اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان عوام کي انساني بحر??ن کان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان برطانوي نشرياتي اداري جي افغان عوام کي درپيش غذائي کوٽ جي خطري بابت رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته مون افغانستان ۾ انساني بحر??ن کان اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو، هاڻي خوراڪ جي عالمي اداري جي سربراهه الرٽ جاري ڪي?? آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانست??ن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو رهندو پر عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گ??رجي. برطانوي نشرياتي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ خبردار ڪي?? ته افغانستان ۾ خزان جي موسم ۽ سرديءَ جي موسم جي شر??عات سان ڪيترن ئي علائقن سوڪهڙي جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ افغان عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته افغانستان ۾ عوام کي خوراڪ جي سخت کوٽ درپيش آهي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ سخت سرديءَ جي ڪري اهو بحران خوفناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. رپورٽ موجب خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنهن گذريل ڏينهن ڪابل جو دورو ڪي?? هو، ان به صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته زمين تي بدترين انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان ۾ 95 سيڪڙو عوام کي ناڪافي خوراڪ جا مسئلا درپيش آهن، 2 ڪروڙ 30 لک عوام بک طرف وڌي رهي آهي.