ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڪراچي پريس ڪلب (ڪي پي سي) جي نئين چو??ڊي?? باڊي گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب پريس ڪلب جي نئين چو??ڊي?? باڊي ۾ ??در فاضل جميلي، سيڪريٽري رضوان ڀٽي، نائب ??در رشيد ميمڻ، ٽريزور وح??د راڄپر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري اسلم خان شامل هئا جڏهن ته گورننگ باڊي جي ميمبرن ۾ خليل ناصر، فاروق سميع، لياقت مغل، اطهر حسين، مونا خان، شازيه حسن ۽ نبيل اختر شامل هئا. ملاقات ۾ ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چو??ڊي?? باڊي کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ تسلسل ۽ اسلامي فلاحي معاشري جي قيام ۾ صح??فتي برادري جي ڪردار ۽ اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ صح??فين پيشيواراڻي ذميوارين جي دوران ايندڙ مشڪلاتن کان ??در ۽ گورنر سنڌ کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جمهوريت جي قيام ۾ صح??في برادري جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ڊاڪٽر عارف علوي صح??فين کي درپيش مسئلن جي حل جي خاطري پڻ ڪرائي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته صح??فين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ موجوده حڪومت قدم کڻي رهي آهي. سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته معاشرتي براين جي خاتمي لاءِ صح??في برادري جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي.