اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائس چانسلر کي هارڊ شپ ڪيس جو فيصلو شاگردياڻي جي حق ۾ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن کي يونيورسٽي انتظاميه جي بدانتظامي جي ڪري ايم ايڊ جي ڊ??ري جا??ي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، صدر ان ڏس ۾ وفاق محتسب جي فائنڊنگز کي به معطل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ وفاقي محتسب سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي جو حوالو ڏيندي قرار ڏنو هو ته عدالتن کي تعليمي ادارن جي پاليسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪر?? گهرجي، شڪايت ڪندڙ مس آسيه سعيد ملڪ وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف صدر پاڪستان وٽ اپيل داخل ڪئي هئي، صدر جيڪو يونيورسٽي جو چانسلر به آهي، هن ڪيس کي منفرد قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ يونيورسٽي جا عملدار پنهنجي بدانتظامي تي ضابطو آڻڻ بدران شاگردياڻي کي نشانو بڻايو، مس آسيه سعيد يونيورسٽي جي ايم ايڊ پروگرام ۾ داخل هئي، هو خزان 2017 ۾ ٿيندڙ امتحان ۾ پيش ٿي تن??ن هوندي به هو ورڪشاپ ۾ شامل نه ٿي سگهي، کيس ان کانپوءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ليٽر نمبر No.F. M.Ed/MD Edu.-w/s (Spr -19) MN/115 dated 21.08.2019 جي ذريعي ورڪشاپ ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي تن??ن هوندي به آخر ڪار کيس ڊ??ري ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.