اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ?? خوراڪ جي تحفظ ۽ اقتصادي بحالي کانسواءِ دهشتگردي جي روڪٿام جي ??اءِ اداراجاتي صلاحيت وڌائڻ جي ??اءِ ڇهه نقاطي حڪمت عملي جون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون. پارليامينٽ هائوس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلامي تعاون تنظيم جي ??رڏيهي وزيرن و??ري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ افغان عوام جي ??دد جي ??اءِ ڇهه نقاطي فريم ورڪ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي ميمبر ملڪن ۽ ٻين ڊونرز پاران واعدن سميت افغان عوام جي ??وري پائيدار انساني ۽ مالي مدد جي ??راهمي جي ??اءِ او آءِ سي جي اندر پليٽ فارم قائم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ جي ??اءِ مسلمان امت ۽ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي افغان عوام جي ??اءِ ٻطرفي يا او آءِ سي جي ذريعي افغان نوجوانن کي تعليم، صحت، فني ۽ پيشيواراڻي مهارت جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪ??ري ڪرڻ تي اتفاق ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ عالمي مالياتي ادارن تي ٻڌل ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو وڃي ته جيئن افغان عوام جي جائز بئنڪ??ري نظام تائين پهچ کي آسان بڻائڻ ۽ افغان عوام ج?? ليڪويڊيٽي چئلينجن کي گهٽ ??رڻ جي طريقن تي غور ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان کي افغان عوام جي غذائي تحفظ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جڏهن ته فوڊ سيڪيورٽي بابت اسلامي تعاون تنظيم کي انهن ڪوششن جي ??يادت ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي سياسي ۽ سماجي شموليت، انساني حقن خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي احترام ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان عالمي برادري جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مدد جي ??اءِ افغان عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. افغانستان ۾ خوفناڪ انساني صورتحال ۽ اتي معاشي بدحالي جي خطرن طرف اشارو ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته هي گڏيل تعاون جو هٿ وڌائڻ جو وقت آهي نه ڪي حمايت روڪڻ جو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪري ٿو ته انساني امداد بنا ڪنهن شرط جي ??راهم ڪئي وڃي. هن چيو ته افغانستان ۾ وڏي انساني بحران ۽ اقتصادي تباهي جا نتيجا تباهي آڻيندڙ هوندا. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، ڪانفرنس دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڇڪرائڻ جي ??اءِ تمام اهم آهي، هن وقت افغانستان ۾ جنگ نه ٿي رهي آهي، بک جو مسئلو آهي، ان مقصد جي ??اءِ افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.