GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان جي آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جو جشن آچر 14 آگسٽ 2022ع تي جوش ۽ جذبي ۽ شاندار طريقي سان ملهايو ويو

image

اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جو جشن آچر 14 آگسٽ 2022ع تي جوش ۽ جذبي ۽ شاندار طريقي سان ملهايو ويو، ڏينهن جي شروعات مسجدن ۽ عبادتگاهن ۽ گهرن ۾ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿي، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 ۽ سمورن صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني وئي جڏهن ته قومي تراني جي احترام ۾ سائرن وڄايا ويا ۽ هر قسم جي ٽريفڪ رڪجي وئي، مزار قائد ۽ مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جون پروقار تقريبون ٿيون ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. مرڪزي تقريب جناح ڪنوينشن اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف پرچم ڪشائي ڪئي ۽ خطاب ڪيو. ان موقعي تي قومي ترانو به پڙهيو ويو، تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، انساني حقن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، مرتضيٰ جاويد عباسي، خالد مگسي، سياسي معاملن ۽ قومي ادبي ورثي ڊويزن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام، عسڪري قيادت، پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف خطاب دوران پاڪستانين کي جشن آزادي جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن نعمت تي اسان الله تعاليٰ آڏو شڪرانو ادا ڪريون ٿا. هن ان موقعي تي ڪشمير ۽ فلسطين جي مسلمانن لاءِ پڻ جلد کان جلد آزادي جي دعا ڪئي. وزيراعظم تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي ولولا انگيز جدوجهد اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، مشاهير پاڪستان جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا جن جي جدوجهد سان اسان کي آزادي جي نعمت ملي. ان مقصد جي لاءِ سوين ماڻهن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، ان جدوجهد ۾ مسلمانن ئي نه اقليتن به ڀرپور حصو وڌو. وزيراعظم پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان دنيا جي ستين ائٽمي طاقت آهي ۽ ان پروگرام سان واڳيل سمورا ادارا ۽ ماڻهو اسان جا محسن آهن. هن چيو ته اسان کي پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو، ان جي لاءِ قومي مڪالمي جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ ميثاق معيشت ٿي سگهي ٿو، اسان ائٽمي قوت بڻجي سگهون ٿا ته معاشي قوت ڇو نه ٿا بڻجي سگهون، آزادي وڏي قربانين سان حاصل ٿي، ان جو خون جي آخري ڦڙي تائين دفاع ڪنداسين، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، نوجوان اسان جي ترجيحن جو اهم جز آهن. هن قومي تراني کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ تي لاڳاپيل ادارن کي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي ملي نغما پڻ پيش ڪيا ويا، فنڪارن علائقائي زبانن ۾ لوڪ گيت پيش ڪيا. پاڪستان جي هٿياربند فوج پاران عظيم پاڪستاني قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي تي مبارڪباد پيش ڪئي وئي. آٰءِ ايس پي آر موجب آچر ڏينهن ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج پاران عظيم پاڪستاني قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته عزم عالي شان، شاد رهي پاڪستان، پاڪستان زندهه آباد. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي 253 پاڪستاني ۽ غيرملڪي شهرين جي لاءِ اعليٰ سول اعزازن جو اعلان ڪيو ويو. سعودي فرمانروا سميت اهم غيرملڪي سربراهن پاڪستاني قيادت کي مبارڪباد پيش ڪئي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مزار قائد تي اعزازي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن جو خاص مهمان ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيڊمي ڪموڊور محمد خالد هو. پاڪستان نيول اڪيڊمي جي ڪيڊٽس ۽ پاڪ بحريه سيلرز جي دستن تي ٻڌل ڪيڊٽس اعزازي گارڊز جون ذميواريون سنڀاليون، پريڊ ڪمانڊر جا فرض ليفٽيننٽ ڪمانڊر سيد محمد داد سرانجام ڏنا. پريڊ دوران خاص مهمان گارڊز جو معائنو ڪيو ۽ گارڊ پاران قائداعظم کي قومي سلام پيش ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ خاص مهمان گارڊ مقرري جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي خاص مهمان ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيدمي ڪموڊور محمد خالد مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهي. اهڙي طرح مزار اقبال تي پڻ گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪ فوج جي دستي پنجاب رينجرز جي جڳهه گارڊز جا فرض سنڀاليا. گارڊز جي تبديلي جي تقريب جو خاص مهمان ميجر جنرل شهباز خان هو. خاص مهمان گارڊز جي تبديلي جي عمل جو معائنو ڪيو. هن مزار تي گلدستو رکيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ميجر جنرل شهباز خان مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا. ان موقعي تي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. بلوچستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سڀ کان وڏي تقريب ڪوئيٽا ۾ صوبائي اسيمبلي جي باغيچي ۾ ٿي جتي بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو جهنڊو ڦڙڪائي تقريبن جي شروعات ڪئي ان ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، پارلياماني سيڪريٽرين ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ قيصر رشيد خان آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ منعقد خصوصي تقريب ۾ پرچم ڪشائي ڪئي جنهن ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي معزز ججز، اڳوڻن ججز، پشاور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز، خيبرپختونخواهه جوڊيشل اڪيڊمي جي ڊين، خيبرپختونخواهه بار ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو جي چيئرمين، جوڊيشل ڪميشن جي ميمبر، ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه جي نمائندي، پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ۽ ڪابينا ۽ پشاور بار ايسوسيئيشن جي صدر ڪابينا ميمبرن سان گڏ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پوليس جي دستي چيف جسٽس کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو، پوليس بينڊ قومي ترانو ۽ قومي نغما پيش ڪيا جڏهن ته قومي لباس پهريل ٻارن تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا گهري وئي. پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ۽ وزيراعظم سردار تنوير الياس ايوان صدر ۾ پرچم ڪشائي ڪئي. ان موقعي تي سائرن وڄايا ويا ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير پوليس پاران سلامي ڏني وئي جنهن کانپوءِ تقريب منعقد ڪئي وئي. حڪومتي وزير، اسيمبلي ميمبر، چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس، حڪومتي سيڪريٽريز، اعليٰ فوجي ۽ سول آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. گلگلت بلتستان ۾ پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب گلگت چنار باغ ۾ ٿي جنهن جو خاص مهمان گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد هو. ان تقريب ۾ گلگت بلتستان جي وقتي گورنر امجد زيدي، گلگت بلتستان اسيمبلي جي ميمبرن، گلگت بلتستان جي سيڪريٽري محي الدين واني، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس گلگلت بلتستان سعيد وزير، سرڪاري ۽ عسڪري ادارن جي سربراهن، سول سوسائٽي جي ماڻهن سميت مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرچم ڪشائي ڪئي وئي، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ گلگت بلتستان جي وقتي گورنر يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ پوري قوم کي پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني. آگسٽ مهينو شروع ٿيڻ کان ئي سڄي ملڪ ۾ جشن آزادي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ تيارين جو سلسلو جاري رهيو، سمورن ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن کي خوبصورت طريقي سان سجايو ويو، سرڪاري ۽ نجي عمارتن، واپاري مرڪزن کي چمڪندڙ لائيٽن سان سجايو ويو ۽ هر طرف قومي جهنڊن جي بهار ڏسڻ ۾ آئي. سمورن اهم رستن کي جهنڊن، بينرز ۽ قومي جهنڊي وارين جهنڊين سان سجايو ويو ۽ فضائون ملي نغمن ۽ قومي تراني جي ڌُنن سان گونجنديون رهيون. سرڪاري ۽ نجي سطح تي مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو جن ۾ مباحثا، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ نمائشون شامل آهن، مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تحريڪ پاڪستان جي تاريخي رخن ۽ قومي هيروز جي زندگي ۽ قربانين جي موضوعن تي تقريري مقابلن ۽ ملي نغمن جي مقابلن کانسواءِ پوسٽر سازي جا مقابلا ڪرايا ويا ۽ بهترين فن پارن ۽ تقريرون ڪندڙ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي. انهن سمورين تقريبن جو مقصد نوجوان نسل کي تحريڪ پاڪستان ۽ آزادي جي لاءِ جدوجهد کان روشناس ڪرائڻ آهي ته جيئن نوجوان آزادي جي قدر ڪندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت کي شعار بڻائي سگهن. سڄي ملڪ ۽ عالمي سطح تي جشن آزادي شاندار طريقي سان ملهايو ويو جنهن جي لاءِ هر عمر ۽ طبقي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني انتهائي پرعزم ۽ جشن آزادي جي تيارين ۾ مصروف رهيا. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين به جشن آزادي جون تقريبون ملهايون ۽ ان حوالي سان پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز ۾ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو جن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ ملڪ سان والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو. پرچم ڪشائي جي تقريبن کانسواءِ آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان تيار ڪيل خصوصي ڪيڪ پڻ ڪاٽيا ويا.

مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa