اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر جي منطق نرالي آهي، مسجدون کلڻ تي اع??را?? ڪن ٿا پر پارليامينٽ کولڻ جي لاءِ بي تاب آهن، شهباز شريف هڪ طرف ڪورونا وائرس جي خوف کان نيب جي ٽي رڪني جاچ ٽيم جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آه?? سماجي فاصلي تي اصرار آهي، ٻئي طرف سوين پارليامينٽرينز جي موجودگي ۾ اجلاس طلب ڪرڻ تي ضد ڪري رهيو آهي، اجلاس ??هرائڻ اسپيڪر جو استحقاق آهي حڪومت کي ڪو اع??را?? نه آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته (ن) ليگي قيادت قول ۽ فعل جي تضاد جو زندهه مثال آهي.