لاهور – 13 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ جعلي پو??يس مقابلا شهباز شريف جي دور ۾ ٿيا، 5 هزار 500 ماڻهو عدالت کان مٿانهن پو??يس مقاب??ن ۾ قتل ٿيا، ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ ماڻهو شهباز شريف جي دور ۾ عدالت کان مٿانهن قتل جو شڪار ٿيا، 1991ع کان 1999ع تائين هڪ هزار 858 پو??يس مقاب??ن ۾ 1294 ماڻهو قتل ٿيا، 1997ع کان 1999ع تائين 771 ڏوهارين کي جعلي پو??يس مقاب??ن ۾ ماريو ويو، پرويز مشرف جي حڪومت ايندي ئي اهي جعلي پو??يس مقابلا بند ٿيا، سال 2000ع ۾ صرف 135 پو??يس مقابلا ٿيا، احمد فراز پنهنجي ڪتاب ۾ انهن واقعن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، جڊيشل ريفارمز لاءِ ججن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، صحافين کي هڪ هفتي جي اندر صحت ڪارڊ جي سهولت ڏني وڃي. لاهور پريس ڪلب ۾ احمد فراز جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته روزاني پاڪستان ۽ جنگ ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي، صحافين سان سدائين رابطو رهيو آهي، هن ٻڌايو ته نارٿ انڊيا ۾ اخباري صنعت جو آغاز لاهور کان ٿيو، لاهور ۾ ميڊيا جو ميوزيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن دنيا کي ٻڌائي سگهجي ته لاهور کان ڪهڙي طرح صحافت جي سفر جو آغاز ٿيو، هن چيو ته احمد فراز جو پنهنجي ڪتاب اسد شاهي جي نالي ڪرڻ خوش آئنده آهي، اسد شاهي سان منهنجا ويجها لاڳاپا هئا، ڪرائيم رپورٽنگ ۾ هن زبردست ڪم ڪيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪرمنل جسٽس سسٽم سا?? ڳنڍيل ماڻهن کي احمد فراز جو ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي، ڪتاب ۾ تمام اهم انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن، ڪتاب ۾ 1990ع کانپوءِ پو??يس نظام ۾ پيدا ٿيندڙ خرابين جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته 1867ع ۾ انگريزن پو??يس جو جيڪو نظام ٺاهيو اهو تباهه ڪيو ويو، ٿاڻيدار ۽ ايس ايڇ اوز جي حيثيت ئي ختم ڪئي وئي، ان نظام کي ٻيهر کان شروع ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ ان جو ڪو به حل نه آهي. هن احمد فراز جي ڪتاب جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ساڍا پنج هزار ماڻهو عدالت کان مٿانهون قتل ٿيا، 2 ڀاڱي 3 کان وڌيڪ ماڻهو شهباز شريف جي دور ۾ عدالت کان مٿانهن قتل جا شڪار ٿيا، 1991ع کان 1999ع تائين هڪ هزار 858 پو??يس مقاب??ن ۾ 1294 ماڻهو قتل ٿيا، 1997ع کان 1999ع تائين 771 ڏوهارين کي جعلي پو??يس مقاب??ن ۾ ماريو ويو، پرويز مشرف جي حڪومت ايندي ئي اهي جعلي پو??يس مقابلا بند ٿيا، سال 2000ع ۾ صرف 135 پو??يس مقابلا ٿيا، ڪتاب ۾ ان ڳالهه جو به ذڪر آهي ته اڳوڻي سنڌ جي آءِ جي رانا مقبول پنهنجي مقرري دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي مبينه مقاب??ن ۾ مارايو، احمد فراز پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته پو??يس پرائيويٽ ماڻهن کان پئسا وٺي مخالفن کي مارڻ شروع ڪري ڇڏيو، شهباز شريف جي سرپرستي انهن کي حاصل هئي، اهڙي طرح ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ خرابيون پيدا ٿيون، شاگر اڳواڻ رانا ضياءُ کي راوي درياءِ جي ويجهو جعلي مقابلي ۾ ماري جعلي مقابلن جو بنياد رکيو ويو، اهڙي طرح اشرف عرف اڇو ۽ رشيد عرف شيدو ۽ بالا گاڏي جهڙن ماڻهن کي جيلن مان ڪڍي پو??يس مقاب??ن ۾ ماريو ويو، جڏهن شهباز شريف وڏو وزير بڻيو، هن پو??يس کي دهشتگردي، اغوا ۽ ٻين ڏوهن کي روڪڻ لاءِ پو??يس مقابلن لاءِ هٿ ڇوٽ ڏني، ان جي نتيجي ۾ سوين پو??يس مقابلا ٿيا، سبزازار پو??يس مقابلو 27 اپريل 1998ع تي ٿيو، اهو مشهور پو??يس مقابلو هو، پنج ماڻهو عبدالرئوف، وسيم، طاهر، رياض ۽ عابد چوڌري کي جعلي پو??يس مقاب??ن ۾ ماريو ويو. انهن ماڻهن کي به ٿاڻن مان ڪڍي ماريو ويو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته احمد فراز پنهنجي ڪتاب ۾ انهن پو??يس مقابلن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته بدقسمتي سان پو??يس ريفارمز ۽ جڊيشل ريفارمز نه هجڻ جي ڪري خرابيون پيدا ٿيون. پو??يس پراسيڪيوشن عدليه ۽ جيلن جا ريفارمز نه ٿيندا ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ ريفارمز نٿا ٿي سگهن، هن چيو ته عدليه ۽ پو??يس جي حوالي سان ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي چيف جسٽس ۽ آءِ جيز کي گڏجي ويهڻ گهرجي، جيستائين جج ان ۾ هٿ نه وجهندا ريفارمز نٿا ٿي سگهن، سينئر ججن کي ان جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پو??دو، هن چيو ته قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل کي ان تي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، عدليه ۽ سينئر پو??يس آفيسرن کي به پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ گهرجي، اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم لاهور ۾ هڪ وڏي پروگرام جو اعلان ڪرڻ وڃي رهيو آهي، پنجاب ۾ سڀني ماڻهن کي 10 لک روپين تائين هيلٿ انشورنس دستياب هوندي، 50 هزار کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي 30 سيڪڙو تائين راشن تي رعايت ملندي، هن چيو ته صحافين کي هڪ هفتي ۾ هيلٿ ڪارڊ ڏينداسين، اهڙي طرح ڪئميرا مينن ۽ ميڊيا ورڪرز کي جنهن جا پگهار 50 هزار کان گهٽ آهن کي اٽو، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي، هن چيو ته باقي منصوبن کي 3 مهينا لڳي ويندا، پر صحافين کي اها سهولت هڪ هفتي اندر فراهم ڪري ڇڏينداسين.