اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان 115 هين نيشنل مينيجمينٽ ڪورس (اين ايم سي) جي آفيسرن ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب ملاقات دوران آفيسرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سرڪاري ملازم عوامي خدمتن جي ??ڏي ذميداري نڀائيندا آهن، هن چيو ته ترقي ۽ عزت ڪمائڻ جو رستو سدائين چئلينجز سان ڀريل هوندو آهي، نوجوانن جو اخلاقي معيار بلند ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي وزيراعظم عمران خان چيو ته توهان ج?? سامهون فيصلا ساز طور سدائين ٻه رستا هوندا، هڪ رستو پئسو ڪمائڻ جو آسان طريقو آهي جيڪو بدعنواني ۽ تباهي جي طرف وٺي ويندو آهي جڏهن ته ٻيو رستو عزت ۽ ترقي جو آهي جيڪو چئلينجز سان ڀريل آهي، هن چيو ته اسان جو تعليمي نظام طبقاتي ويڇا پيدا ڪيا آهن، موجوده حڪومت سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو نصاب آڻي رهي آهي جنهن سان اسان جي ????رن کي مضبوط بنياد ملي سگهندو ۽ اهو شاگردن جي چونڊ آهي ته هو جنهن شعبي ۾ چاهين مهارت حاصل ڪن.
وزيراعظم عمران خان چيو ته رحمت اللعالمين اٿارٽي جي ??يام جو بنيادي مقصد اسان جي ??عاشري جي اخلاقي معيار کي بلند ڪرڻ آهي، اٿارٽي تحقيق ڪندي ۽ اسان جي حضور نبي ڪريم ﷺ جي زندگي تي ٻڌل رهنمائ?? فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته موجوده دور ۾ ٻ??رن کي موبائيل فون جي ذريعي هر قسم جي ??واد تائين رسائي حاصل آهي، غلط مواد ڪچن ذهنن لاءِ غلط فهميون ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏيندو آهي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي ??وجوانن ۽ ٻ??رن کي هڪ متبادل فراهم ڪندي ته جيئن انهن جي درست تربيت ٿئي، هن چيو ته طاقت جو استعمال انتهاپسندي جي خاتمي جو حل نه آهي، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته نوجوان نسل ۾ اخلاقي قدرن ک?? فروغ ڏيڻ سان هڪ معتدل، روادار ۽ ترقي پسند معاشرو جڙندو. هن چيو ته اسان جي حڪومت کي اڳوڻين حڪومتن جي بدعنواني جي ڪري وڏو مالي قرض ورثي ۾ مليو آهي، ڪورونا جي باوجود پاڪستان پنهنجي ??عيشت کي ڪامياب?? سان سنڀاليو، حڪومت جي ”ڪاروبار ۾ آساني“ جي ??اليسي جي ڪري سمورا معاشي انگ اکر مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته توانائي ۽ پاڻي جي ??لڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ 10 ڊيمن جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته معاشي ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ هڪ مسلسل عمل آهي حڪومت سمورن شعبن ۾ ڊگهي مدي واري سڌ??رن جي ??اڳو لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جلد خطي جو اهم اڳواڻ ملڪ بڻجي ??يندو جيئن 70ع جي ڏهاڪي ۾ هو.