اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشري جي سڃاڻپ ڪمزور طبقي سان ٿيندڙ سلوڪ سان ڪئي ويندي آهي، اسلام آباد پوليس کي نئين پاڪستان وانگر نئين پوليس جي طور تي نظر اچڻ گهرجي، عام شهري کي عزت ڏني وڃي، پوليس کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت ڏينداسين، نيا پاڪستان هائوسنگ ۾ کين قسطن تي گهر ڏنا ويندا، پگهار وڌائڻ تي غور ڪيو ويندو، فوج ملڪي سرحدن ۽ پوليس عوام جي جان ۽ مال جي محافظ آهي، حرام پئسو ڪمائيندڙ اڄ عبرت جو نشانو بڻيل آهن، تمام گهڻ?? پئسو هجڻ جي باو??ود ڪڏهن اسپتالن ۾ وڃي رهيا آهن ته ۽ ڪڏهن ملڪ کان ٻاهر، ٻار به ٻاهر ڀڄي ويا آهن ۽ والد جي چوري لڪائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ?? پئجي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليس لائنز ۾ پاسنگ ??ئو?? پريڊ جي تقريب ??ي خطاب ڪندي ڪيو.