اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن تي زور ڏنو آهي ته باباءِ قو?? قائداعظم محمد علي جناح جي اصولن تي عمل پيرا ڪندي هر شعبي ۾ ع??م ۽ صلاحيتن جو مظاهرو ڪن ۽ پنهنجي م??ڪ کي عروج تي پهچائين، عظيم ملڪ مضبوط ۽ منظم قومن پنهنجي محنت، عزم ۽ خلوص سان تعمير ڪيا، پاڪستان قائد جي امانت آهي ۽ هاڻي نوجوان نسل جي ذميداري آهي ته هو ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? ايوان صدر ۾ يو?? قائد جي م??اسبت سان ”قائد ۽ ٻار“ جي عنوان سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، صدر ٻارن کي تاڪيد ڪئي ته هو قائداعظم محمد علي جناح جي زندگي جو مطالعو ڪن ته ڪ??ڙي طرح هن پاڪستان جي قيام لاءِ بي لوث محنت ڪئي، هن چيو ته صرف ا??ڙي بلند ڪردار ۽ مضبوط عزم رکندڙ شخصيت ئي اها ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿي جنهن کي هر ڪوئي ناممڪن سمجهندو هو. صدر والدين ۽ استادن تي زور ڏنو ته هو نوجوان نسل جي شروعاتي عمر کان ئي مضبوط ڪردار سازي ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪن ته جيئن هو مستقبل جا بهترين اڳواڻ ثابت ٿي سگهن.