اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان کي انس??ني ۽ معاشي امداد جي سخت ضرورت آهي، ڊگهي جنگ افغان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي، عالمي برادري کي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي ۽ ان جي ماڻهن کي معاشي ۽ انس??ني امداد جاري رکڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪندي صدر چ??و ته پاڪستان افغانستان جي امن ۽ نئين سر تعمير جي فروغ ۾ ا??م ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چ??و ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي ج??هن گذريل چئن ڏهاڪن کان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزب??ني ڪئي، هن وڌيڪ چ??و ته پاڪستان افغان پناهگيرن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن تائين پهچ سان گڏوگڏ کين بئنڪ اڪائونٽ کولن ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي سهولت فراهم ڪئي آهي، هن چ??و ته دنيا کي افغانستان ۾ ا??ن جي فرو?? ۽ ??ذريل 40 سالن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزب??ني ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر فلپو گرائنڊي کي افغانستان جي ماڻهن لاءِ پاڪستان پاران فراهم ڪيل تازي انس??ني امداد ۽ طبي رسد جي باري ۾ آگاهه ڪيو.هن افغانستان مان عالمي ادارن ۽ سفارتي مشنن جي ميمبرن جي واپسي ۾ پاڪستان جي ڪوششن تي به روشني وڌي، گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر لکين افغان پناهگيرن جي ميزب??ني ۽ افغانستان ۾ ا??س??ني امداد موڪلڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.