اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) هڪ لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جي لا??ِ ٽينڊر، فوجي آئل ٽرمينل اي??ڊ ڊسٽري بيوشن ڪمپني (فوٽڪو) جي لا??ِ ٽيرف تي نظرثاني ۽ پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز تحت پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي 19 ذيلي ڪمپنين جي قاعدن ۾ جون 2021ع تائين جي مدي لا??ِ نرمي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي خودڪار طريقي سان ضايع ٿيندڙ سرنجز ۽ مقامي سطح تي انهن سرنجز جي پيداوار جي لا??ِ خام مال ۽ مصنوعات جي درآمد تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين جي صدارت ۾ ناڻي واري وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ قومي غذائي ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، پاور ڊويزن واري خاص معاون تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، وفاقي سيڪريٽرين، اي?? بي آر چيئرمين ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پيٽروليم واري وزارت پاران اجلاس ۾ فوجي آئل ٽرمينل اي??ڊ ڊسٽري بيوشن ڪمپني (فوٽڪو) جي لا??ِ ٽيرف تي نظرثاني بابت سمري پيش ڪئي وئي ته جيئن ڪمپني پنهنجي آپريٽنگ ۽ مرمت ۽ بحالي جا خرچ پورا ڪري سگهي، ڪمپني جي لا??ِ ٽيرف جي منظوري 20 سال اڳ 2000ع ۾ 20 سالن جي لا??ِ ڏني وئي هئي ۽ ان تي ان عرصي ۾ نظرثاني نه ڪئي وئي هئي، ڊگهي بحث کانپوءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي 5 سالن جي لا??ِ نظرثاني ٿيل ٽيرف جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جي ادائيگي برابر پاڪستاني رپين ۾ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزارت، اوگرا، پي ايس او، ميسرز اي اي?? فرگوسن، سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جي نمائندن تي ٻڌل هڪ ذيلي ڪميٽي پڻ جوڙي وئي، منصوبابندي ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين ڪميٽي جو سربراهه هوندو، ڪميٽي 2012ع کان وٺي 2020ع جي مدي ۾ ٽيرف ۾ فرق بابت معاملن جو فيصو ڪندي. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت پاران پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز تحت پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي 19 ذيلي ڪمپنين کي نرمي ڏيڻ بابت سمري پيش ڪئي وئي، اي سي سي نرمي جي قاعدن ۾ جون 2021ع تائين جي مدي لا??ِ منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ڪارپوريٽ گورننس رولز جي اصولن موجب انهن ڪمپنين جي لا??ِ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن جي قيادت ۾ آزاداڻو بورڊ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ قومي صحت خدمتن ۽ ضابطن واري وزارت پاران خودڪار طريقي سان ضايع ٿيندڙ سرنجز ۽ مقامي سطح تي انهن سرنجز جي پيداوار جي لا??ِ خام مال ۽ مصنوعات جي درآمد تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز ۾ ڇوٽ ڏيڻ بابت سمري پيش ڪئي وئي. اي سي سي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي?? بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق ٽيڪس چوري ۽ ڪجهه شين تي ادا جوڳي ڊيوٽيز جي عدم ادائيگي جي ٽريڪ اي??ڊ ٽريس نظام جي روڪٿام لا??ِ ان لينڊ روينيو انفورسمينٽ نيٽ ورڪ (آيرن) کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن بابت هڪ سمري پيش ڪئي. آيرن تحت اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي ضلعن مان نڪرندڙ شين جي چيڪنگ پڻ ٿي سگهندي. اي سي سي ان سمري جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي. بطور چيئرمين ڪميٽي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين کي حاصل ڪرڻ جي لا??ِ قاعدن ۽ ضابطن جي لاڳو ڪرڻ ۾ اي?? بي آر حراسان ڪرڻ بدران خيرسگالي جي فضا قائم ڪندي، ان سان گڏوگڏ اي?? بي آر قومي ناڻي ۾ اضافي جي لا??ِ ٽيڪس چوري جي خاتمي ۽ ٽيڪس بنياد ۾ سگهه ڏيڻ جي لا??ِ قدم کڻندي. ان ڏس ۾ چيڪ اي??ڊ بيلنس جي باضابطا نظام جي پيروي ڪئي ويندي. ناڻي واري وفاقي وزير اي?? بي آر کي هدايت ڪئي ته اهو ٽيڪس وصولي ۾ انفورسمينٽ جي روايتي طريقيڪار بدران جديد ترين ٽيڪنالاجي تي ٻڌل طريقيڪار اختيار ڪري. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزارت جي سفارش تي ڪابينا جي هدايت موجب ملڪ ۾ جاري مالي سال دوران ڪڻڪ جا اسٽرِٽجڪ ذخيرا قائم ڪرڻ جي لا??ِ 40 لک ٽن ڪڻڪ جي خريداري جي هدايت جي تعميل جي ڏس ۾ هڪ لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جي لا??ِ ٽينڊر جي منظوري ڏني وئي. ڪميٽي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي چيئرمين کي ڪڻڪ جي درآمد جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي فراهمي جو عمل جاري رهي. ڪميٽي ٽي سي پي چيئرمين کي ڪڻڪ جي درآمد جي نظام الاوقات ۽ ٻين گهرجن بابت وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.