GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

مخالف ڌر جڳهه جڳهه تي خوار ٿي رهي آهي، چور ٽولو ڪرپشن بچائڻ جي لاءِ هڪ جڳهه تي گڏ ٿيو آهي، عدم اعتماد جو ڊرامو رچائي حڪومت ڪيرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ ٻيهر رسوا ٿيندا: فرخ حبيب

image
APP019-050322 LAHORE: March 5 – State Minister for Information and Broadcasting Farrukh Habib talking to media at a local hotel. APP photo by Amir khan

لاهور – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر جڳهه جڳهه تي خوار ٿي رهي آهي، چور ٽولو ڪرپشن بچائڻ جي لاءِ هڪ جڳهه تي گڏ ٿيو آهي، عدم اعتماد جو ڊرامو رچائي حڪومت ڪيرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ ٻيهر رسوا ٿيندا، پيپلزپارٽي جو لانگ مارچ اصل ۾ سير ۽ تفريح جو مارچ آهي، سنڌ کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ساهيوال پهچي شارٽ مارچ بڻجي چڪو آهي، عدم اعتماد کان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، مخالف ڌر جا ڪيترائي ميمبر حڪومت سان رابطي ۾ آهن، اتحادين سان مضبوط لاڳاپا آهن، آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف جي لاءِ هٿڪڙيون تيار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ منعقد ورڪشاپ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر جڳهه جڳهه تي خوار ٿي رهي آهي، چور ٽولو ڪرپشن بچائڻ جي لاءِ هڪ جڳهه تي گڏ ٿيو آهي، جن کي حڪومت کي اڍائي سال اڳ فارغ ڪرڻو هو اهي هاڻي عدم اعتماد جو ڊرامو رچائي حڪومت ڪيرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، پيپلزپارٽي اڳ ۾ نواز شريف جي واپسي جي شرط رکي مريم نواز سان دوکو ڪيو، هاڻي شهباز شريف سان به دوکو ٿيڻو آهي، پيپلزپارٽي جو لانگ مارچ اصل ۾ سير ۽ تفريح جو مارچ آهي، سنڌ کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ساهيوال پهچي شارٽ مارچ بڻجي چڪو آهي ڇو ته ان مارچ ۾ رڳو سنڌ جا سرڪاري ملازم شامل هئا. فرخ حبيب چيو ته مينار پاڪستان جو گرائونڊ پيپلزپارٽي جي جلسي لاءِ حاضر آهي، حڪومت انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي جڏهن ته پيپلزپارٽي پاران درخواست ڪئي پئي وڃي ته اسان کي ناصر باغ ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، اسان انهن کي چيو ته ايتري وڏي پارٽي آهي ۽ بلاول زرداري جي سربراهي ۾ توهان ايترو وڏو لانگ مارچ ڪري رهيا آهيو، توهان مينار پاڪستان جي گرائونڊ ۾ جلسو ڪريو ڇو ته ناصر باغ جو گرائونڊ ته پي ٽي آءِ اترئين لاهور جي 5 يونين ڪائونسلز سان ڀرجي ويندو آهي، ٻيو ناصر باغ ۾ ته وڻ لڳايا ويا آهن پيپلزپارٽي انهن وڻن کي برباد نه ڪري. هن چيو ته 1989ع ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد لاهور آئي ۽ هن مينار پاڪستان جي گرائونڊ ۾ جلسو ڪيو ته ان وقت دنيا ڏٺو ته ڪهڙي طرح ماڻهن ان جو استقبال ڪيو ۽ مينار پاڪستان جو گرائونڊ مڪمل ڀرجي ويو، بلاول زرداري به انهي گرائونڊ ۾ جلسو ڪري ڏيکاري ته جيئن خبر پئجي سگهي ته هو آصف زرداري جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيو آهي يا محترمه بينظير ڀٽو جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ آر يا پار وارا ان گرائونڊ ۾ اچي خوار ٿيا هئا، هاڻي پيپلزپارٽي به پنهنجي ڪوشش ڪري. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر پاران اهڙي قسم جا سمورا حربا اصل ۾ ڪرپشن تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ آهن، اصل جنگ پاپڙ واري، فالودي واري کي بچائڻ جي لاءِ ۽ مقصود چپڙاسي مسرور انور کي بچائڻ جي لاءِ آهي ڇو ته پاپڙ واري ۽ فالودي واري ۾ جان آهي آصف زرداري جي ڪرپشن جي ۽ مقصود چپڙاسي ۽ مسرور انور ۾ شهباز شريف جي جان آهي، لنڊن جي ناليواري اخبار به شريف خاندان کي باقاعده ثبوتن سان چور قرار ڏنو آهي. هن چيو ته نواز شريف خاندان جڏهن 1985ع ۾ سياست شروع ڪئي انهن وٽ ايترا اثاثا نه هئا جيترا هاڻي آهن، انهن سياست کي ڪاروبار بڻايو، اقتدار ۾ اچي ملڪ کي ڦريو ۽ ڪرپشن سان دولت ڪمائي ٻاهر جي بئنڪن ۾ منتقل ڪئي، ڦرلٽ ۽ ڪرپشن ڪرڻ جن جو منشور هجي اهي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪهڙي ڪندا، لانگ مارچ جو ڊرامو رڳو ڪرپشن جو پئسو بچائڻ جي لاءِ بليڪ ميل ڪرڻ جي هڪ ايجنڊا آهي، ڦريل دولت بچائڻ جي لاءِ احتساب جي خوف کان ڪالهه جا سياسي مخالف هاڻي دوست بڻجي چڪا آهن، مسلم ليگ (ن) جن جو نعرو هو ”زرداري سڀ کان وڏي ڪرپشن جي بيماري“ هاڻي اهي ان جهوليءَ ۾ ويهي رهيا آهن. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين ئي تقرير ۾ چيو هو ته ڪرپشن ڪندڙن کي معاف نه ڪندس، هن چيو هو ته مون کي خبر آهي جڏهن آئون انهن چورن تي هٿ وجهندس ته اهي هڪ جڳهه تي گڏ ٿي ويندا ۽ اين آر او جي لاءِ حڪومت کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا، اڄ وزيراعظم عمران خان جون اهي ڳالهيون سچ ثابت ٿي رهيون آهن، سمورا چور هڪ جڳهه تي گڏ ٿي ويا آهن، جن ڪرپشن ناهي ڪئي هوندي اهي چوندا آهن ته اسان جو ڪيس روزاني جي بنياد تي ٻڌو وڃي جڏهن ته شهباز شريف وڪيلن ۽ تاريخن جي پٺيان لڪي رهيو آهي، آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف جي لاءِ هٿڪڙيون تيار آهن، تمام جلد پاپڙا وارو، فالودي وارو، مقصود چپڙاسي ۽ مسرور انور انهن کي جيل وٺي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته اسان جا پنهنجي اتحادين سان مضبوط لاڳاپا آهن جڏهن ته مخالف ڌر جي پاڻ ۾ 2 ڏينهن جي دوستي ۽ 4 ڏينهن جي ويڙهه هوندي آهي، پي ٽي آءِ ڪڏهن به پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان سان هٿ ناهي ملايو، اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون ۽ احتساب جو عمل جاري رهندو. مملڪتي وزير چيو ته عدم اعتماد کان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، مخالف ڌر جا ڪيترائي ميمبر به حڪومت سان رابطي ۾ آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته علي زيدي ۽ شاهه محمود قريشي سنڌ ۾ ڪامياب جلسا ڪري رهيا آهن، سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي جي مسلسل 14 سالا حڪومت کان تنگ اچي چڪا آهن، هاڻي اهي پاڪستان تحريڪ انصاف طرف ڏسي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان به عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ جلسا ڪرڻ وڃي رهيو آهي.

مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری