اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندن وزير ??دعنوان هوندا آهن ته ملڪ ق??ض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي. هن اها ڳالهه سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽ ۾ ڪئي آهي. وز??راعظم چيو ته جڏهن هيٺين سطح تي عملدار رشوت وٺندا آهن ته ان سان عام شهرين لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا آهن ڇو ته رشوت جو پئسو هڪ طرح سان انهن تي ٽيڪس وانگر آهي پر جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندس وزير ??دعنوان هوندا آهن ته ملڪ ق??ض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي، وز??راعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن جو تازو ”ميمورنڊم آن ايسٽبلشنگ دي فائيٽ اگينسٽ اينٽي ڪرپشن از اي ڪوريونائٽڊ اسٽيٽيس نيشنل سيڪيورٽي انٽرسٽ“ جو اقتباس به شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ صدر جوبائيڊن پنهنجي سينئر آفيسرن کي طرز حڪمراني ۾ بهتري، ناجائز ماليات جي سمورن صورتن جو مقابلو ڪرڻ، بدعنوان عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ڪرپشن جي تدارڪ ل??ءِ ملڪي ۽ عالمي قومي ادارن جي صلاحيت ۾ بهتري لاءِ مختلف ايجنسين ۽ ادارن جو جائزه عمل اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.