اسلام آ??اد – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي ??حت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا جي صدارت هيٺ پمز ??سپتال ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائر??ڪٽ?? پمز ۽ اين ڊي ايم اي جا نمائندا به شامل هئا. ان موقعي تي ڪورونا وائرس کي مُنهن ڏيڻ لاءِ موجوده صورتحال ۽ تيارين جو جائزو ورتو ويو. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته سيفٽي هيلٿ ورڪرز حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڀ ضروري قدم کڻي رهيا آهيون.