اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان وڏن شهرن جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ڇو ته وڏا شهر قومي معيشت جي ترقي جو حق??قي محرڪ آهن، لاڳاپيل عملدار وڏن شهرن جي ترقياتي اسڪيمن جي رستي ۾ ايندڙ ڪاوٽون ختم ڪن. هو وڏن شهرن جي منصوبابندي جي حو??لي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. هن چيو ته ٻهراڙي جي علائقن کان شهري علائقن ۾ آبادڪاري جي ڪري وڏن شهرن کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن انهن ۾ هائوسنگ، ملازمتن جا موقعا ۽ شهري ضرورتن کي کوٽ ٿي رهي آهي تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته وڏن شهرن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پيڪيج تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو وڏن شهرن جي رهواسين کي وڌ کان وڌ رليف پهچائڻ لاءِ مخ??لف ترقياتي اسڪيمن جي تڪميل جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻائين. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي، لاهور، ملتان، فيصل آباد، راولپنڊي ۽ گوجرانوالا جهڙن وڏن شهرن جي ترقي ۽ بهتري جي لاءِ گڏيل رابطا رکن ۽ جامع مه?? هلائي وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين، صنعت واري وزير مخ??وم خسرو بختيار، منصوبابندي واري و??اقي وزير اسد عمر شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، تعليم واري و??اقي وزير شفقت محمود، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.