GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

قومي اقتصادي ڪائونسل پاران سالياني پلان ايندڙ مالي سال جي هدفن جي منظوري، بنيادي ڍانچي ۽ انتظامي معاملن ۾ بهتري، بنا رڪاوٽ ۽ سستي توانائي، معياري تعليم ۽ بنيادي صحت جي سهولتن جي هڪ جهڙي فراهمي حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image
APP79-080622 ISLAMABAD: June 08 – Prime Minister Shehbaz Sharif chairs the meeting of National Economic Council. APP

اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل سالياني پلان بابت ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ 23 – 2022ع ايندڙ مالي سال جي لاءِ معاشي واڌويجهه جي شرح سميت هدفن جي منظوري ڏني جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بنيادي ڍانچي ۽ انتظامي معاملن ۾ بهتري، بنا رڪاوٽ ۽ سستي توانائي، معياري تعليم ۽ بنيادي صحت جي سهولتن جي هڪ جهڙي فراهمي حڪومت جي ترجيح آهي، ضرورت جي شين جي فراهمي ۽ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، غريب ترين علائقن جي ترقي جي لاءِ خصوصي منصوبا شروع ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل جو فورم قومي وحدت جو مظهر آهي ۽ ان جو بنيادي مقصد ٺوس ڪوششن سان وفاق کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قومي هم آهنگي وڌائڻ آهي، قومي اقتصادي ڪائونسل کي اڻبرابري کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ اها وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ذميواري آهي ته متوازن علائقائي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم چيو ته ماضي جي غيردانشمنداڻي پاليسي قدمن جي ڪري اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جتي ٻاهرئين ۽ اندروني چئلينجز معاشي استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان جي حڪومت کي ورثي ۾ اهڙي معيشت ملي جنهن کي غيرمستحڪم مالي صورتحال 7 ٻاهرئين شعبي، مهانگائي، بيروزگاري، عربت ۽ عدم استحڪام جهڙا خطرناڪ چئلينجز درپيش آهن، اسان کي اندروني غيرمعمولي معاشي عدم استحڪام ۽ ٻاهرئين چئلينجز جو پورو ادراڪ آهي. هن چيو ته حڪومت نه رڳو معيشت کي صحيح رخ ڏنو آهي پر پنهنجي پهرين مختصر دور ۾ توانائي شعبي ۾ سڌارن سان گڏوگڏ اندروني ۽ ٻاهرئين شعبن ۾ عدم توازن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ سڌاراجاتي قدم کنيا آهن، ماڻهن جي روزگار ۽ معيار زندگي جي بهتري اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، معاشرتي انگن اکرن ۾ بهتري ۽ افرادي قوت تي سيڙپڪاري ۾ اضافو منهنجي حڪومت جي ڊگهي مدي واري ويزن جو حصو آهي. هن چيو ته سماجي ڀلائي، پاڻي وسيلن جو تحفظ، زراعت، موسمياتي تبديلي، ناليج اڪانومي ۽ علائقائي برابري سان معيشت جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ، اسان جي ترقياتي فريم ورڪ جي ڌيان جو بنيادي مرڪز آهي، اهي ترجيحون اسان جي ترقياتي فريم ورڪ جو اهم حصو آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي اولين ترجيح آهي ته شهرين جي زندگي کي بهتر بنائڻ جي لاءِ پنهنجي پوري صلاحيت استعمال ۾ آڻيون، انفراسٽرڪچر ۽ انتظامي معاملن ۾ بهتري، بنا رڪاوٽ ۽ گهٽ لاڳت توانائي، معياري تعليم ۽ بنيادي صحت جي سهولتن جي هڪ جهڙي فراهمي تي اسان جي حڪومت جو ڀرپور ڌيان آهي، اسان معاشي شموليت، غربت جي خاتمي، ادارن ۾ سڌارن، انفراسٽرڪچر، تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ بهتر صحت جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ گڏيل علائقائي قدر ۽ ذميواري ذريعي خطي جي ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ تي يقين رکون ٿا. وزياعظم چيو ته حڪومت کي عالمي معاشي ماحول ۽ ملڪي حالتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن جو چڱي ريت ادراڪ آهي، حالتون ڏکيون ضرور آهن پر ناقابل تسخير نه آهن، اسان انهن مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ سمورا ضروري قدم کڻي رهيا آهيون، ڪيترن ئي شعبن ۾ اسان جي ڪوششن جا ثمر اچڻ به شروع ٿي ويا آهن، اسان کي ان ڳالهه تي پورو ڀروسو آهي ته مستحڪم معيشت ۽ سيڪيورٽي ماحول ئي پوري دنيا ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جو ضامن آهي. منصوبابندي واري وزارت قومي اقتصادي ڪائونسل کي سالياني پلان سال 22 – 2021ع جو جائزو پيش ڪيو ۽ سال 23 – 2022ع جي هدفن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪائونسل مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ سالياني هدفن جي منظوري ڏني، معاشي واڌويجهه جو هدف 5 سيڪڙو رکيو ويو آهي جنهن کي 6 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، زراعت سيڪٽر جي واڌويجهه جو هدف 3.9 سيڪڙو، صنعت جو 5.9 سيڪڙو ۽ سروسز سيڪٽر جي وڌاويجهه جو هدف 5.1 سيڪڙو رکڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪائونسل سالياني پلان بابت ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ 23 – 2022ع جي پڻ منظوري ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ضرورت جي شين جي فراهمي ۽ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ سمورا صوبا ان ڏس ۾ قدم کڻن، زراعت جي شعبي جي واڌاري تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. ڪائوسنل کي ترقياتي بجيٽ 22 – 2021ع جو جائزو پيش ڪيو ويو. ڪائونسل کي آگاهه ڪيو ويو ته مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ 900 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي جڏهن ته ڪورونا وبا جي ڪري معاشي ۽ ترقياتي سرگرمين ۾ گهٽتائي ٿي ۽ رڳو 550 ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا. ڪائونسل مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ 800 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ رکڻ جي تجويز منظور ڪئي. ڪائونسل گڏيل فيصلو ڪيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ 60 سيڪڙو جاري منصوبن ۽ 40 سيڪڙو نئين منصوبن تي خرچ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته غريب ترين علائقن جي ترقي جي لاءِ خصوصي منصوبا شروع ڪيا وڃن جنهن ۾ بلوچستان جا ضلعا به شامل هجن. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته پي ايس ڊي پي ۾ اهم ۽ وڏن منصوبن کي شامل ڪيو وڃي جيڪي ملڪي ترقي ۾ مدد ڪن. ڪائونسل ترقياتي فورمز بشمول سي ڊي ڊبليو پي، ايڪنڪ ۽ ڊي ڊي ڊبليو پي جي ترقياتي منصوبن جي منظوري جي نظرثاني ٿيل اختيارن جي منظوري ڏني.

مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد