اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئل يونيورسٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي ڏورانهن ??لائقن خاص طور تي بلوچستان، سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سهولت لاءِ پنهنجي موجودگي وڌائي، ورچوئل يونيورسٽي ج?? دائري ڪار ۾ اض??في سان ڏورانهن ??لائقن جا ماڻهو ڪورسز ۽ اي لرننگ پروگرامن مان لاڀ پرائي ??گه??دا. مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ آن لائين تعلي?? ۽ ??ربيت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورچوئل يونيورسٽي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ورچوئل يونيورسٽي ج?? ريڪٽر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ملڪ ۾ اي لرننگ جي فروغ ۾ يونيورسٽي ج?? ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. بريفنگ جي دوران ٻڌايو ويو ته ورچوئل يونيورسٽي 2021ع ۾ 55 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي داخلا ڏني ج??ڪا نمايان ڪاميابي آهي. يونيورسٽي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب مقامي نوجوانن کي تعليم جي فراهمي لاءِ مقامي ڊگري ڪاليجز، يونيورسٽين ۾ ڪمپيوٽر ليبز قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽي انتظاميه کي عالمي معيار موجب ڪورسز ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. صدر ملڪ ۾ اي لرننگ جي فروغ ۾ يونيورسٽي ج?? ڪردار کي ساراهيو.