اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي م??ڪ ۾ سياحت کي فروغ ڏئي سگهجي ??و، سياحت جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي کوٽ تربيت سان پوري ڪري سگهجي ??ي، سياحت بابت خدمتن ۽ سهولتن ۾ بهتري سان ان شعبي کي ترقي ڏئي سگهجي ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پهاڙن جي عالمي ڏينهن جي م??اسبت سان ”پهاڙن ۾ پائيدار سياحت ۽ راندين جي ترقي“ جي م??ضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مون کي سياحت جو وڏو شوق آهي، پاڪستان دنيا جي خوبصورت ملڪن مان هڪ آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻڌمت جا بي ??مار مذهبي ماڳ ۽ آثار آهن، ملڪ ۾ مذهبي ۽ ثقافتي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، سنڌو درياءُ، موهن جو دڙو تهذيب جو مرڪز رهيو آهي، هن چيو ته قدرتي ماحول سان وقت گذارڻ انسان جي ??طرت ۾ شامل آهي، سياحت سان گڏوگڏ ماحول کي به بچائڻو آهي، وقت سان گڏوگڏ سياحتي ماڳن تي دٻاءُ وڌيو آهي، صدر چيو ته نامناسب منصوبابندي جي ڪري سياحتي ماڳن جو حسن خراب ٿيو آهي، آلودگي ۽ تيزي سان تعميرات جي ڪري به دلڪش نظارن جي خوبصورتي مت??ثر ٿي آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي قدرتي حسن جي دولت سان مالا مال ڪيو آهي، پاڪستان فطرتي حسن جي ڪري سڄي دنيا مان سياح پاڪستان ايندا آهن، ڪورونا وبا دوران عالمي سطح تي آمدرفت بند هجڻ جي ڪري م??امي سياحن پاڪستان جي ??درتي حسين مناظر ڏسڻ لاءِ سياحتي ماڳن جو رخ ڪيو جنهن سان پاڪستان جي ??درتي حسن کي تهشير ملي، هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ حسين مناظر مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ سياح ڇڪجي ايندا آهن، گلگت بلتستان ۾ مقامي آبادي کان وڌيڪ سياح سير ۽ تفريح لاءِ ايندا آهن، مقامي آبادي انهن سياحن کي پنهنجي گهرن ۾ قيام ۽ طعام جي سهولت فراهم ڪندي آهي، بئنڪن پاران مقامي آبادين کي انهن جي گهرن جي توسيع لاءِ بنا وياج قرض ڏنا پيا وڃن، مقامي آبادي کي ننڍا ننڍا قرض ڏئي سياحت جي شعبي لاءِ سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ??و، سياحتي سهولتن جي طلب تمام گهڻي آهي پر ايتري سهولت دستياب نه آهي. صدر چيو ته سياحت جي شعبي ??ابت لاڳاپيل انساني وسيلن جي کوٽ آهي، اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت ماڻهن کي سياحتي شعبي ??ان لاڳاپيل صنعتن جي ??ريننگ ڏيڻ جي ضرورت آهي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ??وني??رس??ين ۾ گائيڊز، هوٽل مينيجرز ۽ ڊرائيورز جي شارٽ ڪورسز ڪرايا پيا وڃن. هن چيو ته سياحتي شعبي ??ابت سهولتن ۽ انفرااسٽرڪچر ۾ بهتري آڻي وڌ کان وڌ ماڻهن کي سياحت طرف متوجهه ڪري سگهجي ??و، وزيراعظم عمران خان پاڻ سياحت ۽ خوبصورت نظام کي پسند ڪندو آهي ۽ هو ملڪ ۾ سياحت جي ??روغ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هي م??ڪ ۾ سياحت کي تيزي سان فروغ ڏيڻ جو بهترين وقت آهي، اسان کي دنيا کي پنهنجي م??ڪ جا خوبصورت ماڳ ڏيکارڻا آهن، ان سان ملڪ ۾ روينيو به ايندو. ان موقعي تي ڪوهه پيما محمد علي سدپاره مرحوم سميت ٻين هيروز لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلند ترين چوٽيون سر ڪندڙ ڪوه پيمائن ۾ ايوارڊز ورهايا.