پي خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي. افغانستان جي عبوري حڪومت کي چيو هو ته پنهنجي سرزمين ٽي ٽي پي کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏي. افغان حڪومت جي درخواست تي ٽي ٽي پي سان ڳالهيون شروع ڪيون ويون، ٽي ٽي پي جا اندروني اختلاف به آهن، جڏهن ته انهن سان ڪجهه شرطن تي ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي. ٽي ٽي پي جي حملن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. هن چيو ته خطي ۾ اُڀرندڙ صورتحال جي تناظر ۾ قدم يقيني بڻائي رهيا آهيون. پنهنجي دفاعي ضرورتن کان آگاهه آهيون، ڀارت هٿيار خريد ڪندو آهي ۽ سرحد تي مقرر به ڪندو آهي، جنهن کان اسان پوريءَ طرح باخبر آهيون ۽ ان تناظر ۾ قدم به کنيا ويندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جا افغانستان جي عبوري حڪومت سان ناتا سٺا آهن. قومي سلامتيءَ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي سلامتي پاليسي هڪ سٺو قدم آهي، ان تي عملدرآمد جو طريقيڪار جوڙي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. نواز شريف جي ملاقاتن ۽ ڊيل بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڊيل جون ڳالهيون رڳو قياس آرائيون آهن، ڪا ڊيل ناهي ٿي رهي، اهي سڀ بي بنياد قياس آرائيون آهن، اهڙن سياسي مباحثن کان پاسو ڪندي تعليم ۽ انفراسٽرڪچر تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ چيف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا هر فورم تي افغان مسئلو اُٿاريو آهي. عالمي برادريءَ کي ان تڪرار جي حوالي سان گڏجي ڪري اڳيان وڌڻ گهرجي، جيڪڏهن افغانستان ۾ اها صورتحال رهي ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. پاڪستان ۾ افغانستان بابت او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دنيا ڪشمير مسئلي کي سنجيدگيءَ سان وٺي رهي آهي، پاڪستان هر فورم تي اثرائتي انداز ۾ ڪشمير مسئلو اجاگر ڪيو آهي، جنهن سبب سڄي دنيا ۾ ان تڪرار کي سنجيدگيءَ سان ورتو پيو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ حڪومتي سطح تي ڳالهيون ٿيون آهن. ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جي معاملي تي وڌيڪ اختلاف ناهن. پاڪ- افغان عالمي سرحد تسليم شده آهي. موجوده معاشي صورتحال جي تناظر ۾ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ کي وڏي عرصي کان معاشي چئلينجز درپيش آهن. پاڪ فوج ملڪي وسيلن جي اندر رهندي دفاعي صلاحيت کي يقيني بڻائي رهي آهي. پاڪ فوج مهانگائي جي تناظر ۾ گذريل 2 سالن ۾ بجيٽ اضافو ناهي ورتو. پاڪستان جي دفاعي بجيٽ ڀارت جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، محدود وسيلن باوجود دفاعي صلاحيتن کي برقرار رکيو آهي. پاڪ فوج اندروني ۽ پرڏيهي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پاڪستان ۾ داعش جو ڪوبه وجود ناهي. هن چيو ته بلوچستان سميت ٻين علائقن ۾ دهشتگردن جو پيڇو ڪري انهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، سندن ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا آهن، ملڪ کي دهشتگرديءَ جي ناسور مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پاڪ فوج قربانيون ڏئي رهي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اثرائتين ڪاررواين سبب وڏيون ڪاميابيون مليون آهن. آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن ان کي بي بنياد قياس آرائي قرار ڏيندي چيو ته اهڙين قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي نڪتن تي عمل ڪيو آهي، اميد آهي ته پاڪستان جو نالو جلد گري لسٽ مان ڪڍيو ويندو. ترڪي ۽ چين کان دفاعي ساز و سامان خريد ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پنهنجي فضائي دفاع کي اڳ ئي مضبوط بڻايو آهي، جڏهن ته ضرورت مطابق دفاعي ساز و سامان حاصل ڪيو پيو وڃي. 23 مارچ جي پريڊ جي حوالي سان هن چيو ته اها پريڊ وقت تي ٿيندي، جڏهن ته پريڊ دوران اين سي او سي جي رهنما اصولن ۽ حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪيو ويندو. مهانگائي بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ فوج عوام سان گڏ آهي ۽ ان جو احساس آهي، لاڳاپيل فورم تي ضروري معاونت ۽ مشاورت فراهم ڪئي ويندي آهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج