اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گ??گت بلتستان کي سياحت جو مرڪز بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، سياحت جي ترقي سا?? علائقي جي عوام جو نه رڳ?? زندگي جو معيار بلند ٿيندو پر انهن کي روزگار جا وسيع موقعا پڻ ملندا. هو گ??گت بلتستان جي وڏي وزير محمد خالد خورشيد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گ??گت بلتستان جو اطلاعات وارو وزير فتح الله خان پڻ موجود هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گ??گت بلتستان قدرتي حسن سان مالامال آهي، هي خطو سڄي دنيا جي سياحن جي لاءِ هڪ حس??ن ۽ پرڪشش جڳهه آهي. گ??گت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته گ??گت بلتستان جي خوبصورتي ۽ علائقائي ثقافت اجاگر ڪرڻ ۾ پي ٽي وي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان جي خوبصورت جاين تي فلمن جي عڪسبندي نئين فلم پاليسي جو حصو بڻائي رهيا آهيون.