اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي ملاقات ڪئي. ملاق??ت ۾ مرحوم ڪشميري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته سيد علي گيلاني ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي آخري ساهه تائين جدوجهد جاري رکي، پاڪستان جي عوام جون سموريون همدرديون سوڳوار خاندان سان آهن. بعد ۾ ملاق??ت ۾ آزاد ڪشمير ۾ گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ عام ماڻهو کي ريليف پهچائڻ جي لاءِ ٺاهي?? گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي.